ڪراچي ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي جي ايف بي ايريا گلشن مصطفيٰ ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ تڪرار  دوران ٿي، ڪجهه بدمعاش حمزا نالي شخص جي گهرواري کي تنگ ڪري رهيا هئا. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي وقت حمزه ۽ اوباش نوجوانن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران مقتول فياض پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، اوباش نوجوانن جي فائرنگ سان فياض مارجي ويو. ماڻهن حمزا کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو، جڏهن ته جهيڙي ۾ ملوث 4 ڄڻا علي، ذيشان، نعمان ۽ ارسلان فرار آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ جو واقعو ذاتي تڪرار تان پيش آيو، هڪ ڄڻي کي حراست ۾ وٺي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. ٻئي طرف مقتول فياض جي ڀائٽي وقار جو چوڻ آهي ته فائرنگ جو واقعو ڦر جي مزاحمت تي پيش آيو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.