” ڏُک ٿيندو آهي جڏهن ماڻهو پرچي پرچي جا نعرا لڳائيندا آهن“

همبنوٽوٽا (ويب ڊيسڪ ) قومي ٽيم جي اوپنر امام الحق چيو آهي ته مون کي ان وقت ڏُک ٿيندو هو جڏهن مان گهرڀاتين سان گڏ ڊنر يا ڪٿي به هوندو هيس ماڻهو پرچي پرچي چوندا هئا.

قومي بيٽر امام الحق هڪ ڊجيٽل انٽرويوءَ دوران پنهنجي ست سالا ڪرڪيٽ ڪيريئر تي گفتگو ڪئي جنهن ۾ هن پاڻ سان پيش آيل واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو.

امام الحق چيو ته مان ڪنهن کي به تنقيد جو جواب ناهي ڏيندو، پر مون کي ان وقت ڏک ٿيندو آهي جڏهن ته ماڻهو ڪا به ڳالهه غلط طريقي سان عوام جي آڏو بيان ڪندا آهن.

هن چيو ته اسان ڄاڻو ٿا ته عالمي سطح تي اسان مُلڪ جي نمائندگي ڪري رهيا آهيون، جيڪڏهن اسان پرفارم نه ڪنداسين ته تنقيد ڪئي ويندي پر اِها تنقيد هاڪاري هئڻ گهرجي، ڇو جو هاڪاري تنقيد ڪرڻ هر انسان جو حق آهي.

اسٽيڊيم ۾ پرچي جي نعرن تي ڳالهائيندي قومي ڪرڪيٽر چيو ته ان وقت مون کي دٻاءُ هو، منهنجي ست سالا ڪيريئر ۾ مون کان ڪيئي ڀيرا انٽرويو دوران اِها ڳالهه پڇي وئي آهي ۽ مان ڪيئي دفعا ان دٻاءُ کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، ائين محسوس ڪرايو ته مان ذهني طور مضبوط انسان آهيان، پر اِهو ڏاڍو ڏکيو مرحلو هو.

امام الحق جو چوڻ هو ته ميدان ۾ جڏهن ماڻهو مون کي پرچي پرچي چوندا هئا ته مان سوچيندو هيس ڇا ٿو ڪري سگهان؟ سوشل ميڊيا ته بند نٿي ڪري سگهجي نه ئي ڪنهن جا وات بند ڪري سگهون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.