اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال طرفان نيب قانون ۾ ترميم بابت اهم ريمارڪس سامهون آيا آهن.
ن ليگ اڳواڻ جاويد لطيف کي گرفتاري کان اڳ آگاهه ڪرڻ جي حڪم خلاف نيب اپيل تي ٻڌڻي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٿي.
نيب پراسيڪيوٽر رضوان ستي چيو ته جوابدار کي گرفتاري کان اڳ آگاهه ڪرڻ جو فيصلو قانون خلاف آهي، نيب ترميمون ماضي کان لاڳو ڪيون ويون.
چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جاويد لطيف جو ڪيس انڪوائري اسٽيج تي هو، ان وقت گرفتاري نه پئي ٿي سگهي.
نيب پراسيڪيوٽر چيو ته 3 جولاءِ 2023 جي ترميم کانپوءِ انڪوائري دوران به گرفتاري ٿي سگهي ٿي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته جولاءِ ۾ ٿيندڙ نيب ترميمون شڪي آهن، 3 جولاءِ تي ڪيل ترميمون عدالتي فيصلن سان ٽڪراءُ آهن.
چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته سوال جواب لاءِ گهرايل شخص کي جيل ۾ ڪيئن ٿو وجهي سگهجي؟ نيب قانون 2001 تائين ڊريڪونين هو، نيب قانون ۾ رمانڊ جو دورانيو گهٽ ڪرڻ ۽ ضمانت ڏيڻ جون ترميمون سٺيون آهن.
جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته نيب قانون جي تشريح عدالتي فيصلن ۽ آئين کي ڏسندي ئي ٿي سگهي ٿي.
سپريم ڪورٽ گرفتاري کان اڳ جوابدار کي آگاهه ڪرڻ جي حڪم خلاف نيب جي اپيل خارج ڪري ڇڏي ۽ ريمارڪس ڏنا ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو حڪم 3 جولاءِ جي ترميم کان اڳ جو آهي.
You might also like