فاطمه جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي سخت سزا ڏني وڃي: سنڌ بار

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ بارڪائونسل پاران خيرپور۾ 10سال جي فاطمه جي قتل ڪيس جي جاچ ۾ دير ڪرڻ تي سخت مذمت ڪئي وئي آهي .

سنڌبارڪائونسل چيو آهي ته قانون جا ادارا ان ڪيس جي صاف شفاف ۽ غيرجانبدار جاچ ڪن.

هنن چيو ته معصوم نينگري جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي سخت سزاڏني وڃي. سنڌ بارڪائونسل پنهنجي اعلان ۾ چيو آهي ته لاڳاپيل عملدارن کي قانوني مدد جي ضرورت هوندي ته سنڌ بار ڪائونسل ڏيڻ لاءِ تيار آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.