ٻيون ۽ آخري حصو
جيستائين قومي تحريڪ ۾ ’ڪتاب اڇلايو ڏنڊا کڻو‘ وارو رجحان نه آيو ھئو ته ھر سياسي/قومي ڪارڪن مطالعو ڪرڻ پنھنجو فرض سمجھندو ھئو جڏھن ته دلچسپي رکندڙ دوست لکڻ جي به ڪوشش ڪندا ھئا. ھڪ ڪميٽيڊ ڪارڪن وانگر فيلڊ ورڪ ڪندي علي نواز مطالعي جي ضرورت ۽ اھميت کي محسوس ڪندي انقلابي لٽريچر پڙھڻ شروع ڪيو. ڪجهه وقت کان پوءِ لکڻ ۾ به دلچسپي وٺڻ شروع ڪيائين. ان ۾ به ڪجهه دوستن کي لکرائڻو پوندو ھئو پر علي نواز جي آڏو چند اھم نقطا رکبا ته پاڻھيئي بيان يا مضمون تيار ڪري ويندو. باقاعدي لکڻ جي شروعات منھنجي صلاح سان مائوزي تنگ جي تنظيم بابت لکڻين جي ترجمي سان ڪيائين. ڪجهه وقت ۾ صورتحال اھا ٿي وئي ته علي نواز اخبار ۾، ڪانفرنس ۾ يا جلسي ۾ پارٽي موقف ڀرپور نموني رکي سگھندو ھئو.
اھو دنيا ۾ انقلابن جو دور ھئو، اسان به ٻين کان علاوہ روس ۽ چين جي انقلابن مان ڪافي ڪجهه سکيو. ان مان ھڪڙو سبق گڏيل قيادت ۽ ٽيم ورڪ جو ھئو. سو اسان به (پھرين ڪراچيءَ ۾ پوءِ سنڌ ۾) ٽيم ٺاھن ۽ ٽيم طور ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. پھرين ’جوڙي‘ مان ’ٽہ ياري‘ ٿياسين: خالق جوڻيجو، علي نواز ٻٽ، ھاشم کوسو. سائين جي.ايم.سيد سميت ماڻھو اسان کي ائين سڃاڻڻ لڳا. ان کانپوءِ ٽيم جو دائرو وڌندو ويو. درمحمد عالماڻي، عبدالمالڪ مھر، انور ميمڻ، عبدالڪريم چانڊيو، اسماعيل ميمڻ، اياز ھڪڙو، سرور سھتو، امر جوڻيجو، خان محمد ڀيو، مير محمد پيرزادو، مٺل ملاح، ياسين سنڌي، راشد مورائي، شفيع سينھڙو، علي حسن چانڊيو، ڊاڪٽر برڪت جتوئي، مولا بخش ٻرڙو (۽ ڪجهه ٻيا).
ھي اھي دوست ھئا جيڪي لڳ ڀڳ ھر صلاح مشوري ۾ شامل ھوندا ھئا باقي ته ھر متحرڪ ۽ زمين تي ڪم ڪندڙ ڪارڪن سان اسان جو رابطو به ھوندو ھئو ته ڪچھريون به ٿينديون ھيون جو اسان پاڻ زمين تي ڪم ڪندڙ ڪارڪن ھئاسين. اھو ئي سبب ھئو ته جڏھن 1995 ۾ سائين جي.ايم.سيد جي وفات وقت سندس پارٽي جيئي سنڌ محاذ کي ٽوڙڻ جي حڪمرانن جي منصوبي تي عمل شروع ٿيو ۽ ان وقت جا پارٽيءَ جا اڪثر ليڊر (ڄاڻائي يا اڻڄاڻائي ۾) ان پاسي بيٺا ھئا پر ڪارڪنن جي اڪثريت پارٽيءَ کي بچائڻ جي جنگ واري فيصلائتي گھڙيءَ ۾ اسان سان بيٺي. اھوئي سبب ھئو ته ’ٽوڙ‘ جي اڳواٽ ڪيل فيصلي تي ٺپو ھڻڻ لاءِ جيڪو اجلاس ڪوٺيو ويو ان ۾ ھيڏانھن ھوڏانھن جي ماڻھن کي ٻانھن کان جھلي ويھاريو ويو. انھن ۾ اھي به ھئا جن سائين جي.ايم.سيد ۽ سندس سياست خلاف باقاعدہ (لکت ۾) مھم ھلائي ھئي. ايتري تائين جو اجلاس جي صدارت به اھڙي شخص کان ڪرائي ويئي جنھن جو ڪڏھن به جيئي سنڌ محاذ سان نه رڳو واسطو نه رھيو ھئو پر مخالفن جي صف ۾ بيٺو ھئو.
پارٽيءَ جي اڳلي مرحلي ۾ چونڊ ٿي (گھڻو ڪري 1981) ته علي نواز کي به مرڪز (سپريم ڪائونسل) تي کنيو ويو. پوءِ اسان جي ويجھڙائي ۽ ذھني ھم آھنگي ۾ اڃا اضافو ٿيو. سپريم ڪائونسل جو ھر مھيني اجلاس سن ۾ ٿيندو ھئو. ڪراچي کان اسان گڏجي حيدرآباد ويندا ھئاسين سائين سرور سھتي وٽ، جتان ٽيئي ڄڻا ڪچھريون ڪندا سن ويندا ھئاسين جنھن دوران سياسي، سماجي، تنظيمي ۽ ذاتي معاملن تي بي لاگ گفتگو ٿيندي ھئي. ان جي نتيجي ۾ اسان ٽنھي ۾ ذھني ويجھڙائي وڌندي ھئي جنھن جو اظھار پارٽي اجلاس دوران اسان جي موقف ۾ ھ ڪجههڙائي جي صورت ۾ ٿيندو ھئو. ان تي ھڪ دفعي اسان جي ٻئي سينئر دوست شڪايت ڪندي چيو ته ”ھي اڳواٽ پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪري ٿا اچن“ جنھن تي اجلاس طرفان کيس چيو ويو ته ”اھا ته چڱي ڳالھ آھي، ٻين دوستن کي به ائين ڪرڻ گھرجي“.
دنيا جي انقلابي تحريڪن کان اسان سکيو ھئو ته پارٽي سماج جي مختلف شعبن/حصن کي متحرڪ ۽ منظم ڪرڻ لاءِ پنھنجا بااعتماد ۽ باشعور ساٿي مقرر ڪندي ھئي. علي نواز ٻٽ جي صلاحيتن، ڪمٽمنٽ ۽ ڪردار کي ڏسندي مون جيئي سنڌ محاذ جي مرڪز وٽ تجويز رکي ته علي نواز کي سنڌي پورھيت سنگت تي مقرر ڪيو وڃي جيڪا يڪراءِ منظور ڪئي ويئي. ان کان پوءِ سنڌي پورھيت سنگت ۽ علي نواز ٻٽ جو نالو ڄڻ ته ھم معنٰي بڻجي ويو. ڪراچيءَ کان ڪشمور ۽ ڄامشوري کان نوري آباد ۽ بدين تائين پورھيت سنگت کي ڦھلائڻ ۽ منظم ڪرڻ ۾ جيتوڻيڪ اسان جي ٽيم جي ميمبرن، خاص ڪري درمحمد عالماڻي ۽ عبدالمالڪ مھر جي محنت ۽ تعاون جو به اھم حصو ھئو پر يقيني طور ان ۾ مک ڪردار علي نواز ٻٽ جو ھئو.
اھم سياسي، تنظيمي ۽ پروفيشنل معاملن تي ٽيم جا سينئر ميمبر صلاح مشورو ضرور ڪندا ھئاسين ۽ ضرورت تحت پارٽي ادارن کان به رھنمائي ٿيندي ھئي پر سمورو تنظيمي ڪم پورھيت سنگت ۾ ڪم ڪندڙ دوستن جي محنت ۽ علي نواز جي اڳواڻيءَ جو ڦل ھئو. ھڪ اھم ۽ ڏکيو معاملو اھو آڏو آيو ته جيئي سنڌ محاذ جي قومي آزادي واري جدوجھد ۾ سنڌي پورھيت سنگت جي رول ۽ بحيثيت مزدور تنظيم ان جي پروفيشنل ڪردار ۾ ھم آھنگي ڪيئن پيدا ڪجي. ان تي اسان ٻنھي کي ڪافي محنت ڪرڻي پئي. الڳ الڳ ڪجهه شيون سمجھي يا ھٿ ڪري پوءِ وري گڏجي ويھي انھن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪندا ھئاسين. انقلابي پارٽين کان مليل علم ۽ سنڌ جي عملي صورتحال جي ميلاپ مان پنھنجو رستو ٺاھڻ جي ڪوشش ڪئيسين – ڪيترو ڪامياب وياسين اھو وقت ٻڌائيندو.
پارٽي جي ذيلي فرنٽن مان جتي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن پارٽي لاءِ مسئلن جو ميڙ ھئي اتي سنڌي پورھيت سنگت پارٽي لاءِ اثاثو (Asset) ھئي. پارٽيءَ جي سياسي پروگرامن ۾ افرادي توڙي انتظامي لحاظ کان ڀرپور حصو ادا ڪندي ھئي. ڪراچيءَ جي تاج محل ھوٽل ۾ پارٽي جي چونڊيل قيادت کي ڏنل استقباليو سنڌي پورھيت سنگت جو بيمثال ڪم ھئو جتي بطور خاص مھمان سائين جي.ايم.سيد شاھڪار خطبو ڏنو.
اھڙي طرح وري اسان جي مجموعي ٽيم جو مثالي ڪم ڪراچي ايئرپورٽ وارو بھارين خلاف احتجاج ھئو. بينظير ڀٽو پھريون ڀيرو اقتدار ۾ ايندي بھارين کي آڻڻ جو اعلان ڪيو. پھريون جھاز اچڻ جي تاريخ 26 جنوري 1989 ٻڌائي ويئي. 19 جنوري تي پورھيت سنگت جي ميزباني ۾ ٿيندڙ سائين جي.ايم.سيد جي سالگرہ جي جلسي ۾ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين عبدالواحد آريسر ڪراچي ايئرپورٽ تي احتجاجي مظاھري جو اعلان ڪيو. اعلان ڪري چيئرمين صاحب ڳوٺ ھليو ويو، تان جو مظاھري ۾ به ڪونه آيو. ٽيليفون جو رابطو ھئو ڪونه جو مشورو ڪري سگھجي، سو پارٽي چيئرمين جي اعلان کي پاڻي ڏيڻ جو ذمو اسان جي ڪراچي واري ٽيم کنيو. محدود ٽيليفون سھوليت صرف منھنجي گھر ۾ ۽ علي نواز جي آفيس ۾ ھئي، اخبار به ھڪڙي ھلال پاڪستان ھئي سابه حڪمران پيپلز پارٽي جي، پر اتي ٽيبل تي ويٺل قومي سوچ وارن صحافين، خاص ڪري نصير اعجاز، سٺو تعاون ڪيو. انھن محدود وسيلن کي استعمال ڪندي ڏينھن رات جي محنت ۽ ڊڪ ڊوڙ وسيلي ڪراچي ايئرپورٽ ٻاھران تاريخي مظاھرو ٿيو جنھن لاءِ اخبارن لکيو ته ’ڪراچيءَ ۾ سنڌين جو سمنڊ اٿلي پيو‘. نتيجي ۾ بھارين جي آمد رڪجي وئي. ان پروگرام ۾ به علي نواز جو ڪم گھڻو ھئو.
اڳتي ھلي علي نواز اسان کي ڇڏي ٻين سان گڏيو جيڪي وري کيس ڇڏي ويا. بھرحال ھن پنھنجي جدوجھد جاري رکي. محدود وسيلن ۽ صحت جي مسئلن جي باوجود ھن ’مرد مٿير‘ جي قومي حقن لاءِ جاکوڙ جاري رھي. جيڪا ڳالھ پھاڪي جي صورت ۾ علامتي طور چئي ويندي آھي ’ساھ جي آخري گھڙي تائين جدوجھد ڪرڻ‘ سا علي نواز ٻٽ عملي طور ڪري ڏيکاري.
مون جيئي سنڌ محاذ ۾ ۽ قومي تحريڪ ۾ ھڪ نئين عنصر کي اڳتي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. مون سوچيو ته جيتري قومي ڪارڪنن ۾ ذاتي ويجھڙائي ۽ اعتماد ھوندو اوترو جدوجھد جي ڏکين مرحلن ۾ وڌيڪ مضبوطي سان بيھي سگھندا. ان مان ان جاگيرداراڻي سوچ کي ختم ڪرڻ به مقصود ھئو ته ”عورتون رڳو گھر ۾ رھڻ لاءِ آھن“. ان سلسلي ۾ سڀ کان پھرين مان پنھنجي گھرواريءَ کي ٻُٽ سرائي وٺي ويس. اتان کان اسان جو سياسي تعلق سان گڏ گھريلو لاڳاپو به قائم ٿيو جيڪو ايترو مضبوط ٿيو جو اسان جون سياسي راھون جدا ٿيڻ جي باوجود قائم رھيو ۽ اڄ ڏينھن تائين آھي.
الڳ سياسي رستا اختيار ڪرڻ واري معاملي بابت مان ڪجهه نه چوندس. ڪنھن جو فيصلو ڪيترو درست ھئو اھو فيصلو وقت ڪندو، تاريخ ڪندي.