توشاخانا بابت ڪيس جي فيصلي ۾ ٽرائل ڪورٽ غلطيون ڪيون آهن: چيف جسٽس

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته توشا خانا ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ جو حڪم درست ناهي، جيڪڏهن ڪو فيصلو غلط آهي ته ان ۾ مداخلت ڪري سگهون ٿا.

پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف توشا خانا ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف ٻڌڻي چيف جسٽس عمر عطابنديال جي سربراهي ۾ ٿي.

ٻڌڻي دوران عمران خان جي وڪيل  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس خلاف بي اعتمادي جي درخواست داخل ڪندي چيو ته هاءِ ڪورٽ چار آگسٽ تي اوهان جي درخواستن تي فيصلو ڪيو، پنج آگسٽ تي ٽرائل ڪورٽ جي جج همايون دلاور اسان جي خلاف فيصلو ڏئي ڇڏيو.

جسٽس مندوخيل رمارڪس ڏنا ته سيشن عدالت خلاف ڪو اسٽي آرڊر نه هو، ان کي فيصلو ئي ڪرڻو هو.

پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل چيو ته پوءِ قانون ۾ 120 ڏينهن جي حد ڇو ڏني وئي آهي؟ سا سڄي عمر اِها تلوار ٽنگيل رهندي؟ جنهن تي جسٽس جمال مندوخيل چيو ته قانون ۾ لکيو آهي ته جڏهن ڊڪليئريشن جي ڪوڙي هجڻ جو پتو پوندو ته ان کانپوءِ 120 ڏينهن تائين شڪايت داخل ڪري سگهجي ٿي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلين جا اٺ کان وڌيڪ ميمبر آهن، اليڪشن ڪميشن سوين ميمبرن جي اثاثن جو جائزو هڪ سئو ويهه ڏينهن ته نٿو وٺي سگهي، 120 ڏينهن ڪڏهن شروع ٿيندا ان لاءِ دماغ جو استعمال ڪرڻو پوندو آهي، پنج آگسٽ تي اپيل جو فيصلو ٿي ويو، اوهان چئلينج به ڪري ڇڏيو.

جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته هاءِ ڪورٽ چيو ته اوهان کي تعصب  سان گڏ ٽرائل جي تيز رفتاري تي به اعتراض هو، جيڪڏهن ڪو فيصلو غلط آهي ته ان ۾ مداخلت ڪري سگهون ٿا، سُپريم ڪورٽ هتي هر جج جي تحفظ لاءِ ويٺي آهي، سُپريم ڪورٽ جي جج کان وٺي ماتحت عدالت تائين هر جج جي عزت برابر آهي.

ان دوران لطيف کوسي چيف جسٽس کي چيو ته سر، اسان اوهان لاءِ رت ڏنو آهي، اسان قانون جي حڪمراني ۽ عدليا جي آزادي لاءِ قرباني ڏني، جنهن تي جسٽس عمر عطا بنديال جواب ڏنو ته اسان کي خبر آهي اوهان اسان سان گڏ آهيو جڏهن ته جسٽس جمال مندوخيل چيو ته اوهان اسان لاءِ يا ڪنهن شخص لاءِ نه ڪرسي ۽ آئين لاءِ رت ڏنو آهي.

چيف جسٽس چيو ته توشا خانا ڪيس هڪ کان ٻي عدالت ۾ ائين نه اچڻ گهرجي ها، عدالتن جي هڪ ترتيب آهي، ٻيو ڀيرو توشا خانا ڪيس سُپريم ڪورٽ آيو آهي، بهتر ٿيندو ته پهريان هاءِ ڪورٽ فيصلو ڪري، هاءِ ڪورٽ چار آگسٽ جي فيصلي ۾ توشا خانا ڪيس بابت سوالن جي فهرست ٽرائل ڪورٽ اُماڻي هئي، ڇا ٽرائل ڪورٽ هاءِ ڪورٽ جي سوالن تي فيصلو ڪيو؟ .

جسٽس عمر عطا بنديال وڌيڪ چيو ته درخواست گذار جي شڪايت آهي هاءِ ڪورٽ فيصلو ڪرڻ بدران ڪيس واپس ٽرائل ڪورٽ ڏانهن اُماڻي ڇڏيو.

ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جي وڪيل امجد پرويز ايڊووڪيٽ چيو ته ٽرائل ڪورٽ فيصلي کان اڳ ٽي ڀيرا جوابدار کي موقعو ڏنو هو، جوابدار جي غيرحاضري تي ٽرائل ڪورٽ توشا خانا ڪيس جو فيصلو ڪيو.

ان تي جسٽس مظاهر نقوي چيو ته ٽرائل ڪورٽ دفاع جو حق ڏيڻ کانسواءِ توشا خانا ڪيس جو فيصلو ڪيئن ڪري ڇڏيو؟ مُلڪ جي ڪنهن به عدالت ۾ ڪرمنل ڪيس ۾ جوابدار کي دفاع جو حق ڏيڻ کانسواءِ ڪيس جو فيصلو ناهي ٿيندو، توشا خانا ڪيس جي فيصلي جي ايتري تڪڙ ڇو هئي؟ .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.