دهشتگردي ۽ رياستي ادارن تي حملن جا الزام، سهيل آفريدي سميت 24 پي ٽي آءِ اڳواڻن جا پاسپورٽ بلاڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ سان واسطو رکندڙ 24 ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جا پاسپورٽ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ابوالحسنات محمد ذوالقرنين پاسپورٽ بلاڪ ڪرڻ بابت فيصلو جاري ڪيو.
پوليس طرفان ڪوهسار ٿاڻي ۾ داخل ڪيس ۾ جوابدارن جا پاسپورٽ بلاڪ ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي هئي.
عدالت خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي جو پاسپورٽ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو.
ان کانسواءِ اسد قيصر، شهريار ترڪئي، شاهه احد، شير علي ارباب، محمد اقبال آفريدي، ڊاڪٽر امجد علي، جنيد اڪبر، شاهد خٽڪ، زبير وزير، عمر ايوب، ارشد عمر زئي، زر عالم، ميان عمر، اختر خان، همايون خان، رياض خان، عبدالڪبير خان، طفيل انجم، آصف محسود، عجب گل، محمد عثمان، بابر سليم سواتي، عرفان سليم، ايڊووڪيٽ علي زمان ۽ ملڪ شهاب جا پاسپورٽ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو.
عدالت قرار ڏنو ته دستياب رڪارڊ موجب، جوابدار هن ڪيس ۾ نامزد آهن، جڏهن ته جاچ آفيسر موجب جوابدار قانوني ڪارروائي کان بچڻ لاءِ ملڪ مان فرار ٿي سگهن ٿا.
عدالت چيو ته جوابدارن تي رياستي ادارن تي حملن ۽ دهشتگردي کي هٿي ڏيڻ جهڙا سنگين الزام آهن، جڏهن ته اهي عدالت آڏو پيش ٿيڻ ۾ پڻ ناڪام رهيا.
عدالت موجب، جن جوابدارن عبوري ضمانت حاصل ڪئي، اهي به ڪيس ۾ جاچ شامل نه ٿيا.
عدالت جاچ آفيسر جي جوابدارن جا پاسپورٽ بلاڪ ڪرڻ واري درخواست منظور ڪندي ايف آءِ اي کي هدايت ڪئي ته ايندڙ حڪمن تائين جوابدارن جا پاسپورٽ بلاڪ ڪيا وڃن.

You might also like