محمد علي پٺاڻ، رڳو هڪ نالو ناهي، هي سنڌ جي علم، ادب، تاريخ ۽ فڪري جدوجهد جو هڪ جيئرو جاڳندو باب آهي، جيڪو اڄ ڪراچي جي ڪلفٽن واري علائقي ۾ نيشنل ميڊيڪل سينٽر جي هڪ ڪمري ۾ خاموشي سان پنهنجي زندگي جا بچيل پساهه ڳڻي رهيو آهي۔ هي اهو شخص آهي، جنهن سڄي زندگي سنڌ لاءِ لکيو ، سنڌ لاءِ سوچيو، سنڌ لاءِ تڙپيو، ۽ اڄ جڏهن پاڻ ڏک ۾ آهي ته سنڌ جهڙي حساس ۽ شعور رکندڙ ڌرتي جي ماڻهن جي خاموشي دل کي ڏاري ڇڏيو آهي
محمد علي پٺاڻ چاليهن کان وڌيڪ مختلف موضوعن تي ڪتاب لکيا آهن۔ هن تاريخ، سماج، طبقاتي ناانصافين، انساني بي حسي، ثقافتي زوال ۽ سنڌ سان ٿيندڙ ويساه گهاتين تي قلم کنيو۔ سندس هر سٽ ۾ هڪ درد سمايل آهي، هر لفظ ۾ هڪ احتجاج آهي، ۽ هر ڪتاب سنڌي سماج جي آڏو رکيل هڪ آئنو آهي۔ هن سنڌ جي وساريل ڪردارن کي ياد ڏياريو، هن مظلوم ماڻهن جي آواز کي لفظن ۾ بدلائي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ڪيو۔ پر اڄ اهو ئي ليکڪ، جيڪو ٻين لاءِ آواز بڻيو، پاڻ اڄ خاموشي ۽ ويراني ۾ اڪيلو بيماري جي بستر تي پيو آهي۔ نيشنل ميڊيڪل سينٽر جي بستري تي پيل محمد علي پٺاڻ اکيون اسپتال جي در ۾ کوڙي ويٺو آهي ته شايد ڪو سنگتي، ڪو اديب، ڪو سياسي اڳواڻ، ڪو سماجي ڪارڪن سندس پڇا ڳاڇا لاءِ اچي۔ پر افسوس… وقت گذرندو پيو وڃي ۽ دروازي تي خاموشي ڇانيل آهي۔
اهو ئي سماج جنهن لاءِ هن قلم کنيو، جنهن جي تڪليفن کي هن لفظن ۾ بيان ڪيو، اڄ ساڳيو سماج هن کي وساري ويٺو آهي۔ اهو ئي وقت آهي جڏهن سنڌ سرڪار، اديب، ليکڪ، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن کي اڳتي اچي هن محسن جي قدرداني ڪرڻ گهرجي ها، سندس علاج لاءِ قدم کڻڻ گهرجن ها، پر هيل تائين ڪا به موئثر اڳڀرائي نظر نٿي اچي۔
اهو سوال اسان سڀني کان پڇي رهيو آهي ته ڇا اسان جا اديب، ليکڪ ۽ فڪري رهنما صرف ڪتابن تائين محدود آهن؟ ڇا سندن قدر صرف تڏهن ڪيو ويندو آهي جڏهن هو اسان کان هميشه لاءِ جدا ٿي وڃن؟
محمد علي پٺاڻ سان جڏهن فون تي ڳالهه ٿي ته سندس آواز ڪمزور، نماڻو ۽ روئڻهارڪو هو۔ هن جي لفظن ۾ هڪ عجيب اداسي هئي۔ هن چيو: ”ڪو به پڇڻ ناهي آيو… مالي تنگي جو شڪار آهيان… 40 ڪتاب سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ لکيا آهن… پوءِ به اڄ ننڌڻڪو پيو آهيان“ اهي لفظ رڳو هڪ فرد جي شڪايت نه هئا، اهي سنڌ جي اجتماعي ضمير کي جهٽڪو ڏيڻ لاءِ ڪافي هئا۔ هڪ ليکڪ جيڪو سڄي عمر ٻين جي درد کي لکندو رهيو، اڄ پنهنجي درد سان اڪيلو ويٺو آهي۔
اسان جو الميو اهو آهي ته جڏهن ڪو اديب، شاعر يا دانشور اسان کان وڇڙي وڃي ٿو ته پوءِ اسان تعزيتي بيان جاري ڪندا آهيون، سيمينار منعقد ڪندا آهيون، يادگيريون لکنداسين، ۽ کيس عظيم شخصيت قرار ڏينداسين۔ پر جڏهن اهو شخص زنده هوندو آهي، تڏهن اسان وٽ نه وقت هوندو آهي، نه توجهه ۽ نه ئي احساس۔ سنڌ جي تاريخ اهڙين بي قدري جي واقعن سان ڀريل آهي۔ ڪيترائي اديب، شاعر ۽ دانشور خاموشي سان هن دنيا مان هليا ويا ۽ پوءِ اسان سندن نالن تي تقريبون منعقد ڪري پاڻ کي فرض کان آجو سمجههندا رهياسين۔
اڄ محمد علي پٺاڻ جي صورت ۾ تاريخ وري پاڻ کي ورجائي رهي آهي۔ هو اڃان زنده آهي، اڃان سندس اکين ۾ اميد جا ڏيئا ٻري رهيا آهن، اڃان هو پنهنجي سنگين جي اچڻ جو انتظار ڪري رهيو آهي۔ سنڌ جي اديبن، ليکڪن، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن، انساني حقن جي علمبردارن ۽ سنڌ سرڪار کي گهرجي ته هو فوري طور محمد علي پٺاڻ جي علاج لاءِ قدم کڻن، سندس مالي مدد ڪن ۽ کيس اهو احساس ڏيارين ته سنڌ پنهنجي محسنن کي وساريندي ناهي۔
سنڌ جي مٽي مان جنم وٺندڙ اهڙيون شخصيتون صدين ۾ پيدا ٿينديون آهن۔ انهن جو قدر ڪرڻ صرف سندن ذميواري ناهي، پر اسان سڀني جو اخلاقي فرض آهي۔ خدا نه ڪري جيڪڏهن محمد علي پٺاڻ کي ڪجهه ٿي ويو ته پوءِ شايد اسان ٻيهر افسوس ڪنداسين، بيان ڏينداسين، ۽ کيس ياد ڪنداسين۔ پر ان وقت اهي سڀ ڳالههيون بي معنيٰ هونديون۔
اڄ وقت آهي، اڃان موقعو آهي، اڃان محمد علي پٺاڻ زنده آهي۔ اچو ته سندس در تي وڃون، سندس هٿ پڪڙيون، کيس اهو احساس ڏيارين ته سنڌ پنهنجي محسنن کي اڪيلو نٿي ڇڏي۔ ڇاڪاڻ ته سنڌ کي ايڏي بي حسي سونهِين ڪونه ٿي۔