آڱوٺي ڏيکارڻ جا آداب

تحرير: امر جليل

اڄ جي قصي ۾ جنھن جج جو ذڪر خير آھي،ان جو تعلق جوڊيشري سان نھ آھي.ان جج جو تعلق نھ اسان جي ملڪ سان  آھي ۽ نه ئي اسان جي سماج سان . ان وضاحت جي پٺيان منهنجو خوف، منهنجو ڊپ آهي. مان نه ٿو چاهيان ته ڪو جج صاحب  منهنجي قصي جو نوٽيس وٺي ۽ فقير کي ڪنٽينمنٽ آف دي ڪورٽ تحت گھيرجي وڃي.  مان گھڻو پوڙهو ماڻهو آهيان.ھڪ  سپاهيءَ جي لوهي هٿ جي ڌڪ سان اڇا ڪارا پڌرا ٿي سگھن ٿا.پنهنجي اھڙي حشر نشر جو مون کي يقين آهي. مان پنھنجي ملڪ جي قانون ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن  ۽ انھن ادارن ۾ يڪسوئي سان ڪم ڪندڙ ڪارندن جي بي پناھ طاقت کان واقف آھيان ۽ مان اھو بھ  ڄاڻان ٿو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۾ڪم ڪندڙ  ڪڏھن قانون پنھنجي ھٿ ۾ کڻي وٺندا آھن.جڏهن اهي ماڻهو قانون پنھنجي هٿ ۾ کڻي وٺندا آھن تڏھن  دنيا جو ڪو به قانون روڪ ٽوڪ جي لاءِ انهن جي سامهون نٿو اچي سگهي.

اسان جو ڳڻپ تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪن ۾ ٿئي ٿو. اسان جي سماج جي عام ماڻهو به قانون کي هٿ ۾ کڻڻ جي عادت اختيار ڪري ورتي آهي. اهي ماڻهو انصاف لاءِ عدالت جو دروازو نٿا کڙڪائين. اهي پوليس کان رجوع  نٿا  ڪن. انهن ڳالهين کي ھو  پراڻا مدي خارج  قصا تصور ڪن  ٿا. اهي سڀ وقت اچڻ تي عدالت بڻجي ويندا آهن. پاڻ ئي عدالت  ۾ جج  بڻجي ٿي ويھي رھن ٿا.مقدمي جو ھٿو ھٿ جو فيصلو ٻڌائين ٿا ۽ ڏوھارين کي ڪيفر ڪردار تائين پھچائي ڇڏيندا آھن.خاص ڪري ٻھ ڏوھ اھي درگذر نٿا ڪن،ٻھ ڏوھ  اھي نظرانداز نٿا ڪن.ٻھ  ڏوھ اھي معافي جوڳا نٿا سمجھن ٿا.فورن فيصلوصادر ڪن ٿا ۽ ڏوھ  ڪندڙ کي اھي سرعام عبرتناڪ سزا ڏين ٿا.اھي ٻھ ڏوھ آھن،غيرت تي وار  ۽ٻيو ڏوھ  بلاسفيمي. زال بيوفائي ڪئي توھان بيوفائي محسوس ڪئي ۽ پوءِ غيرت ۾ اچي ڪري زال کي قتل ڪري ڇڏيو.توھان ڇاتي کولي پوليس کي ٻڌايو تھ غيرت ۾ اچي توھان پنھنجي زال کي قتل ڪري ڇڏيو،اھو ڪوننڍڙو معاملو نھ ھو،غيرت جو معاملو ھو،غيرت ۾ اچي ھڪ غيرتمند شخص انتھا جي حد پار ڪري سگھي ٿو.اھو قتل ڪري سگھي ٿو،ٽارچر ڪري سگھي ٿو،ڪنھن کي نيست و نابود ڪري سگھي ٿو،بدلي جي باھ،انسان کي ڪٿي جو نٿي ڇڏي،اھا توھان کي توھان جا بنيادي حق ياد ڏياريندي رھي ٿي.زال جئين تھ توھان جي لاٽري ۾ نڪري ٿي يا وري توھان ھڪ عدد زال ٻڌي اگهھ يا پرچون جي اگھه تي وٺي ٿا اچو ۽ توھان بجا طور تي پنجن ئي حواسن واري زال کي پنھنجي ملڪيت سمجھي ويھو ٿا، اھا توھان جي خدمت ڪري توھان لاءِ ماني ٺاھي،توھا لاءِ توھان جو وارث پئدا ڪري.اٽي ۾ لوڻ گھٽ يا وڌ پئجي وڃي تھ توھان ان کي ماريو  ڪٽيو.زال  جا ھڏ گڏ ڀڃي ڇڏيو،ھي اھي الوپ حق آھن جيڪي شادي کانپوءِ توھان کي وڃن ٿا.تنھنڪري توھان جڏھن چاھيو زال جي ڪردار ڪشي ڪري سگھو ٿا.توھان ان کي ڪيفر ڪردار تائين پھچائي سگھو ٿا.ھن جي ميڄالي ۾ گولي ھڻي سگھو ٿا.غيرت جي نالي تي توھان بي انتھا حقن جا مالڪ بڻجي ويٺا آھيو،ھونئن بھ ٻارن پئدا ڪندڙ مشين کي ٻار ئي پئدا ڪرڻا ھوندا آھن.مشين گھربل نتيجا ڏيڻ جي قابل نھ رھي،يعني مشين رڳو ڌيئر پئدا ڪري ۽ توھان کي پٽ يعني ولي عھد پئدا ڪري نھ ڏئي تھ اھڙي ناڪارھ مشين کي ٺڪاڻي لڳائڻ جو حق رکو ٿا.بھرحال مشين توھانجي ملڪيت آھي جيڪو چاھيون ان سان ڪري سگھو ٿا.بلاسفيمي جي لاءِ توھان جي اڪثريت سمورا حق حاصل ڪري ورتا آھن.ان ڪري توھان اڪثريت عوام جڏھن چاھيو ڪنھن کي بلاسفيمي جو ڏوھي قرار ڏيڻ بعد ان جون سرعام ڌڄيون اڏائي ڇڏيو،ڏنڊن،کوھ جي راڊن ۽ سيخن سان،اٽن پٿرن ۽ سيمينٽ جي ڳرن ڳرن بلاڪن سان ماري ماري ڪيفر ڪردار تائين پھچائي ڇڏيو.ملزم کي توھان پوليس ۽ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي ضرورت محسوس نٿا  ڪريو.توھان ملزم کي پڪڙيو ٿا،ان تي بيٺي بيٺي مقدمو ھلايو ٿا ۽ ان کي موت جي منھن ۾ وجھي ٿا ڇڏيو.

ننڍپڻ ۾ پيل عادتون مرندي تائين ساٿ نڀائين ٿيون.مون کي ڳالھھ ڪا ٻي ڪرڻي ھئي.پراڻو قصو کڻي ويھي رھيو آھيان.ننڍپڻ ۾ پيل عادتن مان توھان ننڍپڻ ۾ پيڇو نھ ڇڏايو تھ عادتون ڪڏھن توھان جو پيڇو نھ ڇڏين.ننڍپڻ جي عادتن مونکي ڪٿي جو ناھي ڇڏيو،مان توھان کي ھڪ قاتل جي ڪھاڻي ٻڌائڻ چاھي پئي.جج صاحب قاتل کان پڇيو ”مقتول تنھنجو نھ دوست ھو نھ تنھنجو دشمن ھو،تون تھ ان کي ٺيڪ سان سڃاڻندو بھ نھ ھئين.پوءِ تو ھن کي قتل ڇو ڪيو ؟“

قاتل چيو تھ ”ڏاندن جي ميل ۾ منھنجي ڏاندن سون جا چار تمغا کٽيا  ھئا.جيترا ماڻھون ميلي ۾ موجود ھئا انھن مونکي مبارڪون  ڏنيون.ھن بدبخت مقتول مونکي پري کان آڱوٺو ڏيکاريو.آڱوٺو سمجھو ٿا نھ اوھان ؟ ھن مونکي آڱوٺو ڏيکاريو.پوءِويجھو اچي ھن مونکي ٻنھي ھٿن جا آڱوٺا ڏيکاريا.ڪنھن کي آڱوٺو ڏيکارڻ اسان جي سماج ۾ فحش گار کان ڌيڪ خراب سمجھيوويندو آھي.مون اتي جو اتي خنجر ٽنبي ھن کي قتل ڪري ڇڏيو.اھو منھنجي غيرت جي تقاضا ھئي “توھان بھ ماحول۽ معاشري کي نظر ۾ رکندي سرخرو ٿيندڙ شخص کي آڱوٺو يا ٺٺيو نھ ڏيکاريندا وڃو.مفت ۾ مارجي ويندا.آڱوٺي ڏيکارڻ  جا آداب ٿيندا آھي.ڪنھن ڪامياب شخص کي آڱوٺي ڏيکارڻ جي لاءِ توھان جو انگريز ھئڻ ضروري نھ آھي.آڱوٺو ڏيکارڻ جي لاءِ توھان کي ڇري ۽ ڪانٽي سان کاڌو کائڻ ايندو ھجي.جيڪڏھن توھان نٿا ڄاڻو تھ ڪھڙي ھٿ ۾ ڇري ۽ ڪھڙي ھٿ ۾ ڪانٽو جھلڻ گھرجي.تھ پوءِ ڀلجي بھ ڪنھن کي آڱوٺو نھ ڏيکاريندا وڃو.پنھنجي ثقافتي ورثي جي حفاظت ڪرڻ سکو.

(روزاني جنگ جي ٿورن سان)

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.