صدر مُلڪ ۾ عام چونڊن جي تاريخ طئي ڪرڻ لاءِ چيف اليڪشن ڪمشنر کي سڏائي ورتو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) هاءِ ڪورٽ صدر ڊاڪٽر عارف علوي مُلڪ ۾ عام چونڊن جي تاريخ جي فيصلي لاءِ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا کي خط لکي ڇڏيو.

صدر ڊاڪٽر عارف علوي طرفان چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا کي لکيل خط ۾ اڄ يا سڀاڻي ملاقات جي دعوت ڏني وئي آهي.

عارف علوي طرفان لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته صدر نوَ آگسٽ تي وزيرِ اعظم جي مشوري تي قومي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي، صدر آئين جي آرٽيڪل 48 ( 5 ) تحت عام چونڊون ڪرائڻ لاءِ  اسيمبلي ٽٽڻ جي تاريخ جي 90 ڏينهن اندر تاريخ مقرر ڪرڻ جو پابند آهي.

خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر کي اڄ يا سڀاڻي صدر سان ملاقات لاءِ دعوت ڏني وڃي ته جيئن عام چونڊن لاءِ مناست تاريخ طئي ڪري سگهجي.

ياد رهي ته اڳوڻي وزيرِ اعظم شهباز شريف ڏهه آگسٽ تي صدر ڏانهن قومي اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري اُماڻي هئي جنهن تي صدر عارف علوي ان ئي ڏينهن صحيح ڪندي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.