لاهور ( ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪالت ڪري عمران خان کي سٺو نٿو بڻائي سگهي.
توشا خانا ڪيس ۾ عمران خان طرفان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پاڪستان رمارڪس ڏنا ته توشا خانا ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ جو حڪم درست ناهي، جيڪڏهن ڪو فيصلو درست ناهي ته اسان ان ۾ مداخلت ڪري سگهون ٿا.
چيف جسٽس عمر عطا بنديال جو وڌيڪ چوڻ هو ته سڀاڻي تائين اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جو انتظار ڪيون ٿا ، ان کانپوءِ ڪيس جي ٻڌڻي ڪنداسين.
جنهن تي مريم نواز سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته چيف جسٽس پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪالت ڪري عمران خان کي سٺو نٿو بڻائي سگهي.
CJP pleading for IK doesn’t make IK look good, it makes CJP look bad. Very brazen.
— Maryam Nawaz Sharif (@MaryamNSharif) August 23, 2023
مريم نواز وڌيڪ لکيو ته ائين ڪرڻ سان چيف جسٽس پاڪستان جي ساک متاثر ٿيندي.