سکر (رپورٽ:آزاد مهر) سکر بئراج جي متاثر گيٽن 47۽ 44جوڪم 5ڏينھن گذر ڻ جي باوجود حل نه ٿي سگھيو. ھاڻي وري ٽين حڪمت عملي جوڙي وئي آھي پر اڃان تائين سکر بيراج جي ٻن دروازن جي خرابي کي صحيح نموني حل ڪرڻ جي لاءِ حتمي حڪمت عملي سامهون ناهي اچي سگهي. ٽيون ڀيرو حڪمت عملي تبديل ڪئي وئي آھي ڇو ته ڪيسن گيٽ سکر بيراج تي پهچي ناهي سگهيو، ان ڪري انتظاميا جون ڳالهيون هوائي ثابت ٿي رهيون آھن، بيراج جا انجنئير توڙي چيني انجنيئر رڳو 44 هون دروازو ٺيڪ ڪري رهيا آھن، حڪمت عملي ۾ ٽيهر تبديلي اها ڪئي وئي آھي جو هاڻ 47 دروازي جي هيٺاهين پاسي پهريائن ڪافر ڊيم جو ڪم شروع ڪيو ويو آھي، ان کان اڳ آبپاشي کاتي نئون در لڳائڻ جو چيو ويو ھو، بعد ۾ وري ڪيسن گيٽ هڻي ڪافر ڊيم ٺاهڻ جو چيو هو، پر هاڻي ڪافر ڊيم اڳ ۾ ٺاهڻ جو ڪم شروع ٿيو آ ڇوته ڪيسن گيٽ اچي ئي ناهي سگهيو. پھريان ڪافر ڊئم تيار ٿيندو جنھن جي تياريءَ ۾ ماھرن موجب گھٽ ۾ گھٽ ٻه 2 ھفتا لڳندا، ھوڏانھن سکر بئراج جي اپ اسٽريم ۾ ڪيسن گيٽ سلٽ ۾ ڦاٿل آهي سلٽ مان ڪڍڻ لاءِ 5 ايڪسيويٽر چيف انجنئير مڪينيڪل جي رينڊم نگراني ۾ سلٽ کي ھٽائڻ جو ڪم ھلي رھيو آھي، ڪسان گيٽ کي آپريشنل ٿيڻ لاءِ پانڊ ليول تي منحصر آھي جنھن ۾ 2 ھفتا لڳي سگھن ٿا پانڊ ليول جي صورتحال برقرار رھي ته کاٻي پاسي جي وونئڻن جي فصلن کي ڪاپاري ڌڪ لڳڻ جا امڪان آهن. باقي ساڄي پاسي سارين لاءِ پوکيل ٻيجارن لاءِ پڇڙي جا آبادگارن کي پاڻي جي فراهمي متاثر ٿيندي، ان ڏس سکر بئراج ڪنٽرول روم جي انچارج مولانا عبدالعزيز سومرو سان رابطو ڪرڻ تي ھن ٻڌايو ته متاثر گيٽ نمبر 44جوڪم ڪم مڪمل ٿي چڪو آھي، باقي گيٽ نمبر 47جي آڏو ڪافر ڊيم جو ڪم ھلندڙ آھي اڄ اربع ڏينھن اميد آھي ته ڪيسن گيٽ کي ڇڪي متاثر گيٽ نمبر 47، تائين آندو ويندو عارضي گيٽ ھڻڻ بعد پانڊ ليول کي بھتر ڪري ٻن کان ٽن ڏينهن جي اندر ڪئنالن۾ پاڻي ڇڏيو ويندو.ٻئي طرف سکر بئراج جي آپ اسٽريم ۾ اڱاري جي ڏينھن 3ھزار ڪيوسڪ پاڻي ۾ واڌ اچڻ بعد مٿاھون وھڪرو 1لک11ھزار766ڪيوسڪ مان وڌي، 1لک15ھزار225ڪيوسڪ تي پھچي ويو آھي، جڏھن ته گڊو بئراج جو مٿانھون وھڪري ۾ 9ھزار ڪيوسڪ پاڻي ۾ لاٿ اچڻ سبب وھڪرو 1لک 62ھزار 927 ڪيوسڪ مان گھٽجي 1لک53 ھزار 435ڪيوسڪ ٿي ويو آھي، ھوڏانھن ڪابل ندي۾ نوشھره جي مقام وٽ ھيٺاھين درجي واري ٻوڏ ٿي وئي آھي، جتي آئوٽ۽ ان فلو 67ھزار600 ڪيوسڪ آھي. ٻئي طرف موسميات کاتي الرٽ جاري ڪندي امڪان ڏيکاريو آھي ته اڄ 26 جون کان پھرين جولاءِ تائين سکر خيرپور، سانگھڙ،مٺي بينظير آباد، عمرڪوٽ، لاڙڪاڻو، دادو، جيڪب آباد سميت سڄي سنڌ ۾ تيز ھوائن سان برسات پوندي. خدشو آھي ته تيز برسات جي صورت ۾ پاڻي ۾ واڌ اچڻ سان سکر بئراج جو ڪم متاثر ٿي سگھي ٿو.