بجيٽ ۾ پگهاردار طبقي تي ٽيڪس لڳائي ظلم ڪيو ويو: سيلريڊ الائنس

ڪراچي(  رپورٽر )  سيلريڊ الائنس پاڪستان طرفان ٽيڪس خلاف پريس ڪانفرنس ڪئي وئي. ان موقعي تي پري ڪانفرنس ڪندڙن ڪومل، عديل اقبال، ناصر حسين ۽ ٻين چيو ته ھن بجيٽ ۾  پاڪستان ۾ صرف پگھاردار  طبقو پورو ٽيڪس ادا ڪري پيو، ھن بجيٽ ۾ ٽيڪس وڌايو ويو آھي جنهن سان مڊل ڪلاس طبقي جي چيلهه چٻي ٿي وئي آھي، ھو گھر جو چرکو ھلائي نه ٿا سگھن، پگھاردار طبقي مٿان ٽيڪس لڳائي ظلم ڪيو ويو آھي، هڪ ته آمدني ناهي ٻئي طرف ٽيڪس وڌايو ويو آھي. ھنن وڌيڪ چيوته ھي بجيٽ ۾ سرڪاري ۽ پرائيويٽ ملازمن سان ناانصافي ڪئي وئي آھي، هڪ سال ۾ پاڪستان ۾ پڙهي لکيل ماڻهون ٻين ملڪن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ويا آھن جن ۾ 119 فيصد اضافو ٿيو آھي. ھنن حڪومت وقت کان مطالبو ڪيو ته پگھاردار مٿان  ٽيڪس ريٽ گهٽ ڪيو وڃي جيئن گھٽ پگھار کڻندڙ شھري سڪون سان زندگي گذاري سگھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.