ڪراچي (ويب ڊيسڪ)وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سمنڊ پاڪستان جي معيشت، واپار ۽ پائيدار ترقي ۾ بنيادي اهميت رکي ٿو، جڏهن ته سنڌ جا سامونڊي ڪنارا ۽ سامونڊي وسيلا ترقي ۽ خوشحالي جا وسيع موقعا رکن ٿا.
ورلڊ ميري ٽائيم ڊي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وڏي وزير چيو ته ڪراچي بندرگاهه ۽ پورٽ قاسم کانپوءِ هاڻي ڪيٽي بندر کي ڊيپ سي پورٽ بڻائڻ جو عزم رکون ٿا.
هن چيو ته ڪيٽي بندر جي ترقي سان سنڌ جي سامونڊي پٽيءَ وارن علائقن ۾ معاشي سرگرمين، واپار، روزگار ۽ سيڙپڪاري جا نوان موقعا پيدا ٿي سگهن ٿا.
سيد مراد علي شاهه چيو ته محفوظ، ماحول دوست ۽ اثرائتو سامونڊي نظام پاڪستان جي پائيدار ترقي لاءِ اڻٽر آهي، ان لاءِ سامونڊي شعبي ۾ عالمي معيارن تي اثرائتي نموني عملدرآمد ڪرڻو پوندو.
هن چيو ته سامونڊي وسيلن کي جديد ٽيڪنالاجي ۽ جدت ذريعي ترقي جي نون موقعن ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو، جڏهن ته ميري ٽائيم شعبي ۾ مهارت، تربيت، جديد ٽيڪنالاجي ۽ انساني صلاحيتن ۾ واڌ وقت جي اهم ضرورت آهي.
وڏي وزير چيو ته ساحلي پٽيءَ وارن علائقن جي تحفظ سان گڏوگڏ انهن جي معاشي ۽ سياحتي صلاحيت مان ڀرپور فائدو وٺڻ ضروري آهي، سامونڊي گدلاڻ جو خاتمو ۽ سامونڊي جيوت جو تحفظ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي، جڏهن ته سامونڊي ۽ ساحلي ماحولياتي نظام جو تحفظ مستقبل لاءِ انتهائي اهم آهي.
سيد مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان هڪ محفوظ، سرسبز ۽ مضبوط ميري ٽائيم شعبي جي واڌاري لاءِ عالمي برادري سان گڏ بيٺل آهي، عالمي سامونڊي معيارن تي عملدرآمد سان پاڪستان جي سامونڊي شعبي ۾ وڌيڪ ترقي ۽ سيڙپڪاري جا موقعا پيدا ٿيندا.
هن چيو ته سمنڊ رڳو واپار جو ذريعو ناهي، پر روزگار، معيشت، ماحول ۽ مستقبل سان ڳنڍيل هڪ اهم قومي اثاثو آهي، سنڌ جي ساحلي علائقن جي ترقي، ماحولياتي تحفظ ۽ مقامي آبادي جي خوشحالي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي.
وڏي وزير چيو ته پاڪستان جي ساحلن، سامونڊي وسيلن ۽ ميري ٽائيم شعبي جي ترقي ملڪ جي معاشي خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.
سندس چوڻ هو ته سنڌ جا خوبصورت سامونڊي ڪنارا پاڪستان جي قدرتي حسن جو اهم حصو آهن ۽ انهن جو تحفظ اسان سڀني جي ذميواري آهي.
سيد مراد علي شاهه عالمي سامونڊي ڏينهن جي موقعي تي محفوظ، پائيدار ۽ ماحول دوست سامونڊي مستقبل لاءِ عزم ورجائيندي چيو ته پاليسي سازي کان عملي اپائن تائين ميري ٽائيم شعبي ۾ بهتري ۽ مهارت لاءِ اثرائتا قدم جاري رکڻا پوندا.
You might also like