نگران وزيراعظم جي قائداعظم جي مزاري تي حاضري

ڪراچي(رپورٽر) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪالهه اڱاري ڏينهن باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي مزاري تي  حاضري ڀري. وزيراعظم باباءِ قوم جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي. هن مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر پڻ لکيا. سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري، سنڌ جو نگران وڏو وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ۽ ٻيا ڪابينا ميمبر پڻ ساڻس گڏ هئا. واضح رهي ته نگران وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ انوارالحق ڪاڪڙ جو ڪراچي جو هي پهريون دورو آهي.

ميٺادر ۾ ڪار چوري جو ڊرامو ڪندڙ ڊرائيور گرفتار

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي جي علائقي ميٺادر ۾ مالڪ جي ڪار چوري جي  واردات جو ڪوڙو ڊرامو ڪندڙ ڊرائيور گرفتار کي  پوليس گرفتار ڪري ورتو ڪار چوري جو انوکو واقعو سامهون آيو آهي، شهري ڊينسو هال اليڪٽرڪ مارڪيٽ پهتو ۽ ڊرائيور کي ڪار پارڪ ڪرڻ لاءِ ڏني ، ڊرائيور ڪار کي ٻي پارڪنگ ۾ پارڪ ڪري پوليس کي هيلپ لائن 15 تي فون ڪري اطلاع ڏنو  جنهن تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي.جڏهن ته پوليس اهلڪارن ڊرائيور کان جاچ ڪئي ۽ سي سي ٽي وي فوٽيجز حاصل ڪيون ته حقيقت سامهون آئي .

ٽيڪسٽائل مصنوعات جي روانگي واپار ۾ 14.9 سيڪڙو گهٽتائي

اسلام آباد(م ڊ) ٽيڪسٽائل مصنوعات جي روانگي واپار ۾ جاري مالي سال جي مهيني (جولاءِ ) ۾ سالياني بنيادن تي 14.9  سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي . پاڪستان جي انگ اکرن واري اداري مطابق جولاءِ ۾ ٽيڪسٽائل مصنوعات جي روانگي واپار سان ملڪ کي 1.31 ارب ڊالر جو مٽا سٽا وارو ناڻو حاصل ٿيو جيڪو گذريل سال جولاءِ جي مقابلي ۾ 14.9 سيڪڙو گهٽ آهي .

ڊاڪٽر عاصم خلاف ڪيس، ڌريون 30  آگسٽ تي طلب

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جي جي وي ايل ريفرنس ۾ ڊاڪٽر عاصم حسين سميت ٻين جي خلاف قومي ناڻي کي 17   ارب رپين جي نقصان پهچائڻ واري ڪيس جي بربت جي درخواست رد ڪرڻ جي خلاف اپيل جي ٻڌڻي ٿي. عدالت نيب سميت ٻين کي 30 آگسٽ جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. نيب پاران چيو ويو آهي ته ڊاڪٽر عاصم سميت ٻين من پسند ڪميپنن کي گئس فيلڊ جو ڪنٽريڪٽ ڏنو .عدالت ڌرين کي تفيصلي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي .يادرهي ته احتساب عدالت درخواست رد ڪئي هئي .

دهشتگرد ۽ سندن سرپرستن جي خاتمي تائين جنگ جاري رهندي:بلاول/آصف

ڪراچي(رپورٽر) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ڏکڻ وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي  جوانن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. بلاول هائوس جي ميڊيا سيل مان جاري بيان مطابق آصف علي زرداري شهيد جوانن جي پونئرن سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته مادر وطن کي دشمنن کان پاڪ ڪرڻ واري جنگ جاري رهندي، هوڏانهن پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڏکڻ وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي جوانن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته مادر وطن جي حفاظت ڪندي شهادت ماڻيندڙ قوم جا هيرو آهن. بلاول هائوس جي ميڊيا سيل مان جاري بيان مطابق بلاول ڀٽو زرداري سيڪيورٽي فورسز جي شهيد جوانن جي پونئرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته آخري دهشتگرد ۽ ان جي سرپرستن جي خاتمي تائين جنگ جاري رهندي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.