سنڌ ڌرتي نه فقط علم۔ ادب ۽ شاندار تهذيب پر قدرتي وسيلن سان به مالا مال آهي پر بدقسمتي فرسوده ۽ مدي خارج نظام تحت هٿ وٺي ان کي قبصلائي جهيڙن جي ور چاڙهيو ويو آهي جنهن سبب عام انسانن سميت سنڌ جي انمول هيرن فاضل راهو، شاعر، استاد قومي اڳواڻ شهيد زخمي چانڊيو، پروفيسر اجمل ساوند، صحافي نصرالله گڏاڻي، جان محمد مهر، امير بخش بروهي، هادي سانگيءَ، شاهد سومرو سميت ٻين کي اسان کان جدا ڪيو ويو۔ سنڌ ۾ وڏي عرصي کان هلندڙ مختلف ڌرين جا جهيڙا مسلسل ناسور بڻيل آهن جن جي خاتمي لاءِ اڄ تائين حڪومتي ادارن ڪو به خاطر خواھ قدم نه کنيو آهي نتيجي طور جهيڙا وڌندا ويا جن جي خاتمي لاءِ جيتوڻيڪ سنڌ جي قومپرست اڳواڻ شهيد بشير خان قريشي ۽ سماجي تنظيم سچوا پاران ميڙ منٿ قافلن ذريعي ڪافي ڪوششون ڪيون پر جهيڙا خرم ٿي نه سگهيا جيڪي اڄ به بي رحم بندوقن سان جاري آهن ۽ رت جا رشتا هڪٻئي جو قتلام ڪري سهيا آهن.
اهڙن قبيلائي جهيڙن مان هڪ جهيڙو ميهڙ ڀرسان ڳوٺ ڊٻ ڪيچي مرزا واھ ۾ مبينا طور زمين جي مالڪي تان مرڙاڻي چانڊيا برادري جي چاڪراڻي پاڙي ۾ 1988 کان جاري آهي جنهن سبب اڳ ۾ ٻنهي ڌرين جا محمد يعقوب چانڊيو۔ گل حسن۔ علي شير۔ محمد قابل ون ۽ ٻيا پنهنجن پيارن کان جدا ٿي ويا پر جهيڙو ختم نه ٿيو نيٺ 8 سال اڍائي مهينا اڳ 17 جنوري 2018 ۾ ميهڙ ۾ هڪ دردناڪ واقعو پيش آيو جنهن ۾ سياسي اڳواڻ لياقت علي جتوئي جو تمام ويجهو ساٿي رئيس ڪرم الله چانڊيو پنهنجن ٻن پٽن مختيار علي ۽ محمد قابل چانڊيو سميت پراڻي جهيڙي جي ور چڙهي ويا جڏهن ته سندن مخالف ڌر جو هڪ ڄڻو عبدالقادر عرف قادو ڌوڙ به مارجي ويو ميهڙ شهر ۾ ٿاڻي ڀرسان پيش آيل واقعي سبب ميهڙ ۾ ڪجھه وقت لاءِ خوف هراس سان گڏ شهرين ۾ ڪاوڙ ۽ وارا ماحول ٿي ويو هر ماڻهو سوڳوار هو واقعي ۾ مارجي ويل رئيس ڪرم الله ۽ سندس پٽن مختيار علي ۽ قابل خان ٽو جي اباڻي ڳوٺ ۾ تدفين کانپوءِ سندن جو قتل ڪيس مارجي ويل سندس ويجهي عزيز عبدالقادر۔ سندس پٽ مرتظي، ذوالفقار علي، رئيس علي گوهر، عبدالستار، سڪندر علي، پوليس آفيسر ڪريم بخش تي داخل ڪيو ويو جنهن ۾ چانڊيا برادري جي نواب ڀائرن پ پ پ ايم پي اي نواب سردار خان چانڊيو ۽ ايم پي اي نوابزاده برهان خان کي به نامزد ڪيو ويو جڏهن ته ٻي ڌر جي مارجي ويل قادو ڌوڙ جو ڪو به ڪيس داخل نه ڪيو ويو۔ 8 سالن کان هلندڙ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ 2 سال اڳ سنڌ پوليس 4 جوابدار ڄاڻايل رئيس علي گوهر، ذوالفقار ۽ سڪندر کي گرفتار ڪري دادو جي عدالت معرفت جيل حوالي ڪيو جڏهن ته نواب ڀائر ۽ پوليس آفيسر ضمانت تي آهن جيڪي مسلسل سپريم ڪورٽ لاڙڪاڻو، سکر هاءِ ڪورٽ۔ اي ٽي سي ڪورٽ نوشهروفيروز ۾ پيش ٿي عدالتي فيصلن کي منهن ڏيندا آيا بالا آخر ميهڙ واقعي جو ڪيس ذاتي نوعيت جو ڄاڻائي سپريم ڪورٽ۔ هاءِ ڪورٽ سکر، لاڙڪاڻو توڙي دهشت گردي جي خاتمي واري نوشهرو فيروز جي عدالت ڪيس ماڊل ٽرائيل ڪورٽ دادو ڏانهن منتقل ڪيو جتي لڳاتار ڪيس هلڻ کان پوء هلندڙ مارچ مهيني جي 2 تاريخ تي ماڊل ڪرمنل ڪورٽ دادو جي جج ڪيس جو فيصلو سڀاڻي 30 مارچ تائين محفوظ ڪري ڇڏيو هو جيڪو تي عدالت طرفان ٻڌائڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي جنهن ٻڌڻي دوران امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ سيشن جج دادو هدايتن تحت سنڌ حڪومت طرفان دادو ضلعي ۾ نه فقط قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي پر عدالتي رستن ڏانهن ايندڙ ماڻهن کي روڪڻ لاءِ 6 ڊي ايس پي ۔ 33 ايس ايق اوز ۽ 6 سئو کان وڌيڪ مرد توڙي عورت اهلڪارن کي مقرر ڪرڻ جا اطلاع آهن.
جڏهن ته 30 مارچ تي محفوظ ڪيل فيصلو اچڻ کان اڳ ۾ ئي ٻنهي ڌرين جي حامين وچ ۾ سوشل ميڊيا ذريعي ڇڪتاڻ ۽ الزام بازي واري صورتحال پيدا ٿيل آهي جنهن ۾ عام ۽ غير لاڳاپيل ماڻهو به شامل ٿي پنهنجي پسند جي ڌر لاءِ پوسٽون رکڻ ۾ مصروف آهن سوشل ميڊيا ذريعي موقف جاري ڪندي مقتول ڌر جي ام رباب چانڊيو جو چوڻ هو ته منهنجي والد۔ ڏاڏا ۽ چاچا جي قتل ۾ نواب ڀائرن جو هٿ آهي جن کي تمندار ڪائونسل تي اعتراض هو جڏهن ته گرفتار جوابدارن جي ڌر جو چوڻ هو ته ميهڙ واقعو اسان اڳ قتل ٿيل پنهنجن پيارن يعقوب چانڊيو علي شير ۽ ٻين جي پلاند ۾ ڪيو آهي جنهن سان چانڊيا نواب ڀائرن جو ڪو تعلق ناهي۔ جڏهن ته مقتول ڌر جي الزام هيٺ آيل نواب سردار خان چانڊيو ۽ نوابزاده برهان خان جو چوڻ هو ته اسان جو ميهڙ واقعي سان ڪوبه واسطو ناهي اهو انهن جو ذاتي مسئلو آهي جيڪو مسئلو سندن ۾ 1988 کان هلندڙ جنهن جا ڪيس به داخل آهن پر ڪجھه سياسي مخالفن جي چرچ تي اسان کي ڦاسايو ويو آهي. اسان مٿان داخل ٿيل ڪيس ڪوڙ تي ٻڌل آهي جنهن ۾ اسان سرخرو ٿينداسين.
واضح رهي ته ميهڙ واقعي ۾ قتل ٿيل رئيس ڪرم الله توڙي سندس پٽڻ جو سڄي ڄمار سياسي ۽ ذاتي لاڳاپو لياقت علي جتوئي ۽ نادر مگسي کان علاوھ ملڪ جي طاقتور ڌرين سان رهيو هو پر 2015 ۾ نواب سردار خان جي ڪوششن سان رئيس ڪرم الله طرفان پراڻي سياسي ساٿي لياقت علي جتوئي سان لاڳاپا ختم ڪري پ پ پ ۾ شامل ٿيو هو ۽ ان ئي وقت ٿيل مڪاني چونڊن ۾ پ پ پ طرفان رئيس ڪرم الله کي يوسي ٻليدائي جي چيئرمين شپ ۽ سندس پٽ قابل خان کي ضلعي ڪائونسل دادو جي سيٽ ڏني وئي هئي ۽ نواب ڀائرن سان ويجها رهيا پر 2017 جي آخري مهينن ۾ مقتول ڌر ڪنهن سبب خاطر نواب ڀائرن سان لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيا جنهن کان پوءِ هڪ ٻئي جا ويجها عزيز جوابدار ڌر ۽ مقتول ڌر آمهون سامهون توڙي سوشل ميڊيا تي هڪٻئي کي ڌمڪائيندا رهيا جيڪو سلسلو لڳ ڀڳ 2 مهينا جاري رهيو.
اهڙي ريت 17 جنوري 2018 تي ميهڙ شهر ۾ هي دردناڪ واقعو پيش آيو جنهن جي انصاف لاءِ ام رباب طرفان جوابدارن کا سزا ڏيارڻ لاءِ مسلسل احتجاج پڻ ڪيو جنهن ۾ سياسي ۽ قومپرست اڳواڻن نادر مگسي، لياقت علي جتوئي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنهل ساريو ۽ ٻين پڻ ام رباب جو ساٿ ڏيڻ سان گڏ نواب ڀائرن تي سخت الزام پڻ هنيا هئا پر پوءِ به ڌرين ۾ قبيلائي تڪرار ختم ٿي نه سگهيو جيڪي ڳوٺ ڊٻ ڪيچي مرزا واھ ۾ هڪٻئي جي گهرن تي حملا جاري رکيا جنهن ۾ پڻ ڌرين جا ڪجھه ماڻهو زخمي ٿيا جن جا ڪيس پڻ داخل ٿيا اهڙي ريت ميهڙ واقعي جو ڪيس مختلف عدالتن مان ٿيندو دادو جي ڪرمنل ماڊل ٽرائيل ڪورٽ جي حوالي ٿي ويو جيڪو ڪيس مسلسل 8 سال هلڻ کانپوءِ محفوظ ٿي ويو. هان ڏسڻو آهي ته 30 مارچ ڏهاڙي عدالت طرفان محفوظ ڪيل فيصلو ڪهڙو ٿو اچي جنهن جو هر عام توڙي خاص کي شدت سان انتظار آهي۔