ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملائيشيا جي اڳوڻي فٽبال ليجنڊ داتوڪ عبده الف 40 سالن کان وڌيڪ عرصي تائين پروفيشنل فٽبال کان پري رهڻ کانپوءِ 72 ورهين جي عمر ۾ شادي ڪري ورتي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، داتوڪ عبده الف 27 آگسٽ تي پاڻ کان اٽڪل 50 سال ننڍي ڇوڪري سان شادي ڪئي، جنهن جي تصديق سندس ننڍي ڀاءُ داتوڪ يونس الف ڪئي آهي، جيڪو پاڻ پڻ اڳوڻو قومي رانديگر ۽ ڪوچ آهي.
رپورٽ موجب، داتوڪ عبده الف جي گهرواري جي عمر 20 سال ٻڌائي پئي وڃي.
فٽبال ليجنڊ ۽ سندس گهرواري جون تصويرون سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿيڻ کانپوءِ اها شادي خاص ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي آهي.
داتوڪ يونس ٻڌايو ته شادي ٻنهي خاندانن جي رضامندي سان ٿي آهي، اسان دعاگو آهيون ته ٻئي خوش رهن.
يونس موجب، ممڪن آهي ته سندس ڀاءُ هن وقت هني مون تي هجي، ان ڪري فون جو جواب نه ڏئي رهيو آهي. تنهن هوندي به اها ڳالهه يقيني آهي ته ٻنهي جي شادي ٿي چڪي آهي ۽ اسان ٻنهي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريون ٿا.
واضح رهي ته داتوڪ عبده الف ملائيشيائي فٽبال جي تاريخ ۾ نمايان مقام رکي ٿو.
خاص طور تي 1970ع واري ڏهاڪي جي آخر ۽ 1980ع واري ڏهاڪي جي شروعات ۾ قومي ٽيم جي سونهري دور دوران سندس اهم ڪردار رهيو.
هو ملائيشيا جي ان ٽيم جو حصو هو، جنهن فيصلائتي ڪواليفائنگ ميچ ۾ ڏکڻ ڪوريا کي 1-2 تان شڪست ڏئي 1980ع جي ماسڪو اولمپڪس لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو هو، ان باوجود اولمپڪس ۾ کيڏڻ جو سندس خواب پورو نه ٿي سگهيو، ڇاڪاڻ ته افغانستان تي سوويت يونين جي حملي خلاف احتجاج طور ملائيشيا 1980ع جي ماسڪو اولمپڪس جو بائيڪاٽ ڪيو هو.
72 ورهين جي ملائيشين فٽبال ليجنڊ جو پاڻ کان 50 سال ننڍي ڇوڪريءَ سان پرڻو، تصويرون وائرل
You might also like