اڄ حيدرآباد ۾ پيپلز پارٽي جا ٻه وڏا سياسي مرڪز، راول هائوس ۽ شورو هائوس، نمايان حيثيت رکن ٿا. جيتوڻيڪ انهن خاندانن جو پنهنجو اثر ضرور رهيو آهي، پر تاريخ جي آئيني ۾ ڏسجي ته وڏين سياسي قربانين جو باب انهن جي نالي سان گهڻو منسوب نظر نٿو اچي. ان جي ابتڙ، شورو ڀائرن پنهنجي علائقي ۾ آهستي آهستي اثر قائم ڪيو، جڏهن ته شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي سياسي حيثيت پاڻ ٺاهي. منهنجي ذاتي حيثيت ۾ نه ڪڏهن انهن سياسي خاندانن سان ويجهڙائي رهي آهي، نه ئي ڪنهن ذاتي مفاد خاطر انهن جي دروازن تي وڃڻ جي ضرورت پيش آئي آهي. حقيقت اها آهي ته منهنجي شرجيل ميمڻ سان ڪڏهن به ذاتي ملاقات نه ٿي آهي، ۽ نه ئي مون ڪڏهن شورو هائوس ويجهو ڏٺو آهي. البت، جام خان شورو ۽ ڪاشف شورو سان مختلف تقريبن ۾ رسمي ملاقاتون ٿينديون رهيون آهن.
ڪاشف شورو، جيڪو اڄ حيدرآباد جو ميئر آهي، تنهن سان منهنجو تعلق نه دوستي جو آهي ۽ نه ذاتي وابستگي جو؛ پر اهو رڳو مشاهدي ۽ قلم جي دنيا تائين محدود آهي. تازين برساتن دوران، جڏهن منهنجو شهر پاڻي ۾ ٻڏل هو، مون پنهنجي اکين سان سندس ڏينهن رات محنت ڏٺي. هو نه رڳو متحرڪ نظر آيو پر هڪ ذميوار منتظم طور هر ممڪن ڪوشش ڪندي به ڏٺو ويو. اهو سچ آهي ته هن تي تنقيد به ٿي رهي آهي ڪڏهن ڪنهن پارڪ تي خرچن جي حوالي سان، ڪڏهن مالي بي ضابطگين جي الزام هيٺ، يا وري سندس ممڪن برطرفي جي افواهن جي صورت ۾. پر تاريخ شاهد آهي ته جيڪو ڪم ڪندو آهي، تنقيد به ان تي ٿيندي آهي. الزام لڳائڻ آسان آهي، پر حقيقت جو فيصلو ڪرڻ رياستي ادارن جو ڪم آهي، افواهن جو نه.
جيڪڏهن مان پنهنجي ذاتي مشاهدي ۽ ايماندار راءِ جو اظهار ڪريان، ته جنرل پرويز مشرف جي بلدياتي نظام کان وٺي اڄ تائين، حيدرآباد کي ڪاشف شورو جهڙو سرگرم ۽ متحرڪ ميئر نصيب نه ٿيو آهي. مان پاڻ پيپلز پارٽي جي حڪومتن تي تنقيد ڪندو رهيو آهيان، پر اهو به حقيقت آهي ته کاتا چوڪ، پريٽ آباد ۽ کائي روڊ جهڙن علائقن ۾ جيترو ڪم هاڻوڪي دور ۾ ٿيو آهي، اهو ماضي ۾ گهٽ ڏسڻ ۾ آيو. سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته ڪاشف شورو اردو ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ آبادين وچ ۾ فاصلا گهٽائڻ لاءِ عملي ڪوشش ڪئي آهي. هي رڳو انتظامي قدم نه پر تاريخي اهميت رکندڙ عمل آهي، جيڪو هن شهر جي اصل روح کي بحال ڪرڻ جي طرف هڪ اهم اڳڀرائي آهي۔ انهيءَ ڪري، سمورن اختلافن ۽ تنقيدن جي باوجود، منهنجو اهو يقين آهي ته حيدرآباد کي اڄ به ڪاشف شورو جهڙي ميئر جي ضرورت آهي.
حيدرآباد اڄ به پنهنجي مسئلن جي بار هيٺان دٻيل هڪ اهڙو شهر آهي، جيڪو سنجيده توجهه ۽ ذميوار قيادت جو منتظر آهي. اهڙي صورتحال ۾ ميئر ڪاشف شورو لاءِ اهو موقعو به آهي ۽ امتحان به ته هو پاڻ کي رڳو هڪ سياسي نمائندو نه، پر هڪ حقيقي شهري اڳواڻ طور مڃرائي. سڀ کان پهريان هن کي اهو سمجهڻو پوندو ته شهري مسئلا عارضي بيانن يا علامتي قدمن سان حل نٿا ٿين، پر هڪ مربوط ۽ مستقل نظام جا محتاج آهن. صفائي سٿرائي هجي يا نيڪالِ آب جا مسئلا، اهي ٻئي اهڙا بنيادي چئلينج آهن، جن شهري زندگي کي ڏکيو بڻائي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن هر يونين ڪائونسل جي سطح تي صفائي جو باقاعده نظام قائم ڪيو وڃي ۽ ڪچري جي نيڪال لاءِ جديد طريقا اختيار ڪيا وڃن ته اڌ مسئلو اتي ئي حل ٿي سگهي ٿو.
ساڳيءَ طرح پاڻي جي کوٽ ۽ سيوريج جو بگڙيل نظام شهرين لاءِ مستقل اذيت بڻيل آهي. ان لاءِ هنگامي بنيادن تي نه رڳو پراڻين لائينن جي مرمت ضروري آهي، پر نئين منصوبابندي تحت ڍانچي کي بهتر بنائڻ به لازمي آهي. شهر جون روڊون، جيڪي ڪنهن به ترقي يافته سماج جي سڃاڻپ هونديون آهن، پنهنجي بدحالي جي ڪهاڻي پاڻ ٻڌائين ٿيون. ٽريفڪ جو بي ترتيب نظام ۽ تجاوزات جو ڦهلاءُ هن مسئلي کي وڌيڪ سنگين بڻائي ٿو. هڪ سنجيده ميئر طور هن تي لازم آهي ته هو شهري منصوبابندي کي رڳو فائلن تائين محدود نه رکي، پر ان کي عملي شڪل ڏئي. پارڪ، راندين جا ميدان ۽ عوامي جڳهيون ڪنهن به شهر جي روح هونديون آهن، ۽ انهن جي بحالي شهري زندگيءَ ۾ تازگي آڻي سگهي ٿي. ان سان گڏ صحت ۽ تعليم جهڙن بنيادي شعبن ۾ ميونسپل سطح تي سڌارا آڻڻ به وقت جي اهم ضرورت آهي. نوجوان ڪنهن به سماج جو سڀ کان وڏو سرمايو هوندا آهن، پر بدقسمتي سان انهن کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. جيڪڏهن اسڪل ڊولپمينٽ سينٽر، لائبريريون ۽ راندين جون سرگرميون وڌايون وڃن ته نه رڳو مثبت رجحان پيدا ٿيندا، پر شهر جي مجموعي فضا به تبديل ٿي سگهي ٿي.
بهرحال، انهن سڀني قدمن جي ڪاميابي جو دارومدار شفافيت ۽ عوامي شموليت تي آهي. جيستائين شهرين کي اعتماد ۾ نه ورتو ويندو ۽ کين فيصلن جو حصو نه بڻايو ويندو، تيستائين ڪو به منصوبو پائيدار ثابت نٿو ٿي سگهي. ڪرپشن خلاف واضح پاليسي ۽ ميرٽ تي ٻڌل فيصلا ئي اهي بنياد آهن، جن تي هڪ مضبوط بلدياتي نظام قائم ٿي سگهي ٿو. آخرڪار ڳالهه بلڪل صاف آهي ته حيدرآباد کي نعرا نه، پر عمل گهرجي. جيڪڏهن ميئر واقعي پنهنجي سڃاڻپ ٺاهڻ چاهي ٿو ته کيس عارضي سياست کان مٿي ٿي اهڙا قدم کڻڻا پوندا، جيڪي ايندڙ نسلن لاءِ مثال بڻجن. هي شهر هاڻي تصويرن ۽ دعوائن کان اڳتي وڌي حقيقي تبديليءَ جو طلبگار آهي.هڪ اهڙو شخص جيڪو نه صرف ڪم ڪري، پر شهر جي ٽٽل سماجي ڍانچي کي به ٻيهر جوڙي سگهي۔