سنڌ طاس معاهدي خلاف ڀارتي قدمن تي آمريڪي رسالي پاڪستان جي حمايت ڪري ڇڏي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) سنڌ طاس معاهدي خلاف ڀارتي قدمن تي آمريڪي رسالي پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪري ڇڏي.
دي نيشنل انٽرسٽ موجب سنڌ طاس معاهدي جي معطلي سان علائقي ۾ ڇڪتاڻ وڌندي، ڀارت جو دُلهستي اسٽيج ٽو منصوبو سنڌ طاس معاهدي خلاف قدم آهي، ڀارت پاڻي کي اسٽريٽجڪ هٿيار بڻائي رهيو آهي.
دي نيشنل انٽرسٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته پاڻي جو بحران ڏکڻ ايشيا ۾ وڏو انساني خطرو بڻجي سگهي ٿو، ڀارت طرفان آبي ڊيٽا جي فراهمي روڪڻ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي، عالمي ٽياڪڙي عدالت واضح ڪيو آهي ته ڀارت سنڌ طاس معاهدو هڪ طرفي طور معطل نٿو ڪري سگهي.
سنڌ طاس معاهدو ڏکڻ ايشيا ۾ فوڊ سيڪيورٽي جي بنيادي ضمانت آهي، ڀارت تي اولهه درياهن جو پاڻي پاڪستان لاءِ فراهم ڪرڻ قانوني طور لازمي آهي.
آمريڪي رسالي موجب پاڻي کي هٿيار بڻائڻ جي ڀارتي ڪوشش عالمي عدالتن ۽ عالمي قانونن جي نظر ۾ قبولڻ جوڳي ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.