ڪراچي ( ويب ڊيسڪ )ايشياڪپ لاءِ ٽيمن جي پاڪستان آمد جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي، نيپال جي ٽيم ايونٽ ۾ شرڪت لاءِ ڪراچي پهچي وئي آهي.
نيپال جي ٽيم 24 هين آگسٽ تي ڪراچي ۾ پريڪٽس ميچ کيڏندي جڏهن ته 25 آگسٽ کي ٽريننگ سيشن ڪندي، نيپال جي ٽيم 26 آگسٽ تي ٻيو پريڪٽس ميچ کيڏندي.
Nepal cricket team welcomed in Karachi ahead of the #AsiaCup2023. They will practice for two days in Karachi and play a practice match on the third day before travelling to Multan on 27 August. pic.twitter.com/dXTBvHsmRp
— PCB Media (@TheRealPCBMedia) August 23, 2023
نيپال ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سان ايونٽ شيڊيول کان اڳ پاڪستان اچڻ جي درخواست ڪئي هئي.
پاڪستان ۽ نيپال وچ م ايشيا ڪپ جي پهرين ميچ 30 آگسٽ تي ملتان ۾ کيڏي ويندي.
ياد رهي ته ايشيا ڪپ جي شروعات 30 آگسٽ کان ٿي رهي آهي، پاڪستان ۽ سريلنڪا ۾ شيڊيول ميگا ايونٽ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون ٻه سپٽيمبر تي مهاڏو اٽڪائينديون.