جنگون وزيرِ اعظم يا آرمي چيف نه قومون وڙهنديون آهن: نگران وزيرِ اعظم

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) نگران وزيرِ اعظم انوار الحق ڪاڪڙ دهشتگردن کي واضح پيغام ڏيندي چيو آهي ته آپگهاتي حملا ڪندڙن کان نٿا ڊڄون، اِهي دوزخ جا ڪُتا آهن.

ڪراچيءَ ۾ مشهور ڪاروباري شخصيتن کي خطاب نگران وزيرِ اعظم چيو ته پُرامن اقتدار جي منتقلي اسان جي پهرين ترجيح آهي، سڀ يقين جي ڪيفيت ۾ اچن، اسان کي هڪٻئي کي ٻڌڻ جي شروعات ڪرڻ جي ضرورت آهي.

هن چيو ته اسان توانائي ۽ خوراڪ جي کوٽ، بيروزگاري ۽ مهانگائي جهڙن مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهيون، معاشي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ واپاري برادري جي ضرورت آهي، واپارين جي مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين.

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته انتهاپسندي ۽ عدم برداشت سان هر قيمت ۾ وڙهنداسين، شر پسندن جي آڏو  ڪڏهن به هٿيار ڦٽا نه ڪنداسين، ڪو غلط فهمي ۾ نه رهي ته هو ٿڪجي چڪا آهيون هي اسان جو گهر آهي ۽ اسان اِهو پنهنجي انداز سان هلائينداسين.

انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته ڪالهه هڪ ٻيو الميو ٿيو، اسان جا ڏهه جوان شهيد ٿيا، هي جنگون آرمي چيف يا وزيرِ اعظم نه پر قومون وڙهنديون آهن، شهادتون ماڻيندڙ پوليس، رينجرز ۽ پاڪ فوج جا جوان اسان جا ٻچا آهن، جوانن جي خدمتن جو اصل صلو پگهار ناهي پر عزت آهي.

هن چيو ته دهشتگرن غلط سمجهي رهيا آهن سندن واسطو ڪنهن سان پيو آهي، هي گمراهه هئا ۽ گمراهه آهن، معصوم جانيون وٺڻ کي ڪنهن به صورت ۾ جائز قرار نٿو ڏئي سگهجي، آپگهاتي بمبار دوزخ جا ڪتا آهن، سندن خلاف اسان جا حوصلا پست ناهن ٿيا ۽ اسان شهادت ڏيڻ کان نه ڪيٻائينداسين، دهشتگرد ڪجهه عرصي تائين وڙهي سگهن ٿا انهن ڊگهي عرصي تائين ويڙهه وڙهڻ جي سگهه ناهي.

نگران وزيرِ اعظم چيو ته بٽگرام ۾ مقامي ماڻهن، ضلعي انتظاميا ۽ پاڪ فوج جي گڏيل ڪوششن سان چيئر ليفٽ ۾ ڦاٿل ٻارن کي بچائڻ جو عمل مڪمل ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.