سنڌ۾بئراجن کان اڳ ۾ته نه ايڏيون برساتيون پونديون ھيون نه وري ڪي ٻوڏ کان بچڻ لاءِ بچاءُ بند ھونداھئا۔سڄي سنڌ ڄڻ درياهه جو پيٽ ھوندي ھئي۔سنڌو جتان آر ڪندو ھو اتان وھندو ھيو۔ان جي وھڪرن کي وھائڻ لاءِ مختلف فطري واهه ڀڏا ڍنڍون ڍورا ڪڙيا ڪسيون۽ واھيون ھونديون ھيون۔جنھن مان ٻوڏ جو پاڻي وھندو ۽ سڄي سنڌ سيراب ڪندوھيو ۽ ھاڪڙي کي جلون ڏيندو ٿربر لتاڙيندو مختلف جاين وٽ وڃي سمنڊ سان سينو ملائيندو ھيو۔ان وقت سنڌ جي زراعت باراني ۽ ٻوڏ جي پاڻيءَ تي ٿيندي ھئي۔نھري نظام گھڻو پوءِ جي ڳالھه آھي۔ڪڙين ڪسين ڀڏن ڀانڊن ڍنڍن ڍورن ۾سيلاب جي گڏ ٿيل بيٺل پاڻيءَ تي ماڻھون نار چاڙھي پوکن کي پاڻي پياريندا ھئا۔ياوري سيلاب۽ برساتن بعد سيڪ تي بوسا فصل ڪاھيندا ھئا۔جن کي بعد ۾ پاڻي نه ڏبوھو۔ اھو نظام دنيا وانگر سنڌ ۾به صدين تائين رائج رھيو۔ پوءِ آھستي آھستي نھري نظام ان جي جاءِ ورتي۔ان کان اڳ ۾ سنڌ جي ٿوري زمين آباد ٿيندي ھئي۔گھڻي زمين غيرآباد برپٽ ڀٽون ٻيلا ۽ چراگاهه ھوندي ھئي۔جنھن تي جھنگلي جيوت۽ چؤپايو مال پلجندو ھيو۔ان زماني ۾سنڌ جي ماڻھن جوروزگارفصلن کان وڌيڪ چوپائي مال تي ھوندوھيو۔کيرمکڻ لسي گوشت کلون وڪڻي ناڻو ڪمائيندا ھئا۔اھڙين حالتن ۾ٻوڏ ۽ برسات جي پاڻيءَ کي ڪاروڪ ٽوڪ نه ھندي ھئي۔جنھن ڪري سنڌ جي ماڻھن کي ٻوڏ جون تباھيون برداشت ڪرڻيون پونديون ھيون۔جنھن ڪري سيلاب ڪيتراوستيون واھڻ ويران۽برباد ڪري ويندو ھيو۔اھڙين بربادين جا نشان ۽آثار اڄ به سنڌ جي سيني تي۽ سيني اندر محفوظ آھن۔جن تي قديم آثارن جا ماھر تحقيق ۾رڌل آھن۔ٿوري ترقي ٿيڻ کان پوءِ ڪلھوڙن جي دؤر۾سيلابي پاڻيءَ کي سنڀالي زراعت لاءِ ڪتب آندوويو۔جنھن لاءِ سيلابي واهه کوٽايا ويا۔ جن ذريعي پاڻيءَ کي پري پري تائين ڪاھي وڃڻ ممڪن ٿيو۔جنھن ڪري سنڌ جي زراعت۾ترقي ٿي۽ٻوڏ کان به ڪجھه بچاءُ ٿيو۔ فصلن ۾ڪڻڪ ڪپهھ چانور جوئر ٻجھر تر مٽر چڻا مانھن موٺ۽ سرنھن جافصل ٿيندا ھئا۔جنھن سان سنڌ جي سکئي ستابي ھئڻ جوخواب پورو ٿيڻ لڳو۔ پر سنڌ جي اھاخوشحالي ٻاھرين حملي آورن جي اک ۾کٽڪندي ھئي۔جنھن ڪري ڌارين حملي آورن جو سنڌ کي ھميشه خطرو رھندو ھيو۔سنڌ جي ڪا اصلي اھڙي ذات يا قبيلو ناھي جيڪو ڪنھن نه ڪنھن حملي آور سان نه وڙھيو ھجي۔سنڌ پنھنجي خاصيت۽خوشحاليءَ ڪري سدائين حالت جنگ ۾رھي آھي۔سنڌوءَ جي آب امرت ۽ سوني ڌرتي انھن خاصيتن جي ڪري ھميشه ڦربي ۽ لٽبي رھي آھي۔ھزارن ميلن ۾سنڌ جي ٻيلن ۽ چراگاھن ۾ھرقسم جا جھنگلي ۽ پالتوجانور ھونداھئا۔ جيڪي وڏي واڌ ويجهھ وارا ھوندا ھئا۔جن جو شڪار به ڪيو ويندو ھيو۔ان دؤر ۾درياهه جا ڇڏيل نشان اڄ به سنڌ جي سيني تي سم نالن ڍنڍن ڍورن تلائن جي شڪل ۾موجود آھن۔
سياڻن جو چوڻ آھي سنڌ جي اھا جاءِ بچيل ناھي جتان درياهه بادشاهه ڦيرو نه پاتو ھجي۔ھلندي ھلندي جڏھن انگريزن سنڌ فتح ڪئي ته ھنن پنھنجن فتوحات کي اڳتي وڌائڻ لاءِ مواصلات جي ترقيءَ تي ڌيان ڏنو۔جنھن ۾بحري ۽ درياهي ٻيڙا سڙڪون ۽ ريلوي نظام قائم ڪيو۔ان سان گڏوگڏ سنڌ جي زرخيززمين مان ناڻو ڪمائڻ لاءِ ۽ ماڻھن جي دلين ۾جاءِ ٺاھڻ لاءِ سنڌونديءَ تي نھري نظام قائم ڪرڻ لاءِ رٿابندي شروع ڪئي۔جنھن ۾ سنڌؤ تي سکر وٽ ھڪ بئراج جوڙڻ جو منصوبو رٿيو۔لکين مزدورن ۽راڄن ڀاڳن کي واھن جي کوٽائيءَ جي ڪم تي لڳايو ويو۔ سالن جي محنت ۽ منصوبا بنديءَ کان پوءِ وڃي 1932 کان 1937 تائين سکر بئراج جڙي راس ٿي۔جنھن کي ايشيا جو وڏي ۾وڏو نھري نظام به سڏيووڃي ٿو۔ھن بئراج جي اتر ۾ٽي واهه دادو ڪئنال رائيس ڪئنال ۽ پٽ فيڊر ڪئنال وھيا ويا۔جيڪي اتر سنڌ۽بلوچستان کي سيراب ڪن ٿا۔ٻئي پاسي ڏکڻ واري ڪناري مان چارواه نارا ڪئنال ايسٽ فيڊر يا ميرواهه ۽ ويسٽ فيڊر يا فيض واهه وھايا ويا۔ھن بئراج سان سنڌ جي زراعت ۾ انقلاب اچي ويو۔ھلڪي سلڪي ٻوڏ کان به بچاءُ ٿي ويو۔ ھارين ۽ زميندارن غيرآباد زمينون آباد ڪرڻ شروع ڪيون۔زراعت جي لالچ۽شوق۾وڏن زميندارن چراگاهه ۽ ٻيلا به پائڻ شروع ڪيا ۔جنھن سان زرعي اپت ۾ته اضافو ٿيو پر جھنگلي جيوت ۽ چوپايو مال گھٽجڻ لڳو۔ڀاڳين جاڀاڻ خالي ٿيڻ لڳا ۽ ٻيلن مان جھنگلي جيوت جي سونھن ختم ٿيڻ لڳي۔ جيڪو سنڌ جي سونھن سان ڄڻ ھڪ انياءُ ھيو۔
بئراج کان پوءِ سنڌوءَ جي کاٻي۽ ساڄي ڪپ سان ٻوڏ کان حفاظت لاءِ سرڪاري بچاء بند ٻڌاويا۔جن سان وڻ پوکياويا۔جن وڌي ساوڪ به ڪئي۽بچاءُ بندن کي مضبوط به ڪيو۔انھيءَ دؤران بندن اندر ڪچي۾ زمين کي آباديءَ لائق بڻائڻ لاءِ ۽آباد ڪرڻ واسطي زميندارن ھارين جامستقل ڳوٺ ٻڌرايا۔جن کي وري بچائڻ لاءِ ڳوٺن کي چوڌاري بند ڏناويا۔جيڪي پڻ درياهه جي پيٽ ۾ننڍا بند بڻجي ويا۔اڳتي ھلي انھن ڳوٺن کي سھوليتون ڏيڻ لاءِ روڊ رستا جوڙياويا۔اڳتي ھلي فصلن کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ زمينداري بندن جو رواج وڌو ويو۔جن سان درياهه جو پيٽ زمينداري بندن سان ڀرجي ويو۔جنھن سان درياهه جا قدرتي لنگهھ بند ٿي ويا۔اھا سنڌو درياهه سان سڌي سنئين کنئونس ھئي۔جنھن تي درياهه بادشاه ھرسال پنھنجي موج مستيءَ سان ڪاوڙ جو اظھارڪري ٿو۔جنھن سان پلٽ کائي بچاءَ بندن کي گھارا ھڻندو آھي۽وڏو جاني۽ مالي نقصان ڪندوآھي۔حڪومتون ڪاغذن ۾۽ زباني ڪلامي زمينداري بندن خلاف بيان بازي ڪندي ته رھندي آھي۔ پر عملي طور ڪجھه به نه ڪندي آھي۔ اھو ان ڪري ٿئي ٿو جو زمينداري بندن جا مالڪ خود حڪومتن ۾ويٺل ھوندا آھن ۽کين سنڌ ۽ سنڌين کان وڌيڪ پنھنجا فصل پيارا آھن۔اھي عملي ميدان ۾زمينداري بندن جاحامي ھوندا آھن۔ جنھن ڪري ڏھاڪن کان زمينداري بند ھٽي نه سگھيا آھن۔ان کان علاوه زميندارن۽ ڏاڍن مڙسن سوين ھزارين ايڪڙن ۾ مڇين جا تلاءُ بند ڏيئي ٺاھيا ويا آھن۔اھي مڇيءَ جا تلاءَ به گڊؤ کان سجاول تائين درياهه جي پيٽ ۾پکڙيل آھن۔ جيڪا درياهه سان ٻي وڏي کنئونس آھي۔ان کان علاوه ھاڻي ته ڪچي واري علائقي ۾ھٿ وٺي شھر ٻڌرائي انساني آبادي وڌرائي زمينداري بندن جو بچاءَ ڪيو ويوآھي۔ٽين کنئونس درياهه بادشاھ سان اھا ڪئي وئي آھي ته زميندارن ٻيلي کاتي جي مدد سان ليز جاقانون جوڙائي ٻيلي کاتي جون زمينون ان شرط تي ليز کڻن ٿاته اڌ زمين تي ٻيلو پوکيندا پر سرزمين تي ان جي بلڪل ابتڙ ٿئي ٿو۔ ليز واري زمين تي ٻيلا ته ڪونه ٿاپوکين پر تيار ٿيل ٻيلن جاوڻ وڍرائي ڪاٺ به کپائن ٿا۽ زمين تي به قبضو ڪن ٿا۔ان سان درياهي ٻيلا به ختم ٿيندا ٿا وڃن۔ٻيلا جيڪي قدرتي حسن ماحول دوست ۽ سيلاب جي تيزيءَ کي روڪڻ ۾مدد به ڪن ٿا۔انھن جي گھٽجڻ سان ھرسال ٻوڏ جو خطرو رھي ٿو۔جنھن سان جاني ۽ مالي نقصان پڻ ٿئي ٿو۔جڏھن ته ھاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ ٻيلن جي زمينن تي قبضن خلاف فيصلا ڏنا آھن۔پر بااثرقابضن جي ڪري اڃان تائين نه ته زمينداري بند ھٽايا ويا آھن نه وري ٻيلي کاتي جي زمينن تان قبضا ختم ڪرايا ويا آھن۔جنھن سان اعليٰ عدالتن جي حڪم عدوليءَ سان گڏ قانون جي لتاڙ ۽ قبضا گيريءَ کي ھٿي ملي ٿي۔جنھن جوسبب قبضاگيرن جوحڪومتن ۾شامل ھجڻ ۽ قانون تي عمل نه ڪرائڻ آھي۔جيڪڏھن غلطيءَ سان ڪاٽڪري خالي ڪرائي وڃي ٿي ته ان تي وري قبضو ڪيو وڃي ٿو۔ قبضاگيرن جو من ماٺ ئي نٿو ڪري۔ٻيلوکاتو ھزارن جو عملو ھوندي قبضاگيرن کي منھن ڏيڻ کان لاچار آھي۔ٻيو کيسو گرم ڪرڻ واري رواج به ٻيلي کاتي جو ٻيڙو ٻوڙيوآھي۔عملو خود ٻيلن جو وڏو دشمن آھي۔ڊيوٽي نه ڪرڻ واري عادت به عملي ۾گھر ڪري ويئي آھي۔گھر ويٺي پگھارکڻڻ جو مزو ئي پنھنجو آھي۔قبضي ڪرڻ وقت روڪڻ سولو قبضو ڪرڻ کان پوءِ پٽرائڻ ڏاڍو ڏکيو آھي۔وس وارا قبضاگير ڳوٺن ۽ڪچي ۾آباد شھرن ۾آباد ماڻھن کي به زمينداري بندن لاءِ ڍال طور استعمال ڪن ٿا۔ماڻھن جي ڪچي ۾آبادي ھجڻ ڪري ڌاڙيلن کي به لڪڻ جا موقعا ملن ٿا۔2010۽2022۾آيل مھاٻوڏن۽برساتن تباھي آندي ان جوگھڻوسبب دريائي قدرتي لنگھ بند ھجڻ به آھي۔پڪي تي پڻ اھڙا لنگھ بند ھجڻ ڪري ٻوڏ۽برسات جوپاڻي پڻ رستا ٺاھڻلاءِ انساني آبادي۽ فصلن کي نقصان پھچائي ٿو۔ھن سال به مھاٻوڏ۽برسات جي اڳ ڪٿي ڪئي آھي۔گذريل مھابرسات۽ٻوڏ ماڻھن۽سرڪار کي وڏا تجربا ڏنا آھن۔ان ڪري ايندڙ نقصانن کان بچڻ لاءِ اڳواٽ احتياطي تدبيرن طور درياهه جي پيٽ مان زمينداري ۽ ھٿرادو بند ھٽرائي درياهه ۽ برسات جي پاڻيءَ کي رستو ڏنو وڃي ته جيئن درياهه ۽ برسات جو پاڻي بنا ڪنھن نقصان ڪرڻ جي گذري وڃي۔باقي ان ۾ٿوري به لاپرواھي ڪو وڏو جاني ۽ مالي نقصان پھچائي سگھي ٿي۔ڇوته زمينداري بند ڪچي ۾ھوندي پڪي لاءِ به وڏو خطرو آھن۔