عمران خان جي اڳوڻي گهرواري جمائما ٻي شادي ڪري ڇڏي

لنڊن (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي اڳوڻي گهرواري ۽ فلم پروڊيوسر جمائما گولڊ سمٿ ڪاروباري شخص ڪئمرون او ريلي سان ٻي شادي ڪري ڇڏي.
برطانوي اخبار ڊيلي ميل جي رپورٽ موجب، 52 ورهين جي ايوارڊ يافته فلم پروڊيوسر جمائما گولڊ سمٿ گذريل هفتي جي آخر ۾ 62 ورهين جي ڪئمرون او ريلي سان شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وئي.
رپورٽ موجب، ڊيلي ميل آن سنڊي مئي ۾ انڪشاف ڪيو هو ته هڪ سال جي رومانوي لاڳاپن کانپوءِ ٻنهي جي مڱڻي ٿي هئي.
آئرش نسل سان تعلق رکندڙ آسٽريلوي ڪئمرون او ريلي مرحوم ميڊيا ٽائيڪون ۽ عالمي رگبي اسٽار سر اينٿوني او ريلي جو پٽ آهي.
آڪسفورڊ يونيورسٽي مان گريجوئيشن ڪندڙ ڪئمرون پنهنجي ڪيريئر جو هڪ حصو پنهنجي پيءُ جو ڪاروبار ۾ هٿ ونڊائيندي گذاريو، جنهن ۾ انڊيپنڊنٽ نيوز اينڊ ميڊيا ۽ آسٽريليا جو اشاعتي ادارو اي پي اين نيوز اينڊ ميڊيا شامل آهن.
ان کانپوءِ هن خانگي سيڙپڪاري واري شعبي ۾ قدم رکيو ۽ 2000ع ۾ اي پي اين نيوز اينڊ ميڊيا جي چيف ايگزيڪيوٽو جي عهدي کان ڌار ٿي ويو.
ڪئمرون 2003ع ۾ خانگي سيڙپڪاري فنڊ بيارڊ ڪيپيٽل قائم ڪيو ۽ سوئٽزرلينڊ جي ميٽرنگ ڪمپني لينڊس اينڊ گائر حاصل ڪئي، جنهن جو هو چيف ايگزيڪيوٽو پڻ رهيو. بعد ۾ 2011ع ۾ توشيبا اها ڪمپني 2.3 ارب ڊالرن ۾ خريد ڪئي.
جمائما ۽ ڪئمرون جي ملاقات ان وقت ٿي، جڏهن ڪئمرون ڪيترين ئي ڊاڪيومينٽريز ۽ فلمن ۾ ايگزيڪيوٽو پروڊيوسر طور ڪم ڪري رهيو هو.
ٻنهي جي شروعاتي ملاقات دوستي ۾ تبديل ٿي، جيڪا پوءِ ۾ محبت ۾ بدلجي وئي.
جمائما جي هڪ ويجهي دوست اڳ ۾ ٻڌايو هو ته ٻئي هڪ ٻئي کي ڊگهي عرصي کان سڃاڻندا هئا ۽ ڪم جي سلسلي ۾ سندن ملاقات ٿي هئي، رومانوي تعلق قائم ٿيڻ کان اڳ به ڪجهه عرصو دوست رهيا.
جمائما جي ڀاءُ بين گولڊ سمٿ پڻ تصديق ڪئي آهي ته ٻنهي جي گذريل رات شادي ٿي.
واضح رهي ته جمائما گولڊ سمٿ اڳوڻي پاڪستاني وزيراعظم ۽ اڳوڻي ڪرڪيٽ ڪپتان عمران خان سان 1995ع ۾ شادي ڪئي هئي، جڏهن ته 9 سالن جي ازدواجي زندگي کانپوءِ 2004ع ۾ ٻنهي ۾ عليحدگي ٿي وئي هئي.
جمائما ۽ عمران خان جا ٻه پٽ سليمان ۽ قاسم آهن، طلاق کانپوءِ به جمائما جا عمران خان سان لاڳاپا ۽ سندن ٻارن بابت معاملا عالمي ميڊيا ۾ بحث جو موضوع رهيا آهن.

You might also like