ڪرپشن ۾ ملوث شخص لاءِ چيف جسٽس پنهنجو ڪيريئر داءَ تي  لڳائي رهيو آهي: نواز شريف

 

لنڊن (ويب ڊيسڪ) ن ليگ قائد ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف الزام هنيو آهي ته چيف جسٽس توشا خانا کان القادر ٽرسٽ تائين ڪرپشن ۾ ملوث شخص کي بچائڻ لاءِ سرگرم آهي.

لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته چيف جسٽس، عمران خان کي بچائڻ ۾ مصروف آهي، هو ڄاڻي ٿو ته اهو شخص ڪرپٽ آهي ۽ ان پاڪستان کي تباهه ڪيو آهي، هن اپوزيشن ۾ سواءِ احتجاج ۽ ڌرڻن جي ڪجهه نه ڪيو، اقتدار ۾ اچي به ڪا ڪسر نه ڇڏي.

سندس موجب اهو شخص ڌرڻن ۾ چوندو هو ته نواز شريف جي ڳچي ۾ رسو وجهي کيس گِهلي ڪڍندس، ان شخص لاءِ چيف جسٽس پنهنجي ڪيريئر کي داءَ تي لڳائي رهيو آهي، ڪير نٿو ڄاڻي ته ان شخص کي آڻيندڙ جنرل باجوا ۽ جنرل فيض هئا، ثاقب نثار جو رڪارڊ موجود آهي ته نواز شريف، مريم نواز کي جيل ۾ وجهڻو آهي ۽ عمران خان کي آڻڻو آهي، گڏوگڏ هن چيو ته هي انهن ماڻهن جو فيصلو آهي، اهي ڪير هئا؟ جنرل باجوا ۽ جنرل فيض هئا.

هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس اسان خلاف ڇا ڪجهه نه ڪيو، انهن بابت اندران شاهديون اچي رهيون آهن، جسٽس شوڪت صديقي سينيئر جج هو، ان جي شاهدي کان وڌيڪ ڇا ٿو ٿي سگهي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.