ڪراچي ۾ 100 کان وڌيڪ ٻارن سان زيادتي ڪندڙ جوابدار ساٿي سميت گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي پوليس وڏي ڪارروائي ڪندي 100 کان وڌيڪ ٻارن سان زيادتي ۾ ملوث جوابدار کي ساٿي سميت گرفتار ڪري ورتو.
ايس پي انويسٽيگيشن عثمان سدوزئي دعويٰ ڪئي آهي ته اسان جي ٽيم متاثر ٻار جي نشاندهي تي ٽيپو سلطان ۾ ڪارروائي ڪئي، مک جوابدار عمران ۽ وقاص خان کي گرفتار ڪيو ويو، جوابدار 100 کان وڌيڪ ٻارن سان زيادتي ۾ ملوث رهيا، جڏهن ته پوليس کي 2020 کان 2025 تائين 7 شڪايتون رپورٽ ٿيون هيون.
هن ٻڌايو ته مختلف ضلعن جي ڪيسن ۾ ڊي اين اي هڪ ئي شخص جو مليو هو، سڀني ڪيسن ۾ 12 کان 13 سالن جي عمر جي نينگرن سان زيادتي ٿي ۽ هڪ ڪيس ۾ ٻار سان ٻن کان وڌيڪ ماڻهن زيادتي ڪئي، داخل ٿيل سمورن 7 ڪيسن ۾ جوابدار جو ڊي اين اي ميچ ڪري ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي آزاد خان 6 جنوري تي ٽيم جوڙي هئي ۽ اها ٽيم ڊي آءِ جي سي آءِ اي مقدس حيدر جي سربراهي ۾ ٺاهي وئي هئي، ان ٽيم 11 ڏينهن جي اندر جوابدارن کي گرفتار ڪيو، جوابدار عمران منظور ڪالوني جو رهواسي آهي ۽ گاڏين کي پنڪچر لڳائيندو آهي، هن 6 سالن ۾ ڪيترن ئي ٻارن سان زيادتي جو اعتراف ڪيو آهي، عمران سڀني ٻارن کي ملير ندي ڀرسان وٺي وڃي زيادتي جو نشانو بڻايو، هو ٻارن کي لالچ ڏئي موٽر سائيڪل تي وٺي ويندو هو.
ايس پي موجب ٽن ڪيسن ۾ ٻارن جوابدار عمران کي سڃاڻي ورتو آهي، جڏهن ته هڪ ڪيس ۾ ٻار عمران ۽ وقاص کي به سڃاتو آهي، جوابدار هڪ ٻار کي وقاص سان گڏ سرجاڻي به وٺي ويو هو، جتي ٻار گوڙ ڪيو ته ٻئي جوابدار فرار ٿي ويا.
جوابدار خلاف مضبوط شاهدين جي بنياد تي ڪيس عدالت ۾ منتقل ڪيو ويندو.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ٻارن سان زيادتي جو عمل قبولڻ جوڳو ناهي، پوليس جوابدارن کي سزا ڏيارڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.