ڪڏهن ڪڏهن زندگي اسان کي ڪجهه اهڙن ماڻهن سان ملرائيندي آهي، جن سان اسان جي ملاقات ته چند گهڙين جي ٿيندي آهي، پر اهي چند گهڙيون ورهين جي يادن جا دروازا کولي ڇڏينديون آهن. ڪو اجنبي اوچتو ڀرسان اچي ويهندو آهي، ڪو معمولي سوال ڪندو آهي ۽ پوءِ ان سوال سان گڏ ماضيءَ جو هڪ پورو زمانو اسان جي اکين جي آڏو اچي بيهندو آهي.
ڪالهه ڇنڇر ڏينهن مون سان به هڪ اهڙو ئي لقاءُ ٿيو. مان پنهنجي وڏي پُٽ نور حيدر جي طبيعت ڏيکارڻ لاءِ ڪراچيءَ جي هڪ خانگي اسپتال ويس، اسان ڪرسين تي ويٺي پنهنجي نمبر اچڻ جو انتظار پئي ڪوسين ته هڪ پوڙهو پر بيحد صحتمند، تندرست ۽ توانو ۽ ڳاڙهو ڳٽول شخص منهنجي ڀرواري ڪرسيءَ تي اچي ويٺو. هڪ عمر ۾ لڳ ڀڳ اسي سالن جو ٿي لڳو. هن ٿوري دير لاءِ منهنجي چهري کي وڏي ڌيان سان ڏٺو، ڄڻ ڪنهن پراڻي تصوير کي ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هجي، پوءِ اوچتو پڇيائين ته توهان پي ٽي ويءَ ۾ هوندا آهيو نه؟ مان مسڪرائي وراڻيو، جي بلڪل، مان پي ٽي ويءَ ۾ ئي هوندو آهيان. توهان مون کي سڃاڻو ٿا ڇا؟ هن جواب ڏنو، مان توهان کي ڪيترائي پيرا پي ٽي ويءَ جي دروازي کان ايندي ويندي ڏٺو آهي. منهنجو گهر به پي ٽي ويءَ جي صفا ڀرسان هوندو هيو. مان شام جو پنهنجي گهر جي بالڪونيءَ ۾ ڪرسي رکي ويهندو هوس پي ٽي ويءَ جي ماڻهن کي ايندي ويندي ڏسندو رهندو هوس پر هاڻي مان گلستان جوهر ۾ رهندو آهيان. اهو ٻڌي مون کي حيرت به ٿي ۽ خوشي پڻ ته پي ٽي ويءَ جي عمارت اڄ به ڪنهن نه ڪنهن جي حافظي ۾ ايڏي گهري موجود آهي جو ورهين پڄاڻان به ان ۾ ايندڙ ويندڙ شخص کي سڃاتو وڃي ٿو، پر ان کان پوءِ هن مون کان جيڪو سوال ڪيو، تنهن مون کي اوچتو ڪيترائي سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو. هن پڇيو، ڀلا! پي ٽي ويءَ جي ڪينٽين هاڻي به هلي پئي؟ اهو سوال ٻڌي مان ڪجهه دير لاءِ ماٺ ٿي ويس. پوءِ مان هورڙيان چيو، جي نه! ڪينٽين ته هاڻي ڪونه رهي آهي. منهنجو اهو چوڻ هيو جو سندس چهري تي هڪدم اداسي لهي آئي. هڪ خوش باش ۽ چاق چڱو ڀلو ماڻهو اوچتو اجهامي ويو. هن ٿڌو ساهه ڀريندي وري مون کان پڇيو، معنيٰ ته پي ٽي ويءَ جي ڪينٽين ناهي رهي؟ مان چيو، وڏو وقت ٿيو آهي ان ڪينٽين کي بند ٿئي. ڪي ڏهه ٻارنهن سال ته ٿي ويا هوندا. پي ٽي ويءَ ۾ اسٽاف گهٽجندو ويو، مختلف ٺيڪيدار آيا، ڪينٽين هلائڻ جون ڪوششون به ٿيون، پر بدقسمتيءَ سان اها ڳالهه ڪونه ٺهي سگهي. اهو ٻڌي هو ماٺ ٿي ويو. پوءِ ٿڌو شوڪارو ڀريندي هن ٻڌايو، مون کي ڏاڍو افسوس ٿيو آهي. ڪو زمانو هيو، جڏهن مان اڪثر ڪري پي ٽي ويءَ جي ڪينٽين ۾ ماني کائڻ ايندو هيس. اتي ڏاڍي سوادي ماني ملندي هئي. ڏاڍي ڀلي ڪينٽين هوندي هئي. سندس لهجي ۾ رڳو هڪ ڪينٽين جي بند ٿيڻ جو ڏک ڪونه هيو پر هو اصل ۾ پنهنجي گذريل زماني جي هڪ حصي جي ختم ٿي وڃڻ تي ڏکارو ٿي ويو هيو. شايد اهو ئي ڪارڻ هيو جو سندس پڇيل هڪ ننڍڙي سوال منهنجي اندر يادن جي هڪ ڊگهي سلسلي کي جاڳائي ڇڏيو.
جڏهن مان 2005ع ۾ پي ٽي ويءَ ڪراچي ۾ آيس ته ان وقت پي ٽي ويءَ جي ڪينٽين آباد هوندي هئي. نه رڳو آباد پر اها پنهنجي پوري آب تاب سان زندهه هوندي هئي. اها هڪ اهڙي جاءِ هوندي هئي، جتي جتي گهڙڻ سان ئي لڳندو هيو ته اها رڳو ماني کائڻ جي جاءِ ڪونهي، پر پي ٽي ويءَ جي ڌڙڪندڙ زندگيءَ جو هڪ مکيه حصو آهي. هڪ وڏو هال، چئني پاسن، ميزون ۽ ڪرسيون رکيل ۽ هر ميز جي چوڌاري ويٺل نرالا ۽ مانائتا ماڻهو ڪٿي پروڊيوسر، ڪٿي اداڪار، ڪٿي موسيقار، ڪٿي گلوڪار، ڪٿي اسڪرپٽ رائيٽر، ڪٿي ڊزائيز، ڪي انجنيئر، ڪٿي ڪئمرامين، ڪٿي ٽيڪنيڪل اسٽاف ۽ ڪي وري مهمان، چانهه جي ڪوپن مان اٿندڙ ٻاڦ، گرما گرم مانيءَ جي خوشبوءَ، ڀانت ڀانت جي ٻوڙن ڀاڄين جي مهڪ، وڏا وڏا ٽهڪ، بحث مباحثا، شعر و شاعريءَ تي واهه واهه جا آواز، علمي ۽ ادبي ڳالهيون، پروگرامن جو ذڪر، ڊرامن جون ڪهاڻيون، ميوزڪ پروگرام جي ايندڙ هفتي ريڪارڊنگ جي نياري، ڪنهن فنڪار جو اچڻ، ڪنهن پروگرام جي ريهرسل، ڪنهن جي ڪاميابي تي مبارڪون، ڪنهن جي وڃڻ تي الواداعي تقريب ۽ ڪنهن نئين ساٿيءَ جي اچڻ تي آڌر ڀاءُ، اهو سڀ ڪجهه هڪ ئي هنڌ ٿيندو هيو.
ڪنٽين اصل ۾ ڪينٽن نه هوندي هئي پر اها پي ٽي وي ڪراچي جي مرڪز جي هڪ غير رسمي اسيمبلي هال هوندي هئي. اتي ڪو به پروٽوڪول ڪونه هوندو هيو. ڪار سمي ڪرسي ڪونه هوندي هئي. وڏي کان وڏو فنڪار به عام ڪرسيءَ تي اچي ويهي رهندو هيو ۽ هر نئون ايندڙ ملازم يا پروڊيوسر به ان ئي ماحول ۾ هِري مِري ويندو هيو. حيثيتون ۽ عهدا ٻاهر رهجي ويندا هئا، انسان اندر اچي ويندا هئا. مانجهاندي جي وقت ته ايڏي خلقت ايندي هئي جو ويهڻ جي جاءِ به ڪونه ملندي هئي، اسان پري بيٺي انتظار ڪندا هئاسين ته ڪا ميز خالي ٿئي ته ويهون. ڪڏهن ڪٿي ويهڻ جي جاءِ ملي ويندي هئي ته ڪڏهن ڪڏهن وري بيٺي بيٺي چانهه پيئبي هئي ۽ اها ئي ته زندگي هوندي هئي.
۽ پوءِ هڪ ڏينهن اها ڪينٽين، جيڪا ڪڏهن ماڻهن سان ڀريل هوندي هئي، سا خاموش ٿي وئي، اڄ جڏهن مان سوچيان ٿو ته دل ڏک ۾ ڀرجي وڃي ٿي. اهو ئي وڏو هال، اهي ئي ڀتيون، اها ئي جاءِ پر ماڻهو ڪٿي آهن؟ اهي ميزون نه شايد ڪي ٻيون هونديون، پر انهن جي چوڌاري ويهڻ وارا ڪٿي آهن؟ اهي ڪرسيون به ڪٿي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ پيون هونديون، پر انهن تي ويهندڙ فنڪار ڪٿي آهن؟ ڪڏهن ڪڏهن عمارتون به يتيم ٿي وينديون آهن، انهن جي اندر موجود شيون ته پنهنجي جاءِ تي پيل هونديون آهن، پر انهن ۾ زندگي وجهڻ وارا ماڻهو هليا ويندا آهن ۽ شايد پي ٽي وي ڪراچي جي ڪينٽين به اڄ ان يتيميءَ جو شڪار آهي.
ان پوڙهي سان منهنجي ملاقات چند منٽن جي هئي، پر هن منهنجي اندر جو سڄو هڪ دؤر جيئرو ڪري ڇڏيو هيو. اها ڪينٽين، جنهن کي مان سالن جا سال پنهنجي اکين سان آباد ڏٺو هو، اوچتو مون کي پنهنجي زندگي جي هڪ اهڙي باب جيئن محسوس ٿيڻ لڳي، جنهن کي مان شايد ڪڏهن چڱيءَ ريت پڙهيو ئي ڪونه هو. مان ڪنهن سوچ ۾ گم ئي هيس ته پوڙهي مون کي چيو: ”مان ڪنهن ڏينهن پي ٽي وي ايندس، مون کي اها ڪينٽين ضرور ڏيکارجو…“ مان کيس چيو جڏهن به دل دل چوي اوهان هليا اچو. پوءِ هن اها ڳالهه چئي جيڪا منهنجي دل ۾ تير جيان چُڀي وئي، مان اتي پاڻ کي ڳولڻ چاهيان ٿو. مان سندس اهي لفظ ٻڌي ماٺ ٿي ويس ۽ سوچڻ لڳس هي پاڻ کي ڪٿي ڳوليندو؟ هڪ خالي هال ۾؟ هڪ خاموش ميز وٽ؟ ڪنهن اهڙيءَ ڪنڊ ۾ جتي ڪڏهن ويهي هن ماني کاڌي هوندي؟ شايد ها! ڇو جو انسان جڏهن پنهنجي جوانيءَ کي ڳوليندو آهي ته پوءِ کيس هڪ آئينو ناهي گهربو. کيس رڳو اها جاءِ گهربي آهي، جتي سندس جوانيءَ ساهه کنيا هئا، هن پوڙهي ڪينٽين ۾ پنهنجي ماضي کي ڳولڻ ٿي چاهيو، شايد هو اتي بيهي ڪري چئي ته مان هتي ئي ويهندو هوس، شايد کيس ڪنهن پراڻي دوست جو چهرو ياد اچي وڃي. شايد ڪنهن کاڌي جي خوشبوءِ محسوس ٿيس، شايد کيس پنهنجي جوانيءَ جي ڪا گهڙي يا ڪو پل پهر موٽي ملي
سندس نمبر سڏيو ويو ته اهو پوڙهو تڙ تڪڙ ۾ موڪلائي ڊاڪٽر ڏانهن هليو ويو. مان سوچڻ لڳس ته پي ٽي ويءَ ڪراچي جي ڪينٽين به هڪ ڪهاڻي آهي، جيڪا اڄ به ڪٿي نه ڪٿي موجود آهي پر ان ڪهاڻي جا ڪردار موجود ڪونهن، جيڪي کيس جيئرو رکندا هئا. مان اهو به سوچيو ته شايد ڪنٽين بند ناهي ٿي، شايد اسان ئي ان زماني مان نڪري آيا آهيون، جنهن ۾ اها ڪينٽين آباد هوندي هئي.
ڪڏهن ڪڏهن شام جو آفيس جي اندر واڪ ڪندي ڪينٽين وٽان گذرندو آهيان ته ڪيترين ئي پراڻي يادن جي خوشبوءِ اچي پهچندي آهي ۽ پوءِ لڳندو آهي ته مان ڄڻ ڪينٽين ڏانهن واپس وڃي رهيو آهيان پر حقيقت اها آهي ته اسان ڪينٽين ڏانهن واپس ڪونه وڃي رهيا هوندا آهيون اسان پنهنجي جواني ڏانهن واپس موٽي رهيا هوندا آهيون ۽ جواني جي سڀ کان وڏي ستم ظريفي اها هوندي آهي ته اها جڏهن اسان وٽ هوندي آهي ته پوءِ اسان کي ان جو ڪو قدر ناهي هوندو ۽ جڏهن وري اسان کي ان جو قدر پوندو آهي ته پوءِ اها صرف هڪ ياد بنجي چڪي هوندي آهي. شايد ان ڪري ئي ان پوڙهي اها ڪينٽين ڏسڻ ٿي چاهي. هن ماني کائڻ ڪونه ٿي چاهي، هن چانهه پيئڻ ڪونه ٿي چاهي. کيس ميز ۽ ڪرسي جي گهرج ڪونه هئي، هن رڳو هڪ پل لاءِ پنهنجي پاڻ سان ملڻ ٿي چاهيو ۽ شايد اسان سڀ به پنهنجي حياتي ۾ ڪڏهن نه ڪڏهن اهڙي ئي ڪنهن جاءِ ڏانهن واپس وڃڻ چاهيندا آهيون، جتي اسان پاڻ کي ڇڏي آيا هوندا آهيون. جتي اسان جا ٽهڪ رهجي ويا هئا، جتي اسان جا دوست رهجي ويا هئا، جتي اسان جا خواب رهجي ويا ۽ اسان جي جواني رهجي وئي هئي. پي ٽي وي ڪراچي جي ڪينٽين به هڪ اهڙي ئي جاءِ آهي، جتي اڄ به خاموشي ويٺي آهي پر جيڪڏهن توهان ڪجهه دير لاءِ اکيون بند ڪري ڌيان سان ٻڌندا ته شايد توهان کي هاڻي به چانهه جي ڪوپن جو کڙڪو، ڪنهن اداڪار جو ڊائلاگ، ڪنهن گلوڪار جي جهونگار، ڪنهن پروڊيوسر جو سڏ، ڪنهن موسيقار جي ڌن ۽ ڪنهن پراڻي دوست جي پڪار ضرور محسوس ٿيندي ۽ پوءِ پري کان ڪو آواز ايندو، صاحب اچو! ماني لڳي وئي آهي ۽ پوءِ شايد ان گهڙيءَ اسان کي اهو احساس ٿئي ته اها ڪينٽين بند ناهي ٿي اها رڳو وقت جي هڪ دروازي پويان هلي وئي آهي ۽ اسان جڏهن به چاهيون اهو دروازو کولي سگهون ٿا.