ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي مختلف حصن ۾ تيز برساتن سبب ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي نتيجي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 17 ڄڻا فوت ۽ 26 زخمي ٿي پيا.
افغان اختيارين موجب برساتن سبب افغانستان جي 34 صوبن مان 13 متاثر ٿيا آهن، جن ۾ اڪثريت اولهه، وچ ۽ اتر اولهه علائقن جي آهي.
اختيارين ٻڌايو ته شديد موسم سبب 147 گهر مڪمل يا جزوي طور تباهه ٿيا، 80 ڪلو ميٽر روڊ وهي ويا، جڏهن ته زرعي زمين ۽ آبپاشي جي نهري نظام کي به نقصان پهتو.
You might also like