زميني فوج آئي ته شارڪ جي خوراڪ بڻجي ويندي: ايران جي آمريڪا کي خوفناڪ نتيجن جي ڌمڪي

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران آمريڪا جي زميني فوج جي مداخلت جي صورت ۾ خوفناڪ نتيجن جي ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا ائين ڪيو ته ان جا فوجي شارڪ مڇيءَ جي خوراڪ بڻجندا.
ايراني ميڊيا موجب خاتم الانبيا هيڊ ڪوارٽرز جي ترجمان ابراهيم ذوالفقاري چيو ته اهو قدم آمريڪي فوج لاءِ شديد ذلت جو سبب بڻجندو، ايراني فوج ڊگهي عرصي کان اهڙي صورتحال لاءِ تيار ۽ جواب ڏيڻ جي منتظر آهي.
هن چيو ته ڪنهن به جارحيت يا قبضي جي ڪوشش جي صورت ۾ حملي آور فوج گرفتاري ۽ مڪمل تباهي جهڙن نتيجن کي منهن ڏيندي، آمريڪي ڪمانڊر ۽ فوجي نار فارس ۾ شارڪ مڇين جي خوراڪ بڻجي ويندا.
سندس چوڻ هو ته آمريڪي قيادت ايران جي تاريخ جو مطالعو ڪري ۽ ماضي ۾ پرڏيهي حملي آورن سان ٿيندڙ تجربن مان سکي، غلط فيصلو آمريڪي فوج جي وڏي پيماني تي جاني نقصان جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.