ڀارت ۾ تعمير ٿيندڙ پل ڪِري پئي، 17 پورهيت فوت

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ ريلوي جي تعمير ٿيندڙ پل ڪرڻ سبب 17 مزدور فوت ٿي ويا.

ڀارتي ميڊيا موجب اهو حادثو اتر اوڀر رياست ۾ پيش آيو جتي ميزورمواري هنڌ تعمير ٿيندڙ ريلوي جي پل ڪري پئي.

ڀارتي ميڊيا موجب اختيارين کي پل جي ملبي هيٺان وڌيڪ ماڻهن جي دٻيل هجڻ جو خدشو آهي جن جي ڳولا لاءِ حادثي واري هنڌ تي ريسڪيو آپريشن جاري آهي.

اختيارين جو چوڻ هو ته پل جي تعمير جي سائٽ تي 35 کان 40 مزدور ڪم ڪري رهيا هئا جنهن سبب وڌيڪ فوتگين جو خدشو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب ايزول شهر جي ضلعي سائرنگ جي علائقي ۾ ريلوي جي پر جي تعمير جو ڪم جاري هو جنهن دوران ڪِري پئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.