آن لائين جوئا جي ور چڙهيل سماج ۽ نوجوانن جون خودڪشيون۔ !

عامر انصاري

موجوده دور کي جيڪڏهن ٽيڪنالاجي ۽ ڊجيٽل انقلاب جو دور چيو وڃي ته اُهو ڪنهن به صورت ۾ وڌاءُ نه ٿيندو۔ انٽرنيٽ، سمارٽ فون ۽ سوشل ميڊيا انسان جي زندگيءَ کي انتهائي تيز، آسان ۽ هڪ ٻئي سان ڳنڍيل بڻائي ڇڏيو آهي۔ دُنيا جي هر ڪنڊ تائين رسائي هاڻي صرف ڪُجهه سيڪنڊن جي ڳالهه رهجي وئي آهي۔ تعليم، ڪاروبار، رابطن ۽ تفريح جا طريقا مڪمل طور تبديل ٿي چُڪا آهن۔ پر جيئن هر سڪي جا ٻه پاسا هوندا آهن، تيئن هِن ترقيءَ جو به هڪ اونداهو پاسو آهي، جيڪو آهستي آهستي سماج کي پَنهنجي لپيٽ ۾ وٺي رهيو آهي۔

آن لائين جوئا اهڙو ئي هڪ خطرناڪ لاڙو آهي، جيڪو خاص طور تي نوجوان نسل لاءِ هڪ ناسور بڻجي چُڪو آهي۔ آن لائين جوئا صرف هڪ راند يا وقت گذارڻ جو ذريعو ناهي، پر اُها هڪ اهڙو ڄار آهي، جنهن ۾ ڦاسي انسان پَنهنجي مالي، ذهني ۽ اخلاقي تباهيءَ ڏانهن وڌي ٿو۔ ڪيترن ئي حالتن ۾ اُهو لاڙو نوجوانن کي اهڙي انتها تي وٺي وڃي ٿو، جتي هو خودڪشي جهڙو خطرناڪ قدم کڻڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا۔ هي مسئلو هاڻي رُڳو فرد تائين محدود نه رهيو آهي، پر اُهو هڪ سنگين سماجي بُحران جي صورت اختيار ڪري چُڪو آهي۔ ماضي ۾ جوئا مخصوص هنڌن تائين محدود هوندو هو، جيئن جوئا جا اڏا يا ڳجهيون محفلون، جتي هر ڪنهن جي رسائي ممڪن نه هوندي هئي۔ پر ڊجيٽل دور ۾ هي سڀ حدون ختم ٿي چُڪيون آهن۔ هاڻي موبائل فون جي هڪ ايپ يا ويب سائيٽ ذريعي جوئا هر ماڻهو جي هٿ ۾ اچي ويو آهي۔ ڪرڪيٽ ميچن تي بيٽنگ، آن لائين ڪارڊ گيمز، سلاٽ مشينون، ڪرپٽو گيمنگ ۽ مختلف قسم جون گيمنگ ايپس نوجوانن کي وڏي پيماني تي متاثر ڪري رهيون آهن۔ اُنهن ايپس کي اهڙي نفسياتي حڪمت عملي سان ٺاهيو ويندو آهي، جو اُهي استعمال ڪندڙ کي بار بار کيڏڻ تي مجبور ڪن۔ روشن رنگ، تيز آواز، فوري انعام ۽ ”جلدي امير ٿيڻ“ جا خواب نوجوانن کي پَنهنجي طرف ڇڪين ٿا۔

نوجوانن جي نفسيات اهڙي هوندي آهي، جو هو جلدي متاثر ٿين ٿا ۽ نيون شيون آزمائڻ چاهين ٿا۔ جڏهن اُنهن کي آن لائين جوئا ذريعي ٿوري وقت ۾ وڌيڪَ پئسا ڪمائڻ جا خواب ڏيکاريا وڃن ٿا، ته هو آساني سان اُن طرف راغب ٿي وڃن ٿا۔ سوشل ميڊيا تي ڏيکاريل ڪاميابين جون ڪهاڻيون، وڏن انعامن جا دعوائون ۽ دوستن جي اثر هيٺ اچي نوجوان هِن لت ۾ ڦاسي وڃن ٿا۔ شروعات ۾ هو ننڍين رقمن سان جوئا کيڏن ٿا ۽ جيڪڏهن کين ڪاميابي ملي ٿي ته اُنهن جو اعتماد وڌي وڃي ٿو۔ پر جيئن ئي نقصان شروع ٿئي ٿو، تڏهن هو اُن نقصان کي پُورو ڪرڻ لاءِ وڌيڪَ پئسا لڳائڻ لڳن ٿا، جنهن سان هو آهستي آهستي قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي وڃن ٿا۔ آن لائين جوئا جو سڀ کان وڏو نقصان اُهو آهي ته اُهو انسان جي ذهن تي نشي جهڙو اثر ڇڏي ٿو۔ مسلسل کٽڻ ۽ هارائڻ جو عمل دماغ ۾ هڪ اهڙي عادت پيدا ڪري ٿو، جيڪا ماڻهوءَ کي آزاد نٿي ڇڏيندي۔ نوجوان هر وقت اُهو سوچين ٿا ته شايد ايندڙ ڀيري هو کٽي ويندا ۽ اُهو خيال کين ٻيهر جوئا کيڏڻ تي مجبور ڪري ٿو۔ هي اُميد، جيڪا اصل ۾ هڪ فريب هوندي آهي، کين وڌيڪَ نقصان ڏانهن وٺي وڃي ٿي۔ جڏهن نقصان وڌي وڃي ٿو ته اُنهن ۾ مايوسي، بيچيني، غصو ۽ ذهني دٻاءُ وڌي وڃي ٿو۔ هو پاڻ کي ناڪام ۽ بيڪار محسوس ڪرڻ لڳن ٿا، جنهن سان سندن خود اعتمادي مڪمل طور ختم ٿي وڃي ٿي۔ اهڙي ذهني حالت ۾ نوجوان ڊپريشن جو شڪار ٿي وڃن ٿا۔ هو پَنهنجي مسئلن بابت ڪنهن سان ڳالهائڻ کان ڪيٻائين ٿا، ڇو ته کين ڊپ هوندو آهي ته سندن راز ظاهر ٿي ويندو يا کين شرمندگي جو مُنهن ڏسڻو پوندو۔ ڪيترائي نوجوان گهر وارن کان لڪائي قرض وٺن ٿا، دوستن کان پئسا وٺن ٿا يا غير قانوني طريقن سان پئسا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا۔ جڏهن حالتون وڌيڪ خراب ٿين ٿيون ۽ ڪو به رستو نظر نٿو اچي، تڏهن هو انتهائي قدم کڻڻ بابت سوچڻ لڳن ٿا۔ بدقسمتي سان، ڪيترائي نوجوان اهڙي ذهني دٻاءُ کي برداشت نه ڪري سگهندا آهن ۽ خودڪشي جهڙو قدم کڻي پنهنجون زندگيون ختم ڪري ڇڏين ٿا۔

خودڪشي رڳو هڪ فرد جي زندگيءَ جو خاتمو ناهي، پر اُها هڪ خاندان ۽ پُوري سماج لاءِ هڪ وڏو صدمو هوندو آهي۔ جڏهن هڪ نوجوان خودڪشي ڪري ٿو ته اُن جا گھرڀاتي، ڀائر ڀينر ۽ دوست سَڄي زندگي اُن درد سان جيئندا رهن ٿا۔ گهر جو سک، خوشيون ۽ اُميدون سڀ ڪُجهه ختم ٿي وڃن ٿيون۔ اُهو هڪ اهڙو نقصان آهي، جيڪو ڪڏهن به پُورو نٿو ٿي سگهي۔ افسوس جي ڳالهه اُها آهي ته ڪيترن ئي حالتن ۾ اهڙيون خودڪشيون صرف ڪُجهه مالي نقصانن ۽ عارضي مسئلن سبب ٿين ٿيون، جن جو حل وقت سر مدد سان ممڪن هوندو آهي۔ آن لائين جوئا جو اثر صرف فرد تائين محدود ناهي، پر اُهو پُوري سماج کي متاثر ڪري ٿو۔ جڏهن نوجوان پَنهنجو وقت ۽ پئسو جوئا ۾ ضايع ڪن ٿا ته هو تعليم کان پري ٿي وڃن ٿا۔ سندن پڙهائي متاثر ٿئي ٿي ۽ هو پَنهنجي مستقبل کي پاڻ تباهه ڪري ويهن ٿا۔ ڪيترائي نوجوان بيروزگار ٿي وڃن ٿا ۽ پَنهنجي گهر وارن تي بار بڻجي وڃن ٿا۔ اُن کان علاوه، جوئا جي ڪري پيدا ٿيندڙ مالي مسئلا کين غير قانوني سرگرمين ڏانهن ڌڪين ٿا، جنھن سبب چوري، ڌوڪو، فراڊ ۽ ٻين ڏوهن ۾ اضافو ٿيندو رھي ٿو۔ اهڙي طرح سماج ۾ بيچيني، بدامني ۽ اخلاقي زوال وڌي وڃي ٿو۔ هِن مسئلي جا ڪيترائي بُنيادي سبب آهن۔ سڀ کان اهم سبب معاشي تنگي ۽ بيروزگاري آهي، جنهن ڪري نوجوان آساني سان پئسا ڪمائڻ جا طريقا ڳولين ٿا۔ خاص طور تي ماڻهن ۾ شعور جي کوٽ هجڻ ڪري کين آن لائين جوئا جي خطرن بابت صحيح ڄاڻ ناهي، جڏهن ته ٽيڪنالاجي جو غلط استعمال ۽ هر شيءِ جي آسان دستيابي ماڻهن کي غلط رستن ڏانهن وٺي وڃي ٿي۔ اُن کانسواءِ، گھرڀاتين جي لاپرواهي، سماجي نگراني جي کوٽ، دوستن جو غلط اثر ۽ منفي اشتهارن جو وڏو ڪردار آهي۔

هِن خطرناڪ لاڙي کي روڪڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي سخت ضرورت آهي۔ حڪومت کي گهرجي ته آن لائين جوئا خلاف سخت قانون لاڳو ڪري ۽ اهڙين ويب سائيٽن ۽ ايپس کي بند ڪري۔ قانون تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن ڪو به ماڻهو اهڙي غير قانوني ڪاروبار ۾ ملوث نه ٿي سگهي۔ ميڊيا کي به گهرجي ته هو اهڙن اشتهارن کي روڪي ۽ عوام ۾ شعور پيدا ڪري۔ تعليمي ادارن کي به پَنهنجو اهم ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي۔ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ شجيڪڏهندن کي آن لائين جوئا جي نقصانن بابت آگاهي ڏني وڃي۔ سيمينار، ورڪشاپس ۽ آگاهي مهمون هلائي نوجوانن کي صحيح رستو ڏيکاريو وڃي۔ اُن سان گڏوگڏ، نوجوانن کي مثبت سرگرمين جهڙوڪ راندين، ڪتابن جي مطالعي ۽ تخليقي ڪمن ڏانهن راغب ڪيو وڃي ته جيئن هو پَنهنجي توانائي کي صحيح رُخ ۾ استعمال ڪن۔ گھرڀاتين جو ڪردار سڀ کان وڌيڪَ اهم آهي۔ اُنهن کي گهرجي ته هو پَنهنجي ٻارن سان ويجهو تعلق قائم ڪن، اُنهن جي سرگرمين تي نظر رکن ۽ اُنهن سان کُليل گفتگو ڪن۔ جيڪڏهن ڪو نوجوان ذهني دٻاءُ يا پريشاني جو شڪار نظر اچي ته اُن جي فوري مدد ڪئي وڃي۔ محبت، توجهه ۽ صحيح رهنمائي نوجوانن کي اهڙن خطرناڪ رستن کان بچائي سگهي ٿي۔

اسان جي سماج ۾ آن لائين جوئا هڪ اهڙو ناسور بڻجي چُڪو آهي، جيڪو نوجوان نسل کي خاموشي سان تباهه ڪري رهيو آهي۔ جيڪڏهن هِن مسئلي تي وقت سر ڌيان نه ڏنو ويو ته اُن جا نتيجا وڌيڪَ خطرناڪ ٿي سگهن ٿا۔ نوجوان ڪنهن به قوم جو مستقبل هوندا آهن ۽ جيڪڏهن اُهي ئي نااُميدي، قرض ۽ خودڪشي جي وَرِ چڙهي وڃن ته سماج جي ترقي ناممڪن بڻجي وڃي ٿي۔ تنهن ڪري ضروري آهي ته هر فرد، هر اداري ۽ هر سطح تي گڏجي هِن مسئلي کي مُنهن ڏنو وڃي، جيئن اسان پَنهنجي نوجوانن کي هڪ محفوظ، روشن ۽ اُميد ڀريو مستقبل ڏئي سگهون۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.