هن دنيا جي قائم ٿيڻ ۽ شروعات کان وٺي هاڻي تائين طاقت ۽ ڏاڍ جي زور تي ڦرلٽ جو سلسلو جاري آهي فاتحن نه مذهب ڏٺو آهي نه ڪا قوميت سندن نشانو (ٽارگيٽ) وسيلن جي ڦرلٽ ئي رهي آهي جن مختلف هيلن بهانن سان ٻين ملڪن تي حملا ڪري ڏاڍ جي زور تي پنهنجي بالادستي قائم ڪري ڦرلٽ کي جاري رکيو آهي
اسلامي جمهوريه پياري پاڪستان جي ٺهڻ کان وٺي تاريخ تي نظر وجهنداسين ته ان ۾ سنڌ جي ڦرلٽ به تيزيءَ سان جاري نظر ايندي جنهن طاقت، ظلم ۽ ڏاڍ جي زور تي پاڪستان جو وڏو پنجاب مختلف نعرن ۽ نالن ۾ سنڌ جي تيل، گئس، ڪوئلي ۽ ٻين قدرتي معدني وسيلن تي قبضو جاري رکيو اچي ويٺو آهي ان بابت سنڌي قوم کي رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد پنهنجي نظريي وسيلي آگاهي ڏئي چڪو آهي 17جنوري2026 تي سندس جنم ڏينهن جي موقعي تي کيس خراج پيش ڪندي ان جي جدوجهد ۽ ڪردار کي سلام پيش ڪجي ٿو ڪجهه حقيقتون نروار ڪرڻ جي ڪوشش آهي ، 79 سال گذري ويا وڏي دنيا جي وڏي دهشتگرد آمريڪا وانگر پنجاب به سنڌ مٿان به ساڳي ئي نموني واري ڦرلٽ ۽ بربريت جاري رکيو اچي پيو فرق ايترو آهي ته ترقي يافته ملڪن جي باشعور عوام خود آمريڪا جا ماڻهو ان ظلم خلاف احتجاجي مظاهرن وسيلي حقيقت پسندي جو ثبوت ڏيندا آهن ۽ هتي وري ابتو قانون آهي پنهنجي لاءِ هڪ قانون ۽ مظلوم قومن لاءِ ٻيو قانون جيڪڏهن ڪو مظلوم قوم جو ماڻهو پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿاريندو ته کيس غدار جو لقب ملي ويندو، پنجاب جي ڪجهه باشعور ماڻهن کي ڇڏي اتان جي اڪثريتي عوام پنهنجي ذاتي ترقي ۽ مفادن واسطي ملڪ جي مظلوم قومن جي تاريخي وطنن سان ٿيندڙ ظلم ۽ ڏاڍ تي خاموش تماشائي جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، سائين جي ايم سيد جي فڪر جي سوڀ کان هاڻي سندس مخالف به انڪار نه ٿا ڪري سگهن.
هينئر وفاق پرست پارٽيون به اهڙا بيان ڏيڻ تي مجبور آهن 2 ڏينهن اڳ ٿر جي پروگرام ۾ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول به ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪجھ قوتون صوبي ۾ ڪم نه ڪرڻ جا الزام لڳائي سنڌ جا وسيلا کسڻ چاهين ٿيون. فرق ايترو آهي ته حقيقت پرست ۽ قوم پرست ڌريون ڪجهه قوتون چوڻ بدران کلي واضع طور چون ٿا ته پنجاب سنڌ جا وسيلا کسي رهيو آهي اهو ڪريڊٽ به سائين جي ايم سيد تي آهي جنهن جي دور انديشي جي جهلڪ ڏسو سندس 50 سال اڳ ڪيل اڳ ڪٿي ته پنجاب سنڌ جو پاڻي روڪيندو ته توهان پنجاب جا رستا بند ڪجو ته هنن جي نڙيءَ تي لت ايندي. جنهن لاءِ گذريل سال اپريل 2025 ۾ سنڌ دوست وڪيلن ۽ سنڌ پرست ڌرين گڏجي سنڌو درياهه مٿان نوان ڪئنال ڪڍي پاڻيءَ تي لڳندڙ ڌاڙي خلاف سکر ٻٻرلوءِ بائي پاس سوڌو مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾تاريخي ڌرڻا هنيا ۽ 11 ڏينهن پرامن نموني تاريخي احتجاج ڪري پنجاب ويندڙ روڊ رستا بند ڪري ڇڏيا جنهن کانپوءِ سنڌو درياهه مٿان ناجائز ۽ غير قانوني ڪئنال ڪڍڻ جي فيصلي کي روڪڻ لاءِ ڪميٽين ٺاهڻ جا اعلان ڪري احتجاج ختم ڪرايو ويو اهو سنڌ سان محبت ڪندڙ جو تاريخي احتجاجي ٽيلر ثابت ٿيو پر افسوس جو هينئر به اقتدار جي نشي ۾ ڌت اقتدار پرست پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ سنڌ جي ڦرلٽ تي خاموش تماشائي وارو ڪردار ادا ڪندا پيا اچن 1904 ۾ 17 جنوري تي وڏن پهاڙن ويجهو ۽ سنڌو درياهه جي ڪناري تي قائم شهر سن ۾ پيدا ٿيندڙ سائين جي ايم سيد جي شخصيت به بلند پهاڙ ۽ سنڌو درياهه وانگر گهري هئي هن پنهنجي تحريرن ۽ تقريرن ۾ چيو هو ته سياست کي مذهب کان ڌار ڪيو ڇو ته هن ملڪ ۾ مسلمان ڀاءُ جي نالي ۾ ڦرلٽ جو سلسلو شروع ڪيل آهي هتي سدائين مذهب کي استعمال ڪري مظلوم قومن جا حق ڦٻايا ويا آهن جڏهن ته پاڪستان جون واڳون سنڀاليندڙ هن وقت تائين مذهب اسلام جي ابتڙ عمل پيرا ٿي حق کسي ظلم ڪندا پيا اچن، جيڪڏهن اسان پاڪستان ٺهڻ کان اڳ واري تاريخ تي به نظر وجهندا سين ته سائين جي ايم سيد جي سنڌ جي وسيلن جي محافظ هجڻ جي شروعات ان جدوجهد مان نظر ايندي جڏهن سنڌ بمبئي ريزيڊنسي سان گڏ هئي تڏهن هندستان سنڌ کي اتان ڪنٽرول ڪري سنڌ ٽيڪس ۽ وسيلا کڻي ويندو هو تڏهن هن سنڌ جي عاشق پنهنجي هم خيال دوستن سان گڏ پنهنجو آواز بلند ڪيو ۽ سنڌين پنهنجو وجود کي بچائڻ لاءِ جدوجهد وسيلي سنڌ کي بمبئي کان آزاد ڪرايو جنهن بعد سنڌ جا وسيلا سنڌ تي خرچ ٿيڻ لڳا،ون يونٽ جرنل ايوب خان انڪري ٺاهيو ته ننڍن صوبن جا وسيلا هڙپ ڪجن ان وقت به سائين جي ايم سيد مزاحمت جو علمبردار رهيو هن شيخ مجيب ۽ خان عبدالغفار خان سوڌو ٻين ساٿين سان گڏجي جدوجهد وسيلي تحريڪ هلائي جنهن قانون جو کٽيو اڄ سنڌ حڪومت کائي رهي آهي نه ته پنجاب پاران اڄ به ون يونٽ جهڙو نظام آڻڻ جون سازشون جاري آهن جيئن صوبن جا وسيلا وفاق حوالي ٿين.
سائين جي ايم سيد پنهنجي سياسي ڪيريئر جي شروعات 16 سالن جي عمر ۾ ڪئي،هن 17 مارچ 1920 تي پنهنجي اباڻي شهر سن ۾ خلافت ڪانفرنس منعقد ڪئي. سيد شروعاتي سنڌي سياستدانن مان هڪ هو جنهن اسلامي پاڪستان جي تخليق جي ڪوشش ڪئي، ۽ مسلم ليگ اڳواڻ محمد علي جناح پاران پيش ڪيل ٻه قومي نظريي جو آواز بلند ڪندڙ حامي بڻجي ويو؛ سيد سنڌ جو خالص اسلامي رياست لاءِ مذهبي جوش منزل گاهه واري واقعي کان پوءِ نظر اچي ٿو، سائين جي ايم سيد پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ دين اسلام جي نالي ۾ انهن جي ٺڳين ۽ مڪارين کي سمجهي ورتو پنهنجي غلطين جو اعتراف ڪري سنڌ جي آزاديءَ جو نعرو ڏنو، جنهن کانپوءِ سندس وڇوڙي واري ڏينهن يعني 25اپريل 1995تائين کيس سياسي قيدي بڻايو ويو. هن ضمير جي قيدي کي نه علاج جون سهولتون فراهم ڪيون ويون نه ئي ملڪ جي رياست کيس قيدي جو بنيادي حق يعني عدالت ۾ ڪيس ٻڌڻ جي حق کان به محروم رکيو سندس بيان ڪتاب جي صورت م موجود آهي.
سائين جي ايم سيد پنهنجي ننڍڙي عمر کان وٺي آخري گهڙيءَ تائين سنڌ جو محافظ ٿيڻ جو ڪردار ادا ڪندو آيو اڄ سندس نظريو سنڌ جي وسيلن ۽ حقن جو محافظ بڻجڻ وارو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي،جڏهن ته موجوده وقت ۾ آمريڪا هڪ غير مهذب غنڊو ثابت ٿيو آهي جيڪو دنيا ۽پنهنجي جوڙايل قانونن کي به نه ٿو مڃي ان جون موجوده پاليسيون نه رڳو انساني حقن جي جي ڀڃڪڙي آهي پر سندس پڇڙو روپ پرامن دنيا لاءِ خطرو آهي حيدر منزل سامهون نشتر پارڪ ڪراچي ۾ سائين جي ايم سيد پنهنجي سالگرهه جي جلسي ۾ واضع نموني پوري دنيا کي پيغام ڏنو هو ته اقوام متحده جو ڪردار مشڪوڪ بڻجي چڪو آهي هو طاقتور ملڪن جو پٺو ٿي ويو آهي ان کي ٻيهر ري شيڊول ڪيو وڃي ان جي نئين سر جوڙجڪ وسيلي ئي عالمي طاقتن جو توازن برقرار رهي سگهي ٿو.
سيد پنهنجي گهڻ رخي شخصيت ۾ ون مين آرمي هو سندس پيشنگويون درست ثابت ٿي رهيون آهن سائين جي ايم سيد ڪارڪنن کي صالح ڪردار ۽ بااخلاق ٿيڻ جي تلقين ڪندو رهيو هن پنهنجو ڪوبه جان نشين مقرر نه ڪيو پر چئي ويو ته هر بااخلاق صالح ڪردار منهنجو جان نشين آهي ان حوالي سان سان سائين جي ايم سيد ڪراچي تاج محل هوٽل ۾ سنڌي پورهيت سنگت طرفان ڏنل آجياڻي ۾ وجهه ڪائنات حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جو ريفرنس ڏئي اخلاق تي ڪم ڪرڻ جي ڪارڪنن کي هدايت ڪئي جيڪي سيد جو پوئلڳ يا جيئي سنڌ جو سڏرائي بڇڙا عمل ڪري رهيا آهن اهي ان جي فڪر تي عمل ڪندڙ نه پر سيد جي فڪر جي مخالفن جا ماڻهو آهن
سائين جي ايم سيد هڪ مفڪر هو اڄ جي ٺڳ سياستدانن وانگر سندن ڪردار نه هو هن اقتدار ۽عياشي واري زندگيءَ کي اهميت ڏيڻ بدران خير آباد چيو، هو هڪ روايتي سيد نه ٿيو. اڄ سيد جي فڪر جي آواز بلند آهي ان کي جھر جهنگ پهچائڻ جي ضرورت آهي سندس نظريي ۾ ئي سنڌ جي خوشحالي ۽ ترقيءَ جي ضمانت آهي. "تنهنجو عشق اتاھون هر جابر جي ذات اڳيان تنهنجو ڪنڌ جهڪڻ جو ناھي ٻي ڪنهن ذات منات اڳيان،آڏو آيا ڏاڍا گهڻا پر توکي الڪو اوٽو ناهي هر ڪنهن پنهنجي اصول کي ڇڏيو پر تنهنجي اصول کي لوڏو ناهي”