پرتشدد احتجاج ۾ اسرائيلي ڪردار جون ترديد نه ٿيڻ جوڳيون شاهديون موجود آهن: ايران

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران جي سيون ملڪن جو بيان مداخلت پسنداڻو قرار ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ پرتشدد احتجاج ۾ اسرائيل جي ملوث هجڻ جون ترديد نه ٿيڻ جوڳيون شاهديون موجود آهن.
ايراني اختيارين چيو ته احتجاج کي پرتشدد بڻائڻ ۾ دهشتگرد عنصر شامل هئا، جن آمريڪي ۽ اسرائيلي مداخلت سان مدد حاصل ڪئي.
ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي گڏيل قومن کي خط لکي دعويٰ ڪئي ته ڪجهه بيان ۽ اعتراف ”واضح شاهديون“ آهن ته اسرائيلي انٽيليجنس آپريٽر احتجاج ۾ موجود هئا.
ايران اسرائيلي مداخلت جي شاهدين کي ٻاهرين مداخلت جو دليل قرار ڏيندي بيان ڪيو ته تشدد، هٿيار ۽ مالي امداد ٻاهران فراهم ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.