پيٽروليم شين جي اگهن ۾ هوش اڏائيندڙ واڌ سمورين شين جي قيمتن ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو ڪري ڇڏيو آهي. بجلي ۽ گئس جي اگهن ۾ به مسلسل واڌ ۽ ٻنهي جي لوڊشيڊنگ هر ماڻهوءَ جي زندگي اجيرن بڻائي ڇڏي آهي. بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ ۽ انهن جي اگهن ۾ مسلسل واڌ سبب خانگي شعبو اڳ ئي متاثر هو، مٿان وري پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافي هيٺئين طبقي جو ته ذڪر ئي ڇا، وچولي طبقي جي به چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي. هڪ طرف ملڪ جي آباديءَ جي اڪثريت مهانگائيءَ جي عذاب ۾ مبتلا آهي ته ٻئي طرف نفسيات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته طلاق جي شرح ۾ غيرمعمولي واڌ، خودڪشين جي واقعن ۾ اضافو ۽ نوجوانن ۾ ڏوهن جي شرح وڌڻ جو بنيادي سبب پڻ مهانگائي آهي. خانگي شعبي پنهنجا خرچ پورا ڪرڻ لاءِ ملازمن جي ڇانٽي شروع ڪري ڇڏي آهي. مزدورن جي تحفظ لاءِ لاڳو قانون به خانگي شعبي کي مزدورن جي ڇانٽي کان روڪي نٿا سگهن. هڪ سروي موجب هيٺئين طبقي جا گهڻا خاندان ٽن وقتن جي کاڌي کان محروم رهن ٿا، جڏهن ته ٻئي طرف اشرافيه جي طرزِ زندگيءَ ۾ ڪو فرق نه آيو آهي. حڪمران خاندانن ۾ شادين دوران قيمتي زيورن ۽ مهانگين ساڙين جي نمائش، سخت گرميءَ ۾ پرڏيهه مان تيار ٿيل سوٽ ۽ ٽائي پائڻ، ڪروڙين رپين جي قيمت وارين وڏين گاڏين ۽ حفاظتي عملي سان گڏ روڊن تي انهن گاڏين جي ڊوڙڻ سبب عام ماڻهوءَ جي رياست کان مايوسي وڌي رهي آهي. ٻئي طرف سڄو بلوچستان تاريخي بدانتظاميءَ جو شڪار آهي.
خيبر پختونخوا ۾ هٿياربندن جون ڪارروايون مسلسل وڌي رهيون آهن. سنڌ ۾ مهانگائي ۽ نون صوبن جي قيام خلاف احتجاج لاءِ جلسا ۽ جلوس ته نڪري رهيا آهن، پر ڪنهن گڏيل احتجاج جي صورت نظر نٿي اچي. سياسي سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته منظم سياسي ڪلچر ختم ٿيڻ سبب اجتماعي جدوجهد جو شعور به معاشري مان ختم ٿي ويو آهي. سياسي سائنس جا ماهر چون ٿا ته جنرل ضياءَ الحق جي دورِ اقتدار ۾ سياستدانن جي ڪردارڪشيءَ جي منظم مهم شروع ٿي. طالع آزمائي ڪندڙ قوتن جا دانشور ان مهم کي هٿي ڏيندا رهيا، جڏهن ته سياسي جماعتن جا اڳواڻ هڪ ٻئي تي بدعنوان هجڻ جا الزام لڳائيندا رهيا. ساڳئي دور ۾ تعليمي ادارن مان شاگرد يونين جو ادارو ختم ڪيو ويو. اهڙيءَ ريت نوجوان جيڪي تعليمي ادارن ۾ تنظيم سازي، جمهوري روين جي ڪاميابي ۽ ناڪامي کي برداشت ڪرڻ جو سبق سکندا ۽ اجتماعي جدوجهد جي شعور کان واقف ٿيندا هئا، اهو سلسلو ختم ٿي ويو. صنعتي ادارن ۾ مزدور يونين جي اداري تي عملي طور پابندي لاڳو ٿي وئي.
هاڻي مزدور يونين جي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ کي به هڪ ڏوهه سمجهيو وڃڻ لڳو. جنرل ضياءَ الحق جي دورِ اقتدار ۾ غيرجماعتي بنيادن تي چونڊن ذريعي اجتماعي شعور جو سبق ڪمزور ٿيو. هڪ جمهوري عمل ۾ ذات، برادري، فرقي ۽ مذهب کي اهميت ڏني وڃڻ لڳي. سول حڪومتون قائم ٿيون ته انهن حڪومتن جي اڳواڻن سادگيءَ جي لفظ کي پنهنجي لغت مان خارج ڪري ڇڏيو. حڪومتي وزيرن جي شاهانه خرچن ۽ روزانو ميڊيا ۾ مختلف کاتن ۾ ڪرپشن جي اسڪينڊلن جي پڌرائيءَ سبب حڪمرانن ۽ عوام وچ ۾ فاصلا وڌندا ويا. جڏهن سوشل ميڊيا مقبول ٿي ته چونڊيل نمائندن جون فضول خرچيون ۽ اسيمبلين جي ڪينٽينن ۾ انتهائي سستن کاڌن جون فهرستون وائرل ٿيڻ لڳيون. وڏين وڏين گاڏين جي درآمد، ايتري قدر جو حڪمرانن لاءِ قيمتي جهاز خريد ڪرڻ جهڙن منصوبن جي سوشل ميڊيا تي نمائش، چونڊيل اسيمبلين جي هالن ۾ رکيل صوفن ۽ برطانيا جي پارليامينٽ ۾ ميمبرن لاءِ رکيل بينچن جون وڊيوز، روزانو سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي ڏيکارڻ سان عوام ۽ سياسي جماعتن وچ ۾ فاصلا وڌيڪ وڌي ويا. ٻئي طرف مهانگائيءَ جي طوفان ۽ يوٽيلٽي خدمتن جي مهانگائيءَ واري ڪلچر ۾ عام ماڻهو ڦاسي رهجي ويو.
سڄي ملڪ جي غريب علائقن ۾ پوليس جي زيادتين ۽ عدالتي نظام مان فوري انصاف نه ملڻ سبب عام ماڻهوءَ جو پنهنجي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ اجتماعي جدوجهد جو تصور ماضيءَ جو حصو بڻجي ويو. پهريان ته تحريڪ انصاف ۽ حڪومت مخالف اڳواڻ حڪومت کي فارم 47 جي پيداوار قرار ڏيندا هئا، هاڻي سياسي ڍانچي جي هڪ وڏي حصيدار پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جا وزير به مسلم ليگ ن خلاف اهڙا ئي بيان ڏئي ڇڏين ٿا، پر ساڳي پيپلز پارٽي وري مسلم ليگ ن جي قيادت سان گڏ پارليامينٽ ۾ قانون سازي لاءِ سهڪار جو لائحه عمل به تيار ڪري ٿي. هن وقت سڀ کان اهم سوال اهو آهي ته سياسي ڪلچر کي ٻيهر ڪيئن مضبوط ڪيو وڃي؟ سياسي ڪلچر کي هٿي ڏيڻ لاءِ ضروري آهي ته اقتدار ۾ شامل سموريون جماعتون شفافيت کي لازمي بڻائين ۽ پنهنجي صفن ۾ موجود بدعنوان عنصرن جو حقيقي احتساب ڪن. سمورا چونڊيل ميمبر سادگيءَ کي پنهنجو نصب العين بڻائين. ڪو به شخص پرڏيهه مان سوٽ خريد نه ڪري. حڪومتي وزير ۽ بيوروڪريسي هڪ هزار سي سي کان وڌيڪ گاڏيون استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪن. سمورا وڏا وزير پنهنجا هوائي جهاز ايمرجنسي سروس جي حوالي ڪن ۽ ڪو به چونڊيل نمائندو سرڪاري توشه خاني مان ڪا شيءِ خريد نه ڪري. سياسي اڳواڻ هڪ ٻئي جي ڪردارڪشيءَ جي روايت ختم ڪن. ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ شاگرد يونين جو ادارو قائم ڪيو وڃي ۽ هر صنعتي اداري ۾ مزدور يونين جي قيام کي لازمي قرار ڏنو وڃي.
هيٺين سطح تائين اختيار رکندڙ بلدياتي ادارا قائم ٿيڻ گهرجن، ته جيئن عوامي نمائندا شهري مسئلا پنهنجي سطح تي حل ڪري سگهن. ان سان گڏ اسڪولن ۽ ڪاليجن جي نصاب ۾ آمرانه ادارن جي تاريخ بابت باب شامل ٿيڻ گهرجن، ته جيئن عام شاگرد مارشل لا جي دورن ۾ ٿيندڙ نقصانن کان واقف ٿي سگهن. اهڙن قدمن سان هڪ ڀيرو ٻيهر سياسي جدوجهد کي مضبوط ڪري سگهجي ٿو. پر جيڪڏهن سياسي جماعتن شفاف جمهوري نظام ۽ هيٺين سطح تائين اختيار منتقل ڪرڻ واري نظام جي اهميت محسوس نه ڪئي ته ان جو سمورو فائدو غيرسياسي قوتن کي ٿيندو.
15 سيپٽمبر تي جمهوريت جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو. دنيا ڀر ۾ جمهوري استحڪام جي انڊيڪس ۾ 165 ملڪن کي شامل ڪيو ويو آهي، جن ۾ پاڪستان جو نمبر 124 هون آهي. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جو اهو واحد اڳواڻ آهي، جنهن ان ڏينهن تي خصوصي پيغام جاري ڪيو. هن پنهنجي پيغام ۾ چيو ته جمهوريت رڳو نظامِ حڪومت جو نالو ناهي، پر عوام جي بنيادي حقن ۾ پنهنجا نمائندا چونڊڻ ۽ انهن جو احتساب ڪرڻ جو اختيار به شامل هجڻ گهرجي. عوام آزاديءَ سان پنهنجا نمائندا چونڊي ۽ انهن نمائندن جو احتساب ڪرڻ وارو فرض هڪ مضبوط سياسي ڪلچر ۾ ئي بهتر نموني انجام ڏئي سگهي ٿو. سياسي ڪلچر ۽ عوام جي اقتدارِ اعليٰ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ هوش اڏائيندڙ واڌ سمورين شين جي قيمتن ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو ڪري ڇڏيو آهي. بجلي ۽ گئس جي اگهن ۾ به مسلسل واڌ ۽ ٻنهي جي لوڊشيڊنگ هر ماڻهوءَ جي زندگي اجيرن بڻائي ڇڏي آهي. بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ ۽ انهن جي اگهن ۾ مسلسل واڌ سبب خانگي شعبو اڳ ئي متاثر هو، مٿان وري پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ اضافي هيٺئين طبقي جو ته ذڪر ئي ڇا، وچولي طبقي جي به چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي.
هڪ طرف ملڪ جي آباديءَ جي اڪثريت مهانگائيءَ جي عذاب ۾ مبتلا آهي ته ٻئي طرف نفسيات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته طلاق جي شرح ۾ غيرمعمولي واڌ، خودڪشين جي واقعن ۾ اضافو ۽ نوجوانن ۾ ڏوهن جي شرح وڌڻ جو بنيادي سبب پڻ مهانگائي آهي. خانگي شعبي پنهنجا خرچ پورا ڪرڻ لاءِ ملازمن جي ڇانٽي شروع ڪري ڇڏي آهي. مزدورن جي تحفظ لاءِ لاڳو قانون به خانگي شعبي کي مزدورن جي ڇانٽي کان روڪي نٿا سگهن. هڪ سروي موجب هيٺئين طبقي جا گهڻا خاندان ٽن وقتن جي کاڌي کان محروم رهن ٿا، جڏهن ته ٻئي طرف اشرافيه جي طرزِ زندگيءَ ۾ ڪو فرق نه آيو آهي. حڪمران خاندانن ۾ شادين دوران قيمتي زيورن ۽ مهانگين ساڙين جي نمائش، سخت گرميءَ ۾ پرڏيهه مان تيار ٿيل سوٽ ۽ ٽائي پائڻ، ڪروڙين رپين جي قيمت وارين وڏين گاڏين ۽ حفاظتي عملي سان گڏ روڊن تي انهن گاڏين جي ڊوڙڻ سبب عام ماڻهوءَ جي رياست کان مايوسي وڌي رهي آهي. ٻئي طرف سڄو بلوچستان تاريخي بدانتظاميءَ جو شڪار آهي.
خيبر پختونخوا ۾ هٿياربندن جون ڪارروايون مسلسل وڌي رهيون آهن. سنڌ ۾ مهانگائي ۽ نون صوبن جي قيام خلاف احتجاج لاءِ جلسا ۽ جلوس ته نڪري رهيا آهن، پر ڪنهن گڏيل احتجاج جي صورت نظر نٿي اچي. سياسي سائنس جي ماهرن جو چوڻ آهي ته منظم سياسي ڪلچر ختم ٿيڻ سبب اجتماعي جدوجهد جو شعور به معاشري مان ختم ٿي ويو آهي. سياسي سائنس جا ماهر چون ٿا ته جنرل ضياءَ الحق جي دورِ اقتدار ۾ سياستدانن جي ڪردارڪشيءَ جي منظم مهم شروع ٿي. طالع آزمائي ڪندڙ قوتن جا دانشور ان مهم کي هٿي ڏيندا رهيا، جڏهن ته سياسي جماعتن جا اڳواڻ هڪ ٻئي تي بدعنوان هجڻ جا الزام لڳائيندا رهيا. ساڳئي دور ۾ تعليمي ادارن مان شاگرد يونين جو ادارو ختم ڪيو ويو. اهڙيءَ ريت نوجوان جيڪي تعليمي ادارن ۾ تنظيم سازي، جمهوري روين جي ڪاميابي ۽ ناڪامي کي برداشت ڪرڻ جو سبق سکندا ۽ اجتماعي جدوجهد جي شعور کان واقف ٿيندا هئا، اهو سلسلو ختم ٿي ويو. صنعتي ادارن ۾ مزدور يونين جي اداري تي عملي طور پابندي لاڳو ٿي وئي.
هاڻي مزدور يونين جي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ کي به هڪ ڏوهه سمجهيو وڃڻ لڳو. جنرل ضياءَ الحق جي دورِ اقتدار ۾ غيرجماعتي بنيادن تي چونڊن ذريعي اجتماعي شعور جو سبق ڪمزور ٿيو. هڪ جمهوري عمل ۾ ذات، برادري، فرقي ۽ مذهب کي اهميت ڏني وڃڻ لڳي. سول حڪومتون قائم ٿيون ته انهن حڪومتن جي اڳواڻن سادگيءَ جي لفظ کي پنهنجي لغت مان خارج ڪري ڇڏيو. حڪومتي وزيرن جي شاهانه خرچن ۽ روزانو ميڊيا ۾ مختلف کاتن ۾ ڪرپشن جي اسڪينڊلن جي پڌرائيءَ سبب حڪمرانن ۽ عوام وچ ۾ فاصلا وڌندا ويا. جڏهن سوشل ميڊيا مقبول ٿي ته چونڊيل نمائندن جون فضول خرچيون ۽ اسيمبلين جي ڪينٽينن ۾ انتهائي سستن کاڌن جون فهرستون وائرل ٿيڻ لڳيون. وڏين وڏين گاڏين جي درآمد، ايتري قدر جو حڪمرانن لاءِ قيمتي جهاز خريد ڪرڻ جهڙن منصوبن جي سوشل ميڊيا تي نمائش، چونڊيل اسيمبلين جي هالن ۾ رکيل صوفن ۽ برطانيا جي پارليامينٽ ۾ ميمبرن لاءِ رکيل بينچن جون وڊيوز، روزانو سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي ڏيکارڻ سان عوام ۽ سياسي جماعتن وچ ۾ فاصلا وڌيڪ وڌي ويا. ٻئي طرف مهانگائيءَ جي طوفان ۽ يوٽيلٽي خدمتن جي مهانگائيءَ واري ڪلچر ۾ عام ماڻهو ڦاسي رهجي ويو.
ملڪ جي غريب علائقن ۾ پوليس جي زيادتين ۽ عدالتي نظام مان فوري انصاف نه ملڻ سبب عام ماڻهوءَ جو پنهنجي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ اجتماعي جدوجهد جو تصور ماضيءَ جو حصو بڻجي ويو. پهريان ته تحريڪ انصاف ۽ حڪومت مخالف اڳواڻ حڪومت کي فارم 47 جي پيداوار قرار ڏيندا هئا، هاڻي سياسي ڍانچي جي هڪ وڏي حصيدار پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جا وزير به مسلم ليگ ن خلاف اهڙا ئي بيان ڏئي ڇڏين ٿا، پر ساڳي پيپلز پارٽي وري مسلم ليگ ن جي قيادت سان گڏ پارليامينٽ ۾ قانون سازي لاءِ سهڪار جو لائحه عمل به تيار ڪري ٿي.
هن وقت سڀ کان اهم سوال اهو آهي ته سياسي ڪلچر کي ٻيهر ڪيئن مضبوط ڪيو وڃي؟ سياسي ڪلچر کي هٿي ڏيڻ لاءِ ضروري آهي ته اقتدار ۾ شامل سموريون جماعتون شفافيت کي لازمي بڻائين ۽ پنهنجي صفن ۾ موجود بدعنوان عنصرن جو حقيقي احتساب ڪن. سمورا چونڊيل ميمبر سادگيءَ کي پنهنجو نصب العين بڻائين. ڪو به شخص پرڏيهه مان سوٽ خريد نه ڪري. حڪومتي وزير ۽ بيوروڪريسي هڪ هزار سي سي کان وڌيڪ گاڏيون استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪن. سمورا وڏا وزير پنهنجا هوائي جهاز ايمرجنسي سروس جي حوالي ڪن ۽ ڪو به چونڊيل نمائندو سرڪاري توشه خاني مان ڪا شيءِ خريد نه ڪري. سياسي اڳواڻ هڪ ٻئي جي ڪردارڪشيءَ جي روايت ختم ڪن. ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ شاگرد يونين جو ادارو قائم ڪيو وڃي ۽ هر صنعتي اداري ۾ مزدور يونين جي قيام کي لازمي قرار ڏنو وڃي.
هيٺين سطح تائين اختيار رکندڙ بلدياتي ادارا قائم ٿيڻ گهرجن، ته جيئن عوامي نمائندا شهري مسئلا پنهنجي سطح تي حل ڪري سگهن. ان سان گڏ اسڪولن ۽ ڪاليجن جي نصاب ۾ آمرانه ادارن جي تاريخ بابت باب شامل ٿيڻ گهرجن، ته جيئن عام شاگرد مارشل لا جي دورن ۾ ٿيندڙ نقصانن کان واقف ٿي سگهن. اهڙن قدمن سان هڪ ڀيرو ٻيهر سياسي جدوجهد کي مضبوط ڪري سگهجي ٿو. پر جيڪڏهن سياسي جماعتن شفاف جمهوري نظام ۽ هيٺين سطح تائين اختيار منتقل ڪرڻ واري نظام جي اهميت محسوس نه ڪئي ته ان جو سمورو فائدو غيرسياسي قوتن کي ٿيندو.
15 سيپٽمبر تي جمهوريت جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو. دنيا ڀر ۾ جمهوري استحڪام جي انڊيڪس ۾ 165 ملڪن کي شامل ڪيو ويو آهي، جن ۾ پاڪستان جو نمبر 124 هون آهي. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جو اهو واحد اڳواڻ آهي، جنهن ان ڏينهن تي خصوصي پيغام جاري ڪيو. هن پنهنجي پيغام ۾ چيو ته جمهوريت رڳو نظامِ حڪومت جو نالو ناهي، پر عوام جي بنيادي حقن ۾ پنهنجا نمائندا چونڊڻ ۽ انهن جو احتساب ڪرڻ جو اختيار به شامل هجڻ گهرجي. عوام آزاديءَ سان پنهنجا نمائندا چونڊي ۽ انهن نمائندن جو احتساب ڪرڻ وارو فرض هڪ مضبوط سياسي ڪلچر ۾ ئي بهتر نموني انجام ڏئي سگهي ٿو.