وچ اوڀر جنگ: خطي ۾ هزارين ميرينز جي مقرري، ايمفيبيئس اسالٽ جهاز ۽ ايليٽ فورس مارچ جي آخر تائين پهچندي: مارڪو روبيو

پئرس (ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو ايران ۾ آمريڪي فوج لاهڻ جي تاثر کي رد ڪندي چيو آهي ته جنگ مهينن نه پر ڪجهه هفتن تائين جاري رهندي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، فرانس ۾ جي سيون ملڪن جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته واشنگٽن هن آپريشن ۾ شيڊيول موجب يا ان کان به اڳتي آهي ۽ اميد آهي ته اهو مناسب وقت اندر، يعني ڪجهه مهينن بدران ڪجهه هفتن ۾ مڪمل ڪيو ويندو.
هن چيو ته جيتوڻيڪ آمريڪا پنهنجا مقصد زميني فوج موڪلڻ کانسواءِ حاصل ڪري سگهي ٿو، پر هن اهو به قبول ڪيو ته ڪجهه فوجي دستا علائقي ۾ مقرر ڪيا پيا وڃن ته جيئن صدر کي حالتن موجب وڌ کان وڌ اختيارن سان فيصلا ڪرڻ جو موقعو ملي سگهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته واشنگٽن خطي ۾ هزارين ميرينز جا ٻه دستا موڪليا آهن، جن مان پهريون مارچ جي آخر تائين هڪ وڏي ايمفيبيئس اسالٽ جهاز ذريعي پهچڻ وارو آهي، جڏهن ته پينٽاگون طرفان هزارين ايليٽ ايئر بورن فوجين جي مقرري پڻ متوقع آهي.
رپورٽ موجب، انهن مقررين سبب خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته هڪ فضائي جنگ، جنهن اڳ ئي عالمي توانائي جي فراهمي کي متاثر ڪيو آهي، ڊگهي زميني جنگ ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي.
مارڪو روبيو چيو ته واشنگٽن اڃا تائين ايران طرفان هلندڙ هفتي موڪليل 15 نڪاتي تجويز جي باظابطا جواب جو انتظار ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته پيغامن جو ڏي وٺ ٿي آهي ۽ ايراني حڪومت طرفان ڪجهه معاملن تي ڳالهين لاءِ تياري جا اشارا مليا آهن، جڏهن ته وڌيڪ وضاحت جو اوسيئڙو آهي ته ڪير ڳالهين ۾ شامل ٿيندو، ڪهڙن معاملن تي ڳالهه ٿيندي ۽ ڪڏهن ٿيندي.
ٻئي پاسي ايران جو موقف آهي ته هن تجويز کي رد ڪري ڇڏي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ان معاملي بابت باخبر ذريعن ٻڌايو ته ٽرمپ ۽ وائيٽ هائوس جي اعليٰ عملدارن کي ٽياڪڙ ذريعي آگاهه ڪيو ويو آهي ته ايران طرفان جوابي تجويز امڪاني جمعي کان پوءِ ملي سگهي ٿي.
رپورٽن موجب، آمريڪي تجويز ۾ ايران جي جوهري ۽ ميزائل پروگرام جي خاتمي کان وٺي عالمي توانائي جي فراهمي جي اهم واپاري رستي تي ڪنٽرول ڇڏڻ تائين جا مطالبا شامل آهن.
جيتوڻيڪ ايراني اختيارين عوامي طور آمريڪي سفارتڪاري کي رد ڪيو آهي، پر هنن چيو آهي ته هو ٽن ملڪن ذريعي پيغامن جي ڏي وٺ لاءِ رابطا برقرار رکيو ويٺا آهن.
ان کان اڳ هڪ ايراني عهديدار ٻڌايو هو ته اعليٰ اختيارين آمريڪي تجويز جو جائزو وٺي ان کي رڳو آمريڪي ۽ اسرائيلي مفادن جي حق ۾ قرار ڏنو، پر سفارتڪاري مڪمل طور ختم ناهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.