ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ عالمي اثر واضح ٻڌائن ٿا ته وچ اوڀر، عالمي سياست جو مرڪز ۽ مڪمل ڌيان بڻجي چڪو آهي، جتي ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل جي وچ ۾ ڇڪتاڻ نازڪ حدن کي ڇهي رهي آهي۔ موجوده صورتحال اهڙي موڙ تي پهتي آهي، جتي جنگ ۽ سفارتڪاري ٻئي ساڳئي وقت اڳتي وڌندي نظر اچي رهيا آهن۔ وري اهڙي حساس ماحول ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران ايران جي پاور پلانٽن تي ممڪن حملن کي ڏھ ڏينهن لاءِ مؤخر ڪرڻ جو اعلان، هڪ ڳڻتي ۽ اهم پيچيده سفارتي اشاري طور سامهون آيو آهي۔
موخر فيصلا مختلف سببن لاءِ اختيار ڪيا ويا آهن، جيئن ڳالههين لاءِ سازگار ماحول پيدا ٿي سگهي،
حڪمت عملي جو جائزو وٺي سگهجي۔ پر تاريخ اهو به ٻڌائي ٿي ته بار بار مؤخر فيصلا وڏين جنگين جو سبب بڻجي چڪا آهن، موخر فيصلا ڪيترن ئي خطرن کي جنم ڏين ٿا، اهڙن فيصلن سان تڪرار ڊگهو ۽ ڌريون وڌيڪ سخت موقف اختيار ڪن ٿيون اعتماد گهٽجي ٿو ۽ سفارتڪاري جا دروازا بند ٿين ٿا، توانائي مارڪيٽ ۾ افراتفري ۽ عالمي معيشت تي دٻاءُ پئي ٿو، ماڻهو بي گهر ٿين ٿا، خوراڪ جي کوٽ ۽ خوف جو ماحول پيدا ٿئي ٿو، خارجي قوتن جي مداخلت وڌڻ جو امڪان وڌي وڃي ٿو،
تاريخ ٻڌائي ٿي ته وڏيون جنگيون اڪثر اهڙين ئي ”عارضي مهلتن“ کان پوءِ شروع ٿينديون آهن۔ هتي ڪجهھ تاريخي حوالا پيش ڪجن ٿا،
ميونخ معاهدو (1938ع) يورپي طاقتن نازي جرمني کي رعايتون ڏنيون، پر هڪ سال اندر ٻي عالمي جنگ شروع ٿي وئي۔
عراق ۽ ڪويت بحران (1990ع) سفارتي موقعا ۽ وقتي مهلتون ڏنيون ويون، پر 1991ع ۾ خليجي جنگ ڀڙڪي اٿي۔
عرب ۽ اسرائيل جنگ (1967ع) سفارتي رابطا باوجود، جنگ ٽٽي ۽ خطي جو سياسي نقشو تبديل ٿي ويو۔
اهي مثال واضح ڪن ٿا ته وقتي مهلتون مسئلن جو حل نه بڻجن ته اهي وڏي ٽڪراءَ جو سبب بڻجي سگهن ٿيون تنهن ڪري آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ذهن ۾ سڄي دنيا جو فاتح بڻجي رهڻ جو خيال خطي ۾ وڌيڪ جنگ جو ارادو رکي ٿو! ها پر آمريڪا جيڪو چاهي ٿو ايران پنهنجو ايٽمي پروگرام سخت نگراني هيٺ آڻي، ميزائل پروگرام محدود ڪري ۽ علائقائي اثر گهٽائي ته کيس پابندين ۾ نرمي ۽ معاشي سهولتون ڏئي سگهجن ٿيون پر ايران پنهنجو ايٽمي پروگرام پرامن قرار ڏئي ٿو ۽ بنيادي حق سمجههي ٿو، معاشي پابنديون ختم ڪرڻ ۽ مستقبل لاءِ پڪي ضمانت گهري ٿو ته آمريڪا ٻيهر معاهدي مان نه نڪري۔
اهڙي صورتحال ۾ عمان، قطر ۽ ويانا غير جانبدار ثالث طور ڪم ڪري چڪا آهن، ۽ هاڻوڪي حالتن ۾ پاڪستان به اهم ميزباني لاءِ تيار آهي جڏهن ته قطر ۽ عمان ثالثي لاءِ سرگرم آهن، چين ۽ روس استحڪام لاءِ سفارتڪاري کي ترجيح ڏين ٿا، جڏهن ته يورپي يونين ايران ايٽمي معاهدي جي بحالي لاءِ ڪوششون جاري رکي ٿو۔ پر اسرائيل نرم معاهدي جو کليل مخالف آهي آمريڪا اندر اهڙا سياسي ۽ عسڪري حلقا آهن جيڪي عسڪري حل کي اثرائتو سمجههن ٿا،
سعودي عرب ۽ متحده عرب امارات سخت شرطن کانسواءِ ڪنهن به معاهدي کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن،
اهڙي بيچيني ۽ خوف واري صورتحال ۾ عالمي معيشت ۽ تيل جون قيمتون وڌي ويون آهن، وچ اوڀر توانائي جو مرڪز آهي، ۽ غير يقيني صورتحال مارڪيٽ ۾ افراتفري پيدا ڪري ٿي، برينٽ ڪروڊ، 88 کان 95 ڊالر في بيرل
ڊبليو ٽي آءِ، 83 کان 90 ڊالر في بيرل
قيمتن ۾ وڌيڪ واڌ توانائي درآمد ڪندڙ ملڪن لاءِ وڏي پريشاني جو سبب بڻجي سگهي ٿي، جيئن ترقي پذير ملڪ پاڪستان ۽ ڀارت، جيڪي توانائي تي ڀاڙين ٿا، انهن لاءِ معاشي دٻاءُ وڌي سگهي ٿو۔ ڀلي هن خطي جو وزير اعظم شهباز شريف پنهنجي خطاب ۾ عوام تي ٿوري جي انداز ۾ اهو چوي ته ٻن هفتن جو خسارو وفاق برداشت ڪندو پر عوام تي تيل جي قيمتن جو وڌيڪ بار نٿا وجهون پر جڏهن ڏھ ڏينهن جي مهلت کان پوءِ جيڪڏهن جنگ بندي نٿي ٿئي ته هن ٻن هفتن جو حساب ايندڙ هفتي ۾ لاڳيتو بيڻيون ڪسرون ڪڍي ڇڏيندو ۽ صورتحال وڌيڪ ڳنڀير به ٿي سگهي ٿي!
هيل تائين ايران، اسرائيل آمريڪا جي جنگ ۾ جاني نقصان: 120، 000 کان وڌيڪ ٻڌايو وڃي ٿو، جڏهن ته زخمي انگ 250، 000 کان وڌيڪ آهي، پناهگيرن جو تعداد 3۔ 5 ملين آهي، معاشي نقصان: لڳ ڀڳ 90 ارب ڊالر ٿي چکو آهي (هي انگ اکر عالمي ميڊيا جا آهن
تنهن ڪري وچ اوڀر جهڙن حساس خطن ۾ فيصلا مؤخر ڪرڻ مسئلن کي حل ڪرڻ بدران انهن کي وڌيڪ ڳنڀير بڻائي ڇڏين ٿا۔ تنهن ڪري دنيا کي دير نه، پر بروقت ۽ جرئت منداڻن قدمن جي سخت ضرورت آهي، موجوده ڇڪتاڻ ۾ هر ملڪ ۽ هر باشعور طبقي جي نظر اچي ته ايندڙ ڏينهن طئي ڪندا ته ايران ۽ آمريڪا ڪهڙو رستو اختيار ڪندا ۽ ان جو اثر صرف خطي تائين محدود نه رهندو، پر سڄي عالمي سياست ۽ معيشت تي واضع نموني نظر ايندو۔
تنهن ڪري ان ڳنڀير صورتحال ۾ عالمي نظرون ان طرف مرکوز ٿي ويون آهن ته ڪير ڳالهين لاءِ ميزباني يا ٽياڪڙي جو بهتر ڪردار ادا ڪندو ۽ اهو ڪردار ڪير ادا ڪري جيڪو اثرائتو ٿي سگهي۔
جنگ جي وڌندڙ ڇڪتاڻ ۾ ثالثي صرف هڪ جڳهھ مُهيا ڪرڻ يا ڳالههين کي منظم ڪرڻ تائين محدود ناهي، بلڪه اهو هڪ سڌو، احتياط ۽ اعتماد ڀريو عمل آهي۔ سڀ کان پهريون شرط آهي غير جانبداري ۽ بي طرفي، ميزبان ملڪ کي ڪنهن ڌر سان ذاتي يا سياسي مفاد نه رکڻ گهرجي۔ عمان ۽ قطر انهيءَ مقصد لاءِ تاريخي طور سرگرم رهيا آهن، جتي ايران ۽ سعودي عرب جهڙيون ڌريون شراڪت ڪنديون آهن۔
ٻيو اهم عنصر آهي اعتماد قائم ڪرڻ۔ تڪرار ۾ ڌرين جو هڪٻئي تي اعتماد گهٽجي سگهي ٿو، تنهنڪري ميزبان کي لازمي آهي ته ڳالهين دوران پيغام صحيح، شفاف ۽ غلط فهمي کان پاڪ پهچائيندو رهي۔ محفوظ ۽ مستحڪم ماحول مهيا ڪرڻ پڻ ضروري آهي، ويانا ۽ سوئيٽزرلينڊ جهڙا ملڪ اهڙي بي طرفي ۽ محفوظ جڳھ مُهيا ڪرڻ ۾ ماهر رهيا آهن۔
ٻيو اهم نقطو آهي صبر ۽ وقت جو انتظار۔ تاريخ واضح ڪري ٿي ته بار بار فيصلا موخر ڪرڻ اڪثر ڳالهين کي نقصان پهچائين ٿا، جيئن ميونخ معاهدو ۽ عراق-ڪويت بحران ۾ ٿيو۔ ثالثي ڪندڙ کي سنجيده صلاحيت، پيشه ورانه مهارت ۽ علائقائي حساسيت لازمي هجڻ گهرجي ته جيئن سياسي، فوجي ۽ معاشي پيچيدگين کي سمجههي سگهجي۔ شفافيت، معلومات جي درستگي ۽ بين الاقوامي تعاون پڻ ثالثي کي ڪامياب بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا۔ چين، روس ۽ يورپي يونين جهڙا ادارا ڳالههين کي اڳتي وڌائڻ ۽ تڪرار گهٽائڻ لاءِ مددگار ٿي سگهن ٿا۔
ثالثي جو ڪردار، معيار ۽ اهميت، غير جانبداري ۽ بي طرفي، ڪنهن به ڌر سان ذاتي مفاد نه رکڻ ۾ آهي، اعتماد قائم ڪرڻ، شفاف رابطن ۽ صحيح معلومات مُهيا ڪرڻ محفوظ ماحول، ڌرين لاءِ محفوظ، مستحڪم ۽ دٻاءُ کان پاڪ جڳھه مهيا ڪرڻ صبر ۽ وقت جو انتظام، قدم به قدم پيش رفت ۽ فيصلا موخر نه ڪرڻ سنجيده صلاحيت ۽ علائقائي ڄاڻ سياسي، عسڪري ۽ معاشي پيچيدگين کي سمجهڻ بين الاقوامي تعاون – عالمي ادارن ۽ طاقتورن جي مدد حاصل ڪرڻ واضح مقصد ۽ نتيجا – جنگ روڪڻ، معاهدي تي پهچڻ ۽ امن قائم رکڻ
وچ اوڀر ۾ هاڻوڪي بيچيني ڏيکاري ٿي ته هر ملڪ ۽ ثالث ڌر جي فيصلن جو اثر رسوخ صرف خطي تائين محدود نه رهندو، پر عالمي سياست ۽ معيشت تي پڻ اثر ڪندو۔ دنيا لاءِ ضرورت آهي بروقت، محتاط ۽ جرئت مندانه قدمن جي، جيئن انساني ۽ معاشي نقصان کي گهٽائي سگهجي ۽ خطي ۾ استحڪام قائم رهي، ميڊيا ۾ هي خبرون به نظرن مان گذريو آهن ته ايشا جي هن ملڪ پاڪستان کي ايران ، اسرائيل آمريڪا جي هلندڙ جنگ دوران ٽياڪڙي يا ميزباني ڏني پئي وڃي، جنهن جي سلسلي ۾ سعودي عرب جو هڪ وفد به اسلام آباد اچي رهيو آهي ۽ ملڪ جي صدر آصف علي زرداري مٿين اسيمبليءَ (قومي اسيمبليءَ) جو اجلاس سڏائي ورتو آهي جيڪو مسلسل ڏھ ڏينهن جاري رهندو ۽ موجود ايران ، اسرائيل آمريڪا ڇڪتاڻ تي بحث هلندو، ڇاڪاڻ ته ايران جا هن ملڪ سان جغرافيائي ۽ ثقافتي لاڳا آهن ۽ آمريڪا به کيس اهڙو موقعو ڏين چاهي ٿو۔ هاڻي ڏسجي ته ٽياڪڙي يا ميزباني ڪامياب ٿئي ٿي ۽ ايران ، اسرائيل آمريڪا جنگ بندي ڪري ڪنهن مهاهدي طرف اچن ٿا يا جنگ ۾ وڌيڪ تيزي اچي ٿي۔ ۔ ! پر لڳي ٿو ته ڌريون ٺهي وينديون پوءِ اهو مستقل ٺاھ هجي يا عارضي معاهدو ڇاڪاڻ ته عالمي ميڊيا ۾ هي خبرون به هلن پيو ته ايران جو موجوده سپريم ليڊر سيد مجتبي خانائي به ڳالهين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي۔