ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري اداڪارا عائزا خان جي بولڊ فوٽو شوٽ تي مداح مٿس تنقيد ڪري رهيا آهن.
عائزا خان سوشل ميڊيا تي هڪ نئون فوٽو شوٽ شيئر ڪيو، جنهن ۾ هوءَ اڇي سلڪي سليو ليس لباس ۾ نظر ائي.
هن پوسٽ سان گڏ لکيو ته اهو فوٽو شوٽ عيد جي ڏينهن ڪيو ويو هو پر مصروفيت سبب وقت تي شيئر نه ڪري سگهيس.
پر مداحن کي عائزا خان جو اهو انداز نه وڻيو ۽ انهن کيس ياد ڏياريو ته هوءَ ماضي ۾ پاڻ چئي چڪي آهي ته سليو ليس لباس ناهي پائيندي ۽ سادگي کي ترجيح ڏيندي آهي.
واهپيدارن اداڪارا تي تنقيد ڪندي چيو ته اوچتو اها تبديلي ڇو؟ شايد وڌيڪ شهرت لاءِ ائين ڪيو پيو وڃي، توهان کي اهو انداز نٿو سونهي، مهرباني ڪري پنهنجي پراڻي اسٽائل تي واپس اچو.
ڪجهه واهپيدارن عائزا خان جي ان انداز کي ساراهيو به پر مجموعي طور تي ان فوٽو شوٽ تي اداڪارا تي تنقيد ڪئي پئي وڃي.
You might also like