مٽياري ۾ قلم 144 لاڳو

 

مٽياري (ويب ڊيسڪ) شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي عرس مبارڪ جي حوالي سان مٽياري ضلعي ۾ پندرنھن ڏينھن لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي.

حيدرآباد جي ڪمشنر بلال احمد ميمڻ پاران شاھه عبداللطيف ڀٽائي رح جي عرس جي موقعي تي مٽياري ضلعي ۾ پندرنھن ڏينھن لاءِ 144 قلم لاڳو ڪيو ويو آهي.

شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو عرس مبارڪ 31 اگسٽ کان 3 سيپٽمبر تائين ڀٽ شاهه ۾ منعقد ٿي رھيو آھي، جنھن ۾ مٽياري ضلعي ۾ قلم 144 لاڳو ڪرڻ وارو ليٽر جاري ڪيو ويو آهي، عرس مبارڪ ۾ ھٿيارن جي نمائش تي مڪمل پابندي هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.