ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته جيئن سنڌ ترقياتي منصوبن ۽ عوامي سهولتن جي حوالي سان ڪارڪردگي ڏيکاري، ٻين صوبن کي به اهڙو مثال قائم ڪرڻ گهرجي.
نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته اسان جي ملڪ ۾ سياست جو رجحان تنقيد تي ٻڌجي ويو آهي، بلاول ڀٽو زرداري ايوان صدر ۾ سنڌ جي ترقياتي منصوبن تي بريفنگ ڏني پر ڪجهه ماڻهن ان تي تنقيد ڪئي، ايوان صدر سڀني لاءِ آهي ۽ مختلف ادارن جون تقريبون اتي معمول موجب ٿينديون آهن.
هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري بريفنگ دوران سائبر نائف پراجيڪٽ بابت ٻڌايو، سائبر نائف ذريعي رڳو 11 ملڪن ۾ علاج ٿيندو آهي ۽ پاڪستان ۾ سنڌ حڪومت ان منصوبي جي قيادت ڪري رهي آهي، جنهن تحت علاج مفت فراهم ڪيو پيو وڃي، سڄي دنيا کي اها خبر هجڻ گهرجي ته پاڪستان جديد طبي سهولتون فراهم ڪري رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جا بهترين مثال به سنڌ حڪومت جا قدم آهن ۽ هزارين ماڻهو علاج لاءِ سنڌ جي اسپتالن جو رُخ ڪندا آهن، جتي ڊوميسائل شرط ناهي، ٿرڪول جي منصوبن تي هڪ ارب ڊالر خرچ ٿي چڪا آهن ۽ ٿرپارڪر جي ڪوئلي جي ذخيرن سان پيدا ٿيندڙ بجلي نيشنل گرڊ ۾ منتقل ڪئي پئي وڃي، سنڌ حڪومت جا اهي قدم رڳو هڪ شخص يا علائقي لاءِ نه پر سڄي ملڪ جي فائدي ۾ آهن.
شرجيل ميمڻ چيو ته جيئن پ پ چيئرمين ايوان صدر ۾ بريفنگ ڏني، اها بريفنگ ٻاهرئين ملڪن ۾ به فراهم ڪرڻ گهرجي ته جيئن دنيا کي ٻڌائي سگهجي ته پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، بريفنگ ۾ سفارتڪارن ۽ بزنس ڪميونٽي جو وڏو انگ شامل هو ۽ اهو ملڪ لاءِ هڪ هاڪاري پيغام آهي.
You might also like