20 سيپٽمبر پاڪستان جي سياست ۾ هڪ ڪارو ڏينهن آهي، اهڙو ڏينهن، جنهن کي پاڪستان جي سياسي تاريخ ڪڏهن به وساري نٿي سگهي. جيڪڏهن مان هن ڏينهن کي پاڪستان جي سياسي تاريخ جو ڪارو ڏينهن قرار ڏيان، ته اهو سچ هوندو اڄوڪي ڏينهن منهنجي وطن جي غريب عوام کان هڪ قيادت کسي وئي هئي. اڄوڪي ڏينهن ظالمن هڪ اميد جو قتل ڪيو هو. اڄوڪي ڏينهن مزدور، هاري، آبادگار ۽ شاگردن جي خوابن جي شهزادي کي سندس ڀيڻ جي حڪومت ۾، جنهن بي رحمي ۽ سفاڪيءَ سان سندس ساٿين سميت بي گناهه شهيد ڪيو ويو، اهو ڏينهن منهنجي ڌرتيءَ جي ماڻهن لاءِ ڪنهن وڏي سوڳ کان گهٽ نه هو. اڄ به هر درد مند انسان جي دل ۾ سندس موت جو غم زنده آهي.
ها، اڄ اسان شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو کي پنهنجي غمگين دل ۽ بي وسيءَ سان ياد ڪريون ٿا. جيڪڏهن هڪ اهڙي ملڪ ۾، جتي قانون به موجود هجي، آئين به موجود هجي، ۽ اڄ 30 سال گذري وڃڻ باوجود سندس قتل جو انصاف نه ٿي سگهيو هجي، ته پوءِ مان ڇا سمجهان ته منهنجي ملڪ ۾ انصاف ڪيترو آهي؟ مير مرتضيٰ ڀٽو ڪا عام شخصيت نه هو. هو پاڪستان جي آئين جي خالق ذوالفقار علي ڀٽو جو فرزند، محترمه بينظير ڀٽو جو ڀاءُ ۽ هڪ اهڙو سياسي ڪردار هو، جنهن جي زندگي جدوجهد، مزاحمت ۽ هڪ نه کٽندڙ سياسي سفر جي داستان هئي. مرتضيٰ ڀٽو صرف هڪ نالو نه هو… هو هڪ نظريو هو، هڪ مزاحمت هو ۽ پنهنجي وقت جي سياسي حالتن سان اختلاف ڪندڙ هڪ سگهارو آواز هو.
هن زندگيءَ جا هر رنگ ڏٺا. سندس زندگي جلاوطني به ڏٺي، سياسي جدوجهد به ڏٺي، اقتدار جي ڪشمڪش به ڏٺي ۽ آخرڪار اهو المناڪ لمحو به آيو، جڏهن 20 سيپٽمبر 1996ع تي ڪراچيءَ ۾ سندس گهر جي ويجهو کيس قتل ڪيو ويو. پر اصل سوال اڄ به پنهنجي جاءِ تي موجود آهي:
مير مرتضيٰ ڀٽو کي ڪنهن قتل ڪيو ۽ اهي ڪهڙيون سياسي حقيقتون ۽ حالتون هيون، جن هن سانحي کي جنم ڏنو؟
اڄ تائين، ايترا سال گذرڻ باوجود، عدالت هن ڪيس کي انصاف واري انجام تائين ڇو نه پهچائي سگهي؟ وقت ڪيتري تيزيءَ سان گذري ويو، حڪومتون تبديل ٿي ويون، سياسي منظرنامو بدلجي ويو، پر مرتضيٰ ڀٽو جو قتل اڄ به پاڪستان جي انهن وڏن سياسي معمن مان هڪ آهي، جنهن بابت ڪيترن ئي سوالن جا مڪمل ۽ اطمينان بخش جواب عوام جي سامهون نه اچي سگهيا آهن. مان پنهنجي ذاتي راءِ ۽ ذاتي لاڳاپن جي بنياد تي اهو ضرور لکي سگهان ٿو ته مرتضيٰ ڀٽو پنهنجي ذات ۾ هڪ منفرد انسان هو؛ هو پنهنجي ذات ۾ هڪ انجمن هو. هو غريبن جو اڳواڻ ۽ مظلومن جي آواز هو. ان آواز کي جنهن انداز سان خاموش ڪيو ويو، اهو ان وقت جي حڪمرانن ۽ اسٽيبلشمينٽ جي ڪردار تي اڄ به هڪ سوال بڻيل آهي. مان سمجهان ٿو ته ڪنهن به سياسي شخصيت سان اختلاف پنهنجي جاءِ تي، پر سياسي اختلاف کي انساني جان کان وڏو نه ٿيڻ گهرجي. مرتضيٰ ڀٽو سان منهنجي به هڪ ذاتي نسبت ۽ ياد وابسته آهي. هو منهنجي والد مرحوم شهاب الدين منشيءَ جو دوست هو، جڏهن ته ساڻس منهنجي پهرين ملاقات سينيٽر شيخ علي محمد جي گهر حيدرآباد ۾ ٿي هئي. حيدرآباد ۾ سندس آمد ۽ اتي ٿيندڙ سياسي گڏجاڻيون اڄ به اسان جي خاندان جي يادن جو حصو آهن.
ان دور جي سياسي ڪارڪنن، دانشورن ۽ قومپرست اڳواڻن سان سندس گفتگو ۽ ميل جول ان ڳالهه جي عڪاسي ڪندو هو ته هو سنڌ ۽ پاڪستان جي سياسي مستقبل تي گهري نظر رکندو هو. جيڪڏهن مان اهو لکان ته شايد اهو به سچ آهي ته جيڪڏهن ان دور ۾ مرتضيٰ ڀٽو کي ان انداز سان قتل نه ڪيو وڃي ها، ته 2007ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو به ظالمن جي هٿان قتل نه ٿئي ها. ڇا اها ڪا سازش هئي يا شطرنج جي ڪا چال؟ ان جو فيصلو تاريخ ضرور ڪندي.
اڄ سندس ورسيءَ جي موقعي تي، جتي اسان ”شهيد مرتضيٰ ڀٽو کي سلام“ پيش ڪري رهيا آهيون، اتي سندس قتل ۾ انصاف لاءِ به آواز بلند ڪري رهيا آهيون. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي معزز چيف جسٽس کان مطالبو آهي ته هن ڪيس ۾ قانوني طور جيڪڏهن ڪا ڪارروائي يا رستو باقي آهي، ته ان کي قانون ۽ شاهدين جي بنياد تي انجام تائين پهچايو وڃي ۽ ملوث سمورن ڪردارن کي قانون موجب پنهنجي انجام تائين پهچايو وڃي. مير مرتضيٰ ڀٽو جي زندگي ۽ شهادت اسان کي اهو سبق ڏئي ٿي ته سياست صرف اقتدار جو نالو ناهي؛ سياست نظرين، جدوجهد، قرباني ۽ عوام سان وابستگيءَ جو نالو پڻ آهي.
اڄ 20 سيپٽمبر تي مان شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو کي خراجِ عقيدت پيش ڪندي، سندس خاندان، ساٿين ۽ انهن سڀني شهيدن سان ايڪتا جو اظهار ڪريان ٿو، جيڪي اڄ به هن سانحي جا زخم پنهنجي دل ۾ کڻي هلن ٿا. مان سمجهان ٿو ته، ان شاءَ الله، هڪ ڀيرو ٻيهر 70 ڪلفٽن جون رونقون بحال ٿينديون، ۽ جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي والد جي فڪر ۽ سياسي راءِ تي هلندي، هن سماج ۾ هڪ منظم ۽ تاريخي ڪردار ادا ڪندو. شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو کي سلام. 20 سيپٽمبر جو سانحو اڄ به انصاف جو منتظر آهي.