ممبئي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي پنجابي گلوڪار دلجيت دوسانجھه لنڊن جي ويمبلي اسٽيڊيم ۾ استاد نصرت فتح علي خان جي مشهور قوالي ’سانسون ڪي مالا‘ ڳائي مداحن کي جهومائي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب ان موقعي تي ويمبلي اسٽيڊيم مداحن سان مڪمل طور ڀريل هو. وڏي انگ ۾ شوقينن پنهنجي موبائل فونن جون لائيٽون روشن ڪري ڇڏيون، جنهن سان سڄو اسٽيڊيم روشنين سان جرڪي اٿيو، جڏهن ته دلجيت مشهور ڪلاسيڪل قوالي پيش ڪري مداحن کي جهومائي ڇڏيو.
نصرت فتح علي خان پهريون ڀيرو هي قوالي 1979ع ۾ ڀارت جي پنهنجي پهرين دوري دوران لائيو پيش ڪئي هئي. ان وقت اداڪار ۽ فلمساز راج ڪپور پنهنجي پٽ رشي ڪپور جي شادي جي تقريب ۾ کيس ڳائڻ لاءِ دعوت ڏني هئي.
دلجيت دوسانجھه جي پرفارمنس جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن، جڏهن ته واهپيدارن طرفان به گلوڪار کي ڀرپور داد ڏني پئي وڃي.
ڀارتي گلوڪار اها پرفارمنس 12 سيپٽمبر تي ويمبلي اسٽيڊيم ۾ ٿيل ڪنسرٽ دوران پيش ڪئي، جيڪو سندس ’آورا ورلڊ ٽور 2026ع‘ جو حصو هو. هي ٽور سندس البم ’آورا‘ جي چوڌاري ترتيب ڏنو ويو آهي، جيڪو 15 آڪٽوبر 2025ع تي رليز ٿيو هو.