ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روس پهرين اپريل کان دنيا کي پيٽرول جي فراهمي تي مڪمل پابندي جو باضابطا اعلان ڪري ڇڏيو.
روس جي اعلان کانپوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ هڪ ڀيرو ٿرٿلو مچي ويو، اها پابندي شروعاتي طور 31 جولاءِ 2026 تائين لاڳو رهڻ جو امڪان آهي.
ان فيصلي جو اثر انهن ملڪن تي پوندو، جيڪي روس جي ريفائنڊ پيٽرول تي ڀاڙيندا آهن، جن ۾ چين، ترڪي، برازيل ۽ آفريقا جا ڪيترائي ملڪ شامل آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب وچ اوڀر ۾ وڌندڙ جاگرافيائي سياسي ڇڪتاڻ ۽ تيل جي عالمي اگهن ۾ لاهن چاڙهن کي ڏسندي پيوٽن حڪومت پنهنجو بفر اسٽاڪ محفوظ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، روس چاهي ٿو ته ان جو عوام ۽ صنعتون سستي تيل مان فائدو کڻي سگهن ۽ ملڪ اندر مهانگائي قابو ۾ رهي.
واضح رهي ته روس دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ تيل پيدا ڪندڙ ملڪن ۾ شامل آهي، توڙي جو اها پابندي يوريشين اڪنامڪ يونين جي رڪن ۽ انهن ملڪن تي لاڳو نه ٿيندي، جن سان روس جا خاص معاهدا آهن پر خدشو آهي ته باقي دنيا لاءِ پيٽرول جا اگهه وڌي ويندا.
You might also like