انقلاب مستقل مزاجي کانسواءِ ڪڏھن به نه ٿو اچي سگھي

تحرير: نعيم احمد شيخ

ڊگھي عرصي کان انقلاب جي اوسيئڙي ۾ ويٺل ھن ملڪ جا ماڻھون انقلاب به معجزاڻي طور ڏسڻ جا خواھشمند لڳن ٿا! انقلاب خاطر پاڻ پتوڙڻ ۽ انقلاب جون راھون ھموار ڪرڻ خاطر جيڪي مستقل مزاجي سان حڪمت عمليون جوڙڻ گھرجن انھن بغير انقلاب جو اچڻ ناممڪن آھي!

حقيقت ۾ اسانجو عوام ھن وقت مستقل مزاجي کان بلڪل ابتڙ چار ڏينھن چاھ واري رستي تي عمل ڪندي ڪنھن به ھڪڙي مسئلي تي مسلسل ۽ ڊگھي تحريڪ ھلائڻ جي موڊ ۾ ئي نظر نه ٿو اچي ـ اڃا وڌيڪ گھرائي واري ڳالھه ڪيون ته جيڪي چند نظرياتي دوست مستقل مزاجي جو مظاھرو ڪندي انقلاب خاطر ڊگھيون تحريڪون ھلائڻ جو آغاز ڪن ٿا ته عوام روايتي انداز ۾ انھن جو ساٿ ڏيندي ڪي چار يا پنج ڏينھن ته سرگرم نظر اچي ٿو پر ساڳي ريت ساڳيا ٽڪر ساڳ واري ڳالهھ ورجائيندي پنج ڏينھن گذرڻ باوجود ڇھين ڏينھن ڪٿي ڪنھن جو ڦوڪڻو به زوردار ڌماڪي سان ڦاٽي ٿو پوي ته عوام جو سمنڊ ان ڦوڪڻي جي ڦاٽڻ تي افسوس واريندي اھڙيون ڇوليون ٿو ھڻي جو تمام وڏيون ۽ ڊگھيون تحريڪون به ڏسندي ڏسندي ساڪن ٿيو وڃن ٿيون ـ ڳالهھ ڪنداسين سنگرار مان اغوا ٿيل معصوم نياڻي پريا ڪماري جي حوالي سان ته سال ۾ ڪي چار ڏينھن پريا ڪماري جي حق ۾ زوردار آواز بلند ٿئي ٿو اھڙو زوردار آواز جيڪو حڪومتن کي ڪميشنون ٺاھڻ تي مجبور ڪري ڇڏي ٿو ۽ وري ڪراچي مان ڪا جھرڪي اڏامي ٿي ته سموري سنڌ جي باشعور طبقي جو ڌيان ان جھرڪي ڏانھن ھليو وڃي ٿو ـ اھا جھرڪي جيترو وقت پنھنجي خوراڪ جي ڳولاءِ  ڪري ٿي اوترو وقت سمورو عوام ان جھرڪي تي بحث مباحثن ۾ شروع ٿي وڃي ٿو! جنھن سبب پريا ڪماري جو آواز دٻجي وڃي ٿو! ۽ عوام وري مزاح ۽ مشڪري واريون خدمتون ڏيندي نظر اچي ٿو!

عوام کي مزاڪ مشڪري ۾ رڌل ڏسندي ظالم صفت ماڻھون پنھنجي ظلم جو ھڪ وڌيڪ باب کوليندي جان محمد مھر جھڙي بيباڪ ۽ جاکوڙي توڙي ارڏي ڪردار کي سکر شھر ۾ گوليون جو کاڄ بڻائي سڄي سنڌ جي شعور لاءِ  ھڪ اھڙي غم خوار فضا قائم ڪري ڇڏين ٿا جيڪا ڪيترن ئي ڏاھن ۽ داناء ذھن باشعور ماڻھن کي اھو سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏي ٿي ته آخر سنڌ جا حالات ڪڏھن سڌرندا به يا جيئن ڏسڻ ۾ اچي ٿو اھڙي ريت ھر روز سنڌ جا حالات بد کان بدتر ٿيندا ويندا!

وري ھڪ ٻي مشھور چوڻي ياد ٿي اچي ته ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه! واري فارمولي تحت سنڌ جو عوام جان محمد مھر جي ناحق خون ۽ ظالم صفت قاتلن جي گرفتاري جي مطالبي تحت احتجاجي مظاھرا ڪري روڊ رستا بند ڪري ۽ سوشل ميڊيا تي ٽرينڊ جي صورت ۾ ھر ھڪ ماڻھون جان محمد مھر جي حق ۾ ڪي چار يا پنج ڏينھن مسلسل آواز اٿارڻ کانپوءِ  ڇھين ڏينھن ٻيھر خاموشي اختيار ڪندي وري ڪنھن جھرڪي جي حوال پروگرام تي لڳي سنڌ جي آئيڊيل صحافي جان محمد مھر جھڙي ماڻھون جي قتل کي به وساري ڇڏين ٿا! افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته جان محمد مھر جي سوڳ مان اڃا دل دماغ مڪمل آزاد ئي نه ٿا ٿين ته مٿان وري ميرپور ماٿيلي ۾ ھڪ ٻئي ارڏي ۽ ڏھيسر صحافي نصر الله گڏاڻي کي گولين جو کاڄ بڻايو وڃي ٿو!

ڪراچي کان ميرپور ماٿيلي ويندي نصر الله گڏاڻي جي چچريل لاش جي سنڌ جي وک وک تي سخت گرمي ۾ اھڙي آجيان ٿي ڪئي وڃي جو سنڌ جي تاريخ ۾ اھڙو جنازو ڪڏھن ڪنھن سردار ڀوتار ۽ جاگيردار جو جنازو به ڪڏھن ڪنھن مثال ۾ نه ڏٺو ۽ نه وري ڪو ٻڌو وڃي ٿو! جھڙو جنازو نصر الله گڏاڻي جو اسان ڏٺوسين ـ اھڙي افسوسناڪ واقعي خلاف ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ رھندڙ سمورن سڄاڳ ڌرين ۽ ساڃاھ وندن پاران گھري ڏک سان گڏ مذمتي تحريڪون ھلائي سنڌ جي ڀوتارن ـ سردارن ۽ وڏيرن جا ڪوٽ قلعا لوڏيا ته ويا پر روايتي انداز برقرار رکندي چار ڏينھن چاھ وارا سخت ڪاوڙ ۽ غصي جو مظاھرو ته ڪيو ويو پر افسوس تڏھن ٿو ٿئي جڏھن وري ساڳي انداز ۾ نصر الله گڏاڻي جي حق ۾ اٿاريل آواز به ڪجهھ عرصي کانپوءِ  خاموش ٿيندي ڏٺوسين!

نصر الله گڏاڻي جي قاتلن کي اڃا پنھنجي انجام تائين مس پھچايوسين ته واقعو ٿي ويو سانگھڙ جي ظالم وڏيري پاران اٺ جي ڄنگهھ ڪٽڻ وارو وري ڇا ڏٺوسين سنڌ جي شعور کان سڀ ڳالھيون وسري ويون بس ھر ھڪ ماڻھون سوشل ميڊيا تي زخمي اٺ ۽ ظالم وڏيري خلاف پنھنجو مورچو سنڀالي ورتو! اٺ وارو معاملو به اڃا چڱي طرح حل ئي نه ٿيو ته وري جنم ورتو سکر بئراج جي دروازي نمبر 47 واري معاملي! جيڪو آبپاشي کاتي جي نااھلي ۽ ھر سال رليز ٿيندڙ بجيٽ ۾ گھوٻين سبب درياهه لڙھي ويو!

سڄي سنڌ جو باشعور طبقو 47 نمبر دروازي جي ڳولا  ڪندي سوشل ميڊيا کي سنڌو درياهه بڻائي ڇڏيو!آخر ۾ سنڌ جي باشعور طبقي سان مخاطب ٿي ايترو عرض ڪندس ته ھن وقت اوھان وٽ دنيا جي وڏي ۾ وڏي طاقت سماجي رابطن واريون جيڪي سھولتون اچي چڪيون آھن انھن مان وڌ ۾ وڌ فائدو حاصل ڪندي پنھنجي لاءِ  ۽ پنھنجي ايندڙ نسلن جي بقا خاطر مستقل مزاجي جو مظاھرو ڪندي تيستائين ڪنھن مسئلي مان ھٿ نه ڪڍو جيستائين اھو مسئلو پنھنجي انجام تائين نه ٿو پھچي!

ائين نه ٿو چوان ته اجمل ساوند جي قاتلن خلاف تحريڪ ھلائيندي جان محمد مھر جي قتل ڏانھن ڏسو ئي نه ۽ وري جان محمد مھر جي قتل واري تحريڪ ھلائيندي پريا ڪماري جي بازيابي جي حق ۾ ڪا به تحريڪ نه ھلايو ۽ وري ائين به نه ٿو چوان ته پريا ڪماري جي ڪري نصر الله گڏاڻي جي قتل کي نظر انداز ڪيو آخر ۾ ته ايترو به چوندس ته نصر الله گڏاڻي جي حق ۾ آواز اٿارڻ سان گڏ بيگناھ اٺ کي زخمي ڪندڙ ان ظالم وڏيري ۽ سکر بئراج جو دروازو لوڙھيندڙ آبپاشي کاتي جي ڪرپشن تي به مسلسل ڳالھائيندا اچو!

پر عرض ايترو آھي ته مزاق مشڪري ۽ راند روند توڙي فن ۽ انٽرٽئنمينٽ بجاءِ مسئلن جي دلدل ۾ ڦاٿل ماضي جي خوشحال ۽ شاھوڪار سنڌ جي موجوده مظلومي بيوسي ۽ لاچاري توڙي ويچارڳي تي مسلسل آواز اٿاريندا اچو ڪنھن ھڪ ظالم سان رعايت يا ڪو ھڪ ظالم به پنھنجي انجام کان رھجي ويو ته ظلم اڃا وڌيڪ ٿيندو ۽ ظالم کي ته ڄڻ ڇوٽ ملي وئي ته ھن کي جيڪو وڻي اھو ڪري! پوءِ  اھو گھٽ ڇو ڪندو؟اسانجو عرض آھي ته پنھنجي خدمتن ۾ مستقل مزاجي وارو جذبو آڻيو سنڌ پنھنجو پاڻ خوشحال بڻجي ويندي

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.