انسٽاگرام ۾ واهپيدار لاءِ هڪ نئون فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي.
هن فيچر ذريعي توهان کي ٽيگ ڪيل فوٽوز کي پنهنجي مين پروفائل گرڊ ۾ نمايان ڪري سگهندا.
رپورٽ موجب انسٽاگرام ۾ اڳ ئي Tagged ٽيب موجود آهي، جتي توهان اهي سڀئي پوسٽون ڏسي سگهو ٿا، جن ۾ توهان کي ٽيگ ڪيو ويو هجي.
جيڪڏهن ڪا اهڙي پوسٽ هجي، جنهن کي توهان پنهنجي مين گرڊ ۾ ڏيکارڻ چاهيو ٿا ته هاڻي اهو ممڪن بڻايو ويو آهي.
ڪمپني موجب، توهان پنهنجي پسنديده گروپ فوٽوز سان گڏوگڏ يادگيرين يا ٻين پوسٽن کي به پنهنجي مين گرڊ ۾ شامل ڪري سگهندا.
ٽيگ ڪيل پوسٽ کي مين گرڊ تي شامل ڪرڻ جا ڪيترائي طريقا هوندا.
توهان اهو سڌو سنئون DM نوٽيفڪيشن ذريعي ڪري سگهندا، يا ٽيگ ڪيل پوسٽ جي مٿي ساڄي پاسي موجود ٿري ڊاٽ مينيو مان به اهو آپشن چونڊي سگهندا.
ان کانسواءِ ، توهان Tagged ٽيب ۾ موجود ڪنهن پوسٽ کي دٻائي رکڻ سان به ان کي مين گرڊ ۾ شامل ڪري سگهندا.
جيڪڏهن توهان ڪنهن وقت ان پوسٽ کي گرڊ مان هٽائڻ چاهيو ته اهو پڻ آسانيءَ سان ڪري سگهندا.
اهي سڀئي ٽيگ ڪيل پوسٽون گرڊ تي رورس ڪرونولوجيڪل آرڊر ۾نظر اينديون، پر توهان انهن کي پنهنجي مرضي مطابق ٻيهر ترتيب ڏئي سگهندا.