آمريڪي معيشت، ايران ۽ عالمي معاشي دٻاءُ

وسعت الله خان

آمريڪي معيشت ۾ ايتري گنجائش ضرور موجود آهي جو جيڪڏهن اها هڪ سال تائين به ايران جي معاشي ناڪابندي جاري رکڻ چاهي، ته ان جا اثر آمريڪي معيشت تي ظاهري طور ترت ڪو وڏو ڌڪ نه وجهندا. پر جيڪڏهن آبنائي هرمز جي ٻيڻي بندش ايندڙ ٽن مهينن تائين جاري رهي، ته عالمي معاشي لاٿ جي ٻٽي تلوار کان آمريڪي عوام ۽ ٽرمپ جا ووٽر ڪيتري دير تائين پاڻ کي محفوظ رکي سگهندا؟ ان جي ابتڙ، ايرانين جو معاملو ظاهري طور سادو آهي. اهي گذريل اڌ صديءَ کان هر قسم جي پابندين جا عادي آهن، تنهنڪري انهن بنيادي ضرورتن ۾ خودڪفالت حاصل ڪئي آهي ۽ درآمد ۽ برآمد لاءِ متبادل رستا ڳولي ورتا آهن. جيڪڏهن عالمي پابنديون ايتريون وسيع ۽ ڊگهي عرصي واريون نه هجن ها، ته شايد ايران جي مڊل ڪلاس ڪڏهن جو رياستي نظام جي مضبوط پڪڙ کي ڪجهه نرم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ها   جنهن مڊل ڪلاس لاءِ مغرب کي تڏهن کان همدردي جو درد آهي، جڏهن کان ايران تي اقتصادي پابنديون وڌيون ويون آهن۔

اهو  ئي مغربي ٻٽو معيار آهي، جنهن کي ايراني حڪمران طبقي پنهنجي استحڪام لاءِ مهارت سان استعمال ڪيو آهي. جيڪڏهن مغرب جو رويو ائين ئي رهيو، ته قومپرستي ۽ عقيدي جي ميلاپ تي ٻڌل ايراني رياستي نظام به ائين ئي جاري رهندو. يعني هڪ لحاظ سان مغرب ۽ ايراني نظام جي وچ ۾ دشمني اصل ۾ ٻنهي طرفن جي لاشعوري تعاون جي شعوري تصوير بڻجي وڃي ٿي۔ انهن فلسفياڻين ڳالهين کان هٽي ڪري، اڄ جي عملي حقيقت ڪجهه هن ريت آهي ته ٻنهي حريفن مان جيڪو سڀ کان پهرين ڪمزور ٿيندو، اهو آمريڪا ئي ٿي سگهي ٿو. آمريڪي خزاني جي وزير اسڪاٽ بيسنٽ پنهنجي حساب سان صاف فارمولو پيش ڪيو آهي: ايران جي معيشت جو 80 سيڪڙو دارومدار تيل تي آهي، ۽ 90 سيڪڙو تيل خارجي دنيا ڏانهن خرگ ٻيٽ جي آئل ٽرمينل تان وڃي ٿو. جيڪڏهن آمريڪي ناڪابندي جاري رهي، ته ٻن هفتن ۾ خرگ ٻيٽ تي تيل رکڻ جي گنجائش ختم ٿي ويندي، جنهن ڪري ايران کي پنهنجي ريفائنريون ۽ تيل جا کوهه بند ڪرڻا پوندا، ۽ ڪجهه هفتن ۾ معيشت آهستي آهستي بيهجي ويندي. پوءِ ايران اقتصادي دٻاءُ ۾ اچي آمريڪا آڏو جهڪي پوندو  بس ڪهاڻي ختم۔ پر باقي دنيا اهڙي ڪنهن تصوراتي خول ۾ قيد ناهي، جنهن ۾ ٽرمپ ۽ سندس ڪابينا بند آهن۔

اهو صحيح آهي ته 80 سيڪڙو ايراني تيل آبنائي هرمز ذريعي ئي ٻاهر وڃي ٿو، پر 28 فيبروري کان جنگ شروع ٿيڻ باوجود ايران نه صرف وڌيڪ تيل وڪرو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو، پر ان جي قيمت به اڳ کان وڌيڪ حاصل ڪئي (90 کان 100 ڊالر في بيرل) يعني جنگ کان پوءِ هڪ مهيني ۾ ايران کي 5 ارب ڊالر آمدني ٿي، جڏهن ته جنگ کان اڳ فيبروري جي سڄي مهيني ۾ اها آمدني ساڍا ٽي ارب ڊالر هئي. يعني جنگ دوران ايران جي تيل مان آمدني لڳ ڀڳ 40 سيڪڙو وڌي وئي. (اهو ئي ته چئبو آهي: “ڪبڙي کي لات لڳي ته سندس ڪُب سڌو ٿي ويو”) اهو ئي سبب هو، جنهن ٽرمپ انتظاميا کي ايران جي بحري ناڪابندي جو خيال ڏنو. ان جي پٺيان سوچ هي آهي ته ايران جي تيل جو 80 سيڪڙو خريدار چين آهي، تنهنڪري ناڪابندي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر چين ٿيندو. پوءِ چين ايران تي دٻاءُ وجهندو ته هو پنهنجو رويو نرم ڪري. ڇو ته ايراني معيشت ۾ چين جو اهم ڪردار آهي، تنهنڪري ايران چين کي انڪار نه ڪري سگهندو، ۽ آمريڪي مطالبن جو وڏو حصو قبول ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندو. پوءِ آمريڪا فتح جو اعلان ڪندو، جڏهن ته ايران به پنهنجي ڪاميابي جو دعويٰ ڪندو، ۽ چين به پاڻ کي اهم ثالث طور پيش ڪندو۔ پر ايران شايد ائين نه ٿو سوچي. انهن جي نظر ۾ جنگ ۽ ناڪابندي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ نقصان آمريڪا جي خليجي اتحادي ملڪن کي ٿيو آهي. متحده عرب امارات ۽ سعودي عرب وٽ ڪجهه متبادل واپاري رستا آهن، پر ڪويت، بحرين ۽ قطر ته مڪمل طور خليج فارس ۾ محدود آهن. ڪويت ۽ قطر فورس ميجور جي شق تحت پنهنجا توانائي معاهدا عارضي طور معطل ڪري ڇڏيا آهن۔ قطر، جيڪو في ماڻهو آمدني ۾ امير ترين ملڪن مان آهي، پنهنجي مالي ساک بچائڻ لاءِ 3 ارب ڊالر جا هنگامي بانڊ جاري ڪيا آهن، جڏهن ته امارات ڊالر جي ممڪن کوٽ کان بچڻ لاءِ آمريڪا کان ڪرنسي سواپ جي درخواست ڪئي آهي   جنهن تي ٽرمپ به حيران ٿي ويو آهي۔هن پسمنظر ۾ ايراني معيشت جي حالت تي غالب جو شعر ياد اچي ٿو:

گھر میں تھا کیا کہ ترا غم اسے غارت کرتا

وہ جو رکھتے تھے ہم اک حسرتِ تعمیر سو ہے

جنگ هاڻي آبنائي هرمز کان نڪري آهستي آهستي بحر هند تائين پکڙجي رهي آهي. آمريڪي بحريه ايراني آئل ٽينڪرن جي ڳولا ۾ آهي، پر ايتري وڏي سمنڊ ۾ انهن کي پڪڙڻ آسان ناهي. هڪ ٻه ٽينڪر پڪڙي آمريڪا ڪاميابي جو اعلان ته ڪري سگهي ٿو، پر حقيقت اها آهي ته لڳ ڀڳ 180 ملين بيرل ايراني تيل مختلف منزلن ڏانهن روانو آهي۔ جڏهن هي آخري ذخيرو به مارڪيٽ تائين پهچي ويندو، تڏهن اصل کوٽ شروع ٿيندي، جنهن جا اثر عام صارف تائين پهچندا. پوءِ عوام پنهنجي حڪومتن تي دٻاءُ وجهندو، ۽ حڪومتون آمريڪا کان پڇنديون ته هڪ ملڪ کي جهڪائڻ لاءِ سڄي دنيا جي معيشت کي ڇو خطري ۾ وڌو پيو وڃي؟

شايد هڪ مهيني اندر اهو مرحلو اچي، جڏهن ٽرمپ پوئتي هٽڻ تي مجبور ٿئي ۽ ايران دٻاءُ مان نڪري اچي   گهٽ ۾ گهٽ ايراني سوچ ائين ئي آهي۔ هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته آمريڪي سوچ غالب اچي ٿي يا ايراني سوچ   في الحال ڪو به يقين سان نٿو چئي سگهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.