ايران آمريڪا ۽ اسرائيل جن ۾ پيدا ٿيل عالمي صورتحال جتي توجھ جي گهرجائو آهي اتي ان عالمي پس منظر عالمي قوتن کي به غور ڪرڻ تي مجبور ڪري وڌو آهي۔ اھڙيء جنگي صورتحال ۾ پيدا ٿيل بحران عالمي طاقتن جي سوچ ۽ فڪر کان مٿانهيءَن صورتحال پيدا ڪري ورتي آهي۔ انھيءَ معاملي ۾ مسلم رياستن مان پاڪستاني رياست ۽ قيادت واحد رستو آھي، ايران آمريڪا جي وچ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ۔ ان سلسلي ۾ پاڪستان رياست ۽ قيادت جي صورت جيڪو سفارتي ڪردار ادا ڪري سامھون اچي بيٺو آهي سو پڻ ساراھ جوڳو عمل چئجي ته غلط نه ٿيندو۔
ان سلسلي ۾ پرڏيھي ميڊيا جي خبرن موجب پاڪستان پنھنجي سفارتي حڪمتي عملي ۾ وڏو ڪامياب ويو آھي۔ ان بنياد تي ھڪ آمريڪي اخبار جو چوڻ آھي ته پاڪستان جي اڳواڻن آمريڪي صدر ٽرمپ ۽ ايراني صدر مسعود پزشڪيان سان ويجھا رابطا رکيا۔ اھي رابطا پاڪستان وچ اوڀر ۾ امن لاءِ ڀرپور سفارتي ڪوششون ڪيون، جڏھن ته ٽيليفونڪ سفارتڪاري جو اھم ڪردار رھيو۔ آمريڪي اخبار پنھنجي تبصري ۾ چيو آھي ته وزير اعظم شھباز شريف، وزير خارجه اسحاق ڊار ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جن مسلسل سفارتي رابطن جي ذريعي خطي ۾ امن بحال ڪرڻ وارين ڪوشش م مصروف آھن۔ اھڙي نموني پاڪستان جي سفارتي ڪردار تي مختلف ملڪن جا نمائندا ۽ عالمي ادارا پنهنجا بيان ڏيندا رهيا آهن۔ جيئن ڪجھه پرڏيھي نمائيندن پاڪستان جي سفارتي ڪوششن تي ھيٺيان بيان اظھاريا آھن۔ چين جي پرڏيهي وزارت پاڪستان جي علائقائي امن لاءِ ڪيل ڪوششن کي "مخلص ۽ تعميري” قرار ڏنو آهي۔ خاص طور تي، چين پاڪستان جي ايران-آمريڪا ڇڪتاڻ ۾ ٽياڪڙي جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته پاڪستان علائقائي استحڪام لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي۔ اھڙي طرح سعودي عرب جي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان پاڪستان جي ڪردار کي "مثالي” قرار ڏنو۔ ھن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ٻنهي ملڪن کي ڳالهين لاءِ تيار ڪرڻ ۾ مدد ڪئي۔
جڏھن ته ترڪ صدر رجب طيب اردگان به پاڪستان جي سفارتڪاري کي ساراهيو آهي۔ھوڏانھن اقوام متحده جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتيرس پاڪستان جي پرامن ڪوششن کي "مثبت مثال” سڏيو ۽ چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ اڳواڻي ڪري رهيو آهي۔ روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف به پاڪستان جي سفارتڪاري کي ساراهيو، خاص ڪري افغان امن عمل ۾ پاڪستان جي سهڪار تي روس جي حمايت جو اظهار ڪيو۔
ھن وقت اھڙي صورتحال ۾پاڪستان جي رياست ۽ رياستي قيادت جيڪو ڪردار ادا ڪري ھتي اچي صورتحال بيھاري آهي ته ايران آمريڪا ھڪ ٻئي اڳيان شرط رکي ڇڏيا آهن۔ آمريڪا جا 15 شرط پاڪستان معرفت ايران ڏانھن پھتا آھن، اھڙي ريت ايران جا 6 اسٽريٽجڪ مطالبا پاڪستان معرفت آمريڪا کي پھچايا ويا آھن۔ سفارتي حلقن جي ويجھو رھندڙ ذريعن جو چوڻ آھي ته تمام جلد ايران ۽ آمريڪا جي نمائيندن وچ ۾ اسلام آباد ۾ ڳالھيون ٿي سگهن ٿيون۔ اسلام آباد جي سفارتي ھوائن کي ويجهڙائپ کان ڏسندڙ صحافتي حلقن جو چوڻ آھي ته پاڪستان پنھنجي ٽيليفونڪ سفارتڪاري سان گڏوگڏ جيڪا سياسي ۽ ملٽري سفارتڪاري کي استعمال ڪيو آھي سا پڻ وڏي سنجيدھ ڪوشش ۽ عالمي سطح جي ڪردار برابر آھي۔ جنھن جي نتيجي ۾ آمريڪا اڳ ۽ ايران پويان مطالبا پاڪستان معرفت پڻ ھڪ ٻئي ڏانھن موڪليا آھن۔ پاڪستاني قيادت کي وڌيڪ بھتر کان بھتر ڪردار ادا ڪندي پنھنجي سفارتي ڪوششن کي ڪامياب ڪري عالمي توجھ جو مرڪز پڻ بڻائڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي۔ پاڪستان پنھنجي وجود کان ھن وقت تائين جيڪا پنھنجي پرڏيهي پاليسي اختيار ڪندي سفارتڪاري پڻ ڪئي آھي اڄوڪي صورتحال ۾ عالمي پس منظر ۾ سامھون ٿي اچڻ ان حڪمتي عملي جو پڻ نتيجو آھي۔ پاڪستان پنھنجي پرڏيھي، توڙي ڏيھي، سفارتي توڻي دفاعي حڪمت عملي اختيار ڪندي ملڪي، علائقائي ۽ بين الاقوامي سطح تي ڪاميابي اختيار ڪندي عالمي توجهھ جو مرڪز بڻيو آ سو پڻ اعلي سطح جي خراج تحسين برابر آھي۔ ھونئن به ھن وقت محسوس ٿئي ٿو ته پاڪ، آمريڪا سفارتي لاڳاپن ۽ پاڪ ايران سفارتي لاڳاپا جيڪو اعتماد بحال ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويا آھن تنھن پاڪستاني رياست توڻي قيادت جو ڳاٽ اوچو ڪري ورتو آهي۔ پاڪستان مسلم رياستن اندر جيڪي برادراڻا لاڳاپا يا سفارتي ۽ دفاعي اھميت وارا لاڳاپا رکي ٿو سي پڻ مسلم رياستن ۽ مسلم رياستي قيادتن اندر وڏي اھميت رکن ٿا۔ سعودي، ترڪي، يو اي اي، قطر، بحرين، لبيا ھجي يا انڊونيشيا، ملائيشيا ھجي يا ڪا آفريڪي مسلم رياست ڇو ڪونه ھجي پاڪستان انھن مسلم رياستن وٽ وڏي حيثيت رکي ٿو۔ جنھن جو وڏو سبب سعودي عرب قيادت جو اعتماد ۽ خود پاڪستاني دفاعي اھميت ۽ بين الاقوامي سفارتي اھميت پڻ سامهون آھي۔
ھن ڏکي جنگي عالمي صورتحال ۾ پاڪستان کي آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ جيترو بھتر کان بھتر ڪردار ادا ڪيو ويندو اوتري ئي ملڪي قيادت جي اھميت جي حامل ھوندو۔ پاڪستان ھن وقت جنھن پارلياماني تسلسل واري پس منظر ۾ ھلي حڪومتي، سفارتي ۽ دفاعي لاڳاپن تي توجھ ڏني آھي سا به ھڪ ساراھ جوڳي عمل جو وڏو حصو پڻ آهي۔ پاڪستاني قيادت کي ھنن ايران ۽ آمريڪا ڳالھين ۾ پنھنجي به انھن ڳالھين کي سامھون رکندي ڳالھيون ڪرڻ گھرجن جن ۾ اسان جا به رياست ۽ قومي مفاد آھن۔ مثال طور ايران پاران پاڪستان سان گئس پائيپ لائين جو اھم اشو آھي۔ اھو به فقط پاڪ آمريڪا لاڳاپن سبب ۽ ايران آمريڪا اختلافن سبب پنھنجي مقصدن تي نٿو پھچي سگھي۔ اھي ۽ اھڙا کوڙ سارا سفارتي، پرڏيھي توڻي انٽرنل پاليسين جو حصو رھندڙ معاملا ھوندا آھن جن کي اھڙن موقعن تي سامھون آڻڻ ۾ ڪو حرج ناهي ھوندو۔ سياسي توڻي ڏاھپ رکندڙ ملٽري، سياسي، حڪومتي ۽ سفارتي قيادتن کي انھيءَ موقعن کي سامھون رکندي ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي۔
اھڙي صورت ۾ جتي سپريم ڪمانڊر صدر پاڪستان آصف علي زرداري ، وزير اعظم پاڪستان شھباز شريف، چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل عاصم منير جن جيڪو ڪردار ادا ڪيو آھي سو پڻ قابل تعريف چئجي ته غلط نه ٿيندو۔ ان جي باوجود سامھون ايندڙ صورتحال کي ڏاھپ سان هينڊل ڪرڻ وقت جي وڏي گھرج آھي۔ ڇو ته ھن جنگي صورتحال ۾ جتي بين الاقوامي قوتن، ادارن ۽ سعودي، عرب کان ويندي چين، رشيا جھڙن اس يافتن جوسامھون اچڻ ڏکيو ٿي پيو آهي، اتي پاڪستان جو سامھون اچي اھڙو سفارتي رول يا ٽياڪڙي رول ڪنھن عالمي حيثيت کان گھٽ ناھي۔ پاڪستاني موجوده حڪومتي، سياسي ۽ ملٽري توڻي سفارتي اڳواڻن کي خصوصي طور باني پاڪستان قائد اعظم محمد علي جناح، شھيد ذوالفقار علي ڀٽو، شھيد بينظير ڀٽو صاحبه جھڙن ڪردارن کي سامھون رکي ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي۔