ڪجهه ڏينهن اڳ قومي ايڪشن پلان جي ايپڪس ڪاميٽيءَ جي هڪ اجلاس ۾ ملڪ اندر دهشتگردي خلاف ”عزم استحڪام“ جي نالي آپريشن شروع ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. جنهن تي ملڪ اندر مخالف ڌر جي جماعتن ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. عام تاثر اهو آهي ته اهو آپريشن سي پيڪ جي معاهدي جي بحالي جي روشني ۾ ٿي رهيو آهي ۽ چين جي مطالبي تي ٿي رهيو آهي. ان آپريشن واري منظوري کان اڳ اسلام ۾ آباد ۾ پاڪ –چين مشاورتي اجلاس ٿيو هو جنهن ۾ ملڪ جي سمورين جماعتن نه رڳو شرڪت ڪئي پر سي پيڪ جي ٻئي مرحلي کي ڪامياب ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ان اهم اجلاس ۾ چيني وزير ليو جان چائو پڻ شرڪت ڪئي ۽ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ معاهدن تي سان ترقي جا نوان موقعا پيدا ٿيندا پر ترقي لاءِ اندرين استحڪام ضروري آهي. سيڙپڪاري لاءِ سيڪيورٽي جي صورتحال کي بهتر بڻائڻو پوندو. اها ڪيڏي نه دلچسپ ڳالهه آهي ته چين جي وزير ترقي لاءِ اندروني استحڪام جي ڳالهه ڪئي ته ٻئي ڏينهن تي قومي ايڪشن پلان جي ايپڪس ڪاميٽيءَ جي اجلاس ۾ جنهن آپريشن جو اعلان ڪيو ويو آهي تنهن جو نالو ئي عزم استحڪام“ رکيو ويو آهي.
مجموعي طور تي ڏسجي ته چيني وزير ليو جان چائو جنهن ” اندرين استحڪام“ کي پاڪستان جي ترقيءَ جو سبب ڄاڻايو آهي تنهن اندرين استحڪام جي هتي وڏي وقت کان ڳالهه ٿي رهي آهي. چيني وزير ته ظاهر آهي ته سي پيڪ معاهدي جي حوالي سان اها ڳالهه رکي آهي ۽ ان پنهنجي مفاد ۾ اها ڳالهه چئي آهي ته ملڪ اندر استحڪام هوندو ته سيڙپ ڪارن لاءِ پاڪستان اندر سيڙپ ڪاري لاءِ همت افزائي ٿيندي ٻي صورت ۾ سيڙپڪارن لاءِ غير يقيني واري صورتحال ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ ظاهر آهي ته ڏکي آهي.
پر اسان هتي اهو به چئون ٿا ته اندرين استحڪام هونئن به پاڪستان ۽ ان ۾ رهندڙ عوام لاءِ ضروري آهي. ان جو اعلان ڪجي يا نه ڪجي، اهو ته دنيا جي هر حڪومت جو اولين فرض آهي ته اها عوام جي جان، مال ۽ عزت جو تحفظ ڪري. ان حساب سان ڏسجي ته اهو ڪنهن به حڪومت جو معمول جو ڪم آهي ته اها ملڪ اندر دهشتگردي، فرقيواريت، انتهاپسندي، قتل غارت، چورين ڦرن، اسٽريٽ ڪرائيم، ڌاڙي والي جي روڪٿام لاءِ روز جي بنياد تي سخت ڪارروائي ڪري ۽ ان حساب سان روز آپريشن جي پاليسي تي هلي. يعني هر قيمت تي امن امان کي قائم رکي. پر افسوس ته هتي هڪڙن خاص موقعن تي ”آپريشن“ جا اعلان ڪيا ويندا آهن ۽ پوءِ انهن آپريشن جا سياسي ۽ سامراجي فائدا ورتا ويندا آهن.
اسان کي انهيءَ تي اصولي طور تي ڪو اعتراض ناهي ته حڪومت ملڪ اندر سيڪيورٽي توڙي سياسي حساب سان استحڪام قائم ڪرڻ لاءِ آپريشن ڪري پر سوال اهو آهي ته اهڙي آپريشن جي آخر نوبت ڇو ٿي اچي يا ڪنهن ٻئي ملڪ کي پاڪستان کان اهڙي مطالبي جي ڇو ٿي ضرورت پيش اچي. اهڙا آپريشن ته معمول موجب روز ٿيڻ گهرجن. ٻيو ته دهشت گرد ۽ ڏوهاري ايڏا طاقت ور ڇو آهن جو انهن خلاف سخت آپريشن جي ضرورت ٿي محسوس ٿئي. اهڙا آپريشن ماضيءَ ۾ به الائي ڪيترا ٿي چڪا آهن. نائين اليون واري واقعي کانپوءِ به ”دهشت گردي خلاف جنگ“ جي نالي ۾ جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ ڪيترائي سال آپريشن ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ ۽ عوام وڌيڪ غير محفوظ ٿي ويو هو. جنهن طالبانن خلاف آمريڪا جي چوڻ تي پاڪستان آپريشن ڪيو هو تنهن طالبان کي ئي آمريڪا افغانستان حوالي ڪري ڇڏيو ۽ اڄ اتي طالبانن جي حڪومت آهي پر انهن طالبانن پاڪستان کي نائين اليون کانپوءِ تمام گهڻو نقصان رسايو. طلبانن جي اوٽ ۾ پهريون ڀيرو ملڪ اندر ڊورن حملا ٿيا آمريڪا اندر ته صرف هڪ ڀيرو نائين اليون وارو واقعوٿيو پر ان آپريشن سبب ڏسجي ته پاڪستان دهشت گردن ۽ طالبانن جي هٽ لسٽ تي اچي ويو.
هاڻي وري جڏهن سي پيڪ تي معاهدي لاءِ بظاهر سازگار ماحول ٺاهڻ لاءِ عزم استحڪام آپريشن جو اعلان ڪيو ويو آهي ته ان تي فضل الرحمان اهو تبصرو ڪيو آهي ته ان سان پاڪسان وڌيڪ غير استحڪام ٿي ويندو، معنيٰ وري پاڪستان دهشتگردن ۽ طالبانن جي نشاني تي اچي ويندو. سو عام تاثر اهو آهي ته اهڙا آپريشن هڪڙن سامراجي مفادن لاءِ ڪيا وڃن ٿا پر جيڪڏهن واقعي به ملڪ ۽ ان ملڪ ۾ رهندڙ عوام جي استحڪام لاءِ ڪم ڪجي يا سوچجي ته ان جو طريقو بيحد سولو آهي. ڪي اشوز بظاهر جيڏا پيچيده ۽ ڏکيا سمجهه ۾ ايندا آهن تن جا حل وري اوڏا ئي سولا هوندا آهن.
سو اسان جو خيال آهي ته هن ملڪ اندر واقعي به اندريون استحڪام بيحد ضروري آهي جنهن ۾ سڀني جو مفاد آهي ۽ اهو استحڪام ملڪ اندر تڏهن ايندو جڏهن ملڪ اندر آئين ۽ قانون کي بالادست رکيو ويندو. مارشل لائن ۽ نظريئه ضرورت جي پاليسي کي ختم ڪيو ويندو ۽ ملڪ کي مڪمل طور تي آئين تحت هلايو ويندو. ملڪ جو هر ادارو آئين ۾ ڏنل ذميوارين تائين پابند هجي. جنهن ملڪ اندر آئين ۽ قانون بالادست نه هوندو اتي ظاهر آهي ته اندروني استحڪام ٿي ئي نٿو سگهي. سو جيڪڏهن اڄ جي حڪومت واقعي به ملڪ اندر استحڪام آڻڻ چاهي ٿي ته پوءِ ان کي اهو اعلان ڪرڻ گهرجي ته اڄ کانپوءِ ملڪ کي هر قيمت تي آئين ۽ قانون تحت هلايو ويندو ۽ آئين قانون کي ئي بالادست ڪيو ويندو.باقي آپريشن سان استحڪام پيدا نه ٿيندو. انهن آپريشنن سان ويتر مسئلا پيدا ٿيندا. جيئن پي ٽي آءِ سميت ملڪ جي چئن جماعتن اعتراض واريو آهي ته ان آپريشن جي اوٽ ۾ خيبرپختونخواهه ۾ آپريشن ڪرڻ يا آپريشن جي اوٽ ۾ لڏپلاڻ ٿيڻ نه ڏينداسين. يعني ڪن ڌرين کي سياسي آپريشن جو خدشو آهي جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف واضح ڪيو آهي ته هي فوڪسڊ آپريشن هوندو.
بهرحال اسان مجموعي طور تي ملڪ اندر هي قسم جي استحڪام جا قائل آهيون، ان سان برابر ملڪ ترقي ڪندو ۽عوام خوش حالي ماڻيندو اهو استحڪام ڪيئن قائم ٿيندو ان تي يقينن مختلف خيال ۽ موقف آهن. باقي ملڪ اندر استحڪام تي ڪنهن کي به اعتراض ناهي. اهو استحڪام ڪيئن آڻجي يا ڪيئن آڻي سگهجي ٿو ان تي مختلف رايا ٿي سگهن ٿا. اسان جو خيال آهي ته آئين ۽ قانون جي بالادستي ۽ خالص جمهوري نظام سان ئي ملڪ ۾ اندورني استحڪام ٿي سگهي ٿو.