ڪڻڪ جو فصل ۽ سنڌ سرڪار جي بي واجبين جو شڪار آبادگار

عامر انصاري‎

سنڌ جي سُرهاڻ ڀري ڌرتي، جيڪا ڪڏهن سون اَڱڻ سڏبي هئي، اڄ ساڳي ڌرتي پَنهنجي ئي اولاد جي بي وسي، محرومي، مايوسي ۽ خاموش احتجاج جا اڻکٽ داستان پَنهنجي ڳوڙھن سان لکي رهي آهي. هيءَ اُها ئي ڌرتي آهي، جنهن صدين کان انسانيت کي اناج ڏئي بکيو پيٽ ڀريو، جنهن جي سيني مان ڪڻڪ، ڪپهه، چانور ۽ ٻيون نعمتون جنم وٺنديون رهيون، ۽ جنهن جي هر ٻج سان هڪ نئين زندگيءَ جو سفر شروع ٿيندو رهيو. پر اڄ ساڳي ڌرتيءَ جا اصل وارث، آبادگار ۽ هاري، پَنهنجي ئي پيدا ڪيل رزق لاءِ پريشان، قرضي، بي وس ۽ مايوسيءَ جي، بي آواز ڇولين جي درد ۾ خاموشي سان مري رهيا آهن. هي ڪا نئين ڪهاڻي نه آهي، پر هڪ اهڙو زخم آهي، جيڪو وقت سان گڏ ڀرڻ بدران وڌيڪَ گهرو ٿيندو ويو آهي. سنڌ جي زمين اڄ به ساڳي آهي. ساڳي مٽي، ساڳيو پاڻي، ساڳيو سج، ساڳيو آسمان. پر اُنهن سڀني قدرتي نعمتن جي باوجود، زمين تي رهندڙ انسان جي حالت بدلجي وئي آهي.

هڪ اهڙو فرق پيدا ٿي ويو آهي، جيڪو صرف معاشي نه، پر اخلاقي، سماجي ۽ انساني سطح تي به هڪ وڏو سوال بڻجي چُڪو آهي. سنڌ جو آبادگار جڏهن زمين ۾ ٻج وجهي ٿو، ته اُهو صرف فصل نٿو پوکي، پر هو پَنهنجي زندگيءَ جا سڀ کان حسين خواب مٽيءَ ۾ دفن ڪري هڪ نئين اُميد کي جنم ڏئي ٿو. هو پَنهنجي ٻچن جي مستقبل لاءِ، پَنهنجي گهر جي چلهه لاءِ، پَنهنجي عمر جي بچت لاءِ زمين کي پَنهنجو سڀ ڪُجهه ڏئي ڇڏي ٿو. هو ڄاڻي ٿو ته زرعي زندگي آسان ناهي، پر هو صبر، محنت، اُميد ۽ يقين جي بُنياد تي اڳتي وڌي ٿو. هو صبح سوير اُٿي زمين تي نڪري ٿو، سج جي تپش ۾ سڙي ٿو، مينهن جي اُميد ۾ آسمان ڏانهن نهاري ٿو، ۽ ٿڌين راتين ۾ به پَنهنجي فصل جي حفاظت لاءِ جاڳندو رهي ٿو. سندس لاءِ زمين رُڳو ڪم جو ذريعو نه آهي، پر هڪ روحاني رشتو آهي، جيڪو نسلن کان هلندو اچي ٿو. پر جڏهن اُهو ئي فصل تيار ٿئي ٿو، جڏهن ڪڻڪ جا سونا داڻا زمين مان اُڀري مارڪيٽ ڏانهن وڃن ٿا، تڏهن سڀ کان وڏو امتحان شروع ٿئي ٿو. انصاف جو امتحان اُهو ٿئي ٿو ته هر محنت ڪندڙ کي سندس حق بغير ڪنهن فرق جي ملي، سندس پگهر جي هر ڦڙي کي عزت سان تسليم ڪيو وڃي، ۽ ڪنهن به آبادگار جي اُميد کي ڪاغذن جي گهٽتائي يا نظامي بي حسيءَ جي نالي تي لتاڙي نه ڇڏيو وڃي، پر زمين سان وفاداري ڪندڙ هر انسان کي اُهو يقين ڏياريو وڃي ته هِن جي محنت صرف منڊيءَ جي سوديبازي نه، پر هڪ قومي ذميواري طور سُڃاتي وڃي ٿي.

هِن سال به ساڳي تلخ حقيقت ورجائي وئي. جيڪا ھر سال آبادگارن سان ٿيندي رھي ٿي، ڪڻڪ 2800 کان 3200 رپيا في مڻ تي آبادگار کان خريد ڪئي وئي. اُهو اگهه صرف هڪ عدد نه هو، پر اُهو هر هاري جي پگھر جي توهين آهي، سندس محنت جي بي قدري ۽ سندس خوابن تي لڳل هڪ نئون زخم هو. اُهو ماڻهو، جنهن ڇهه مهينا زمين سان گڏ گذاريا، جنهن پَنهنجي ننڊون قربان ڪيون، جنهن پَنهنجي صحت، پنهنجي وقت ۽ پَنهنجي زندگيءَ جا قيمتي لمحا فصل جي نذر ڪيا، جڏهن هو منڊيءَ ۾ پُهتو ته کيس ٻُڌايو ويو ته سندس محنت جي قيمت اڳ ئي طئي ٿي چُڪي آهي. نه سندس صلاح، نه سندس حق، نه سندس محنت جو وزن ڪُجهه به حساب ۾ نه آيو. ساڳي ڪڻڪ جڏهن مارڪيٽ ۾ پُهتي ۽ اٽو بڻجي عوام تائين پُهتو، ته اُن جي قيمت 150 رپيا في ڪلو تائين وڃي پُهتي. مطلب ته جيڪو اناج آبادگار کان سستو ورتو ويو، اُهو ئي اناج عوام تائين ٻيڻي ۽ ٽيڻي قيمت تي پُهتو. وچ ۾ جيڪو فرق پيدا ٿيو، اُهو ڪنهن قدرتي قانون جو نه، پر هڪ منظم ۽ بي رحم نظام جو نتيجو هو. اُن نظام جي وچ ۾ واپاري، آڙتي ۽ دلال طبقو بيٺو رهيو، جنهن بنا ڪنهن پگهر جي اربين روپين جو فائدو حاصل ڪيو. هي سڄو ڍانچو هڪ اهڙي زنجير بڻجي چُڪو آهي، جنهن ۾ سڀ کان هيٺ آبادگار آهي. سندس خرچ ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن ڊي اي پي ڀاڻ، يوريا، ٻج، پاڻي، ڊيزل ۽ مزدوري جا اگهه آسمان کي ڇُهي رهيا آهن. هر موسم ۾ هو وڌيڪَ قرض کڻي فصل جي پوکائي ڪري ٿو، هر سال هو وڌيڪَ خساري ۾ وڃي ٿو، ۽ هر فصل کان پوءِ هو وڌيڪَ ڪمزور ٿي وڃي ٿو. ڪيترن آبادگارن کي ڀاڻ بليڪ تي وٺڻو پوي ٿو، ڪيترن کي زمين موڪادي تي وٺڻي پوي ٿي، ۽ ڪيترن کي پَنهنجو ذاتي سامان وڪڻي زراعت کي جاري رکڻو پوي ٿو. اهڙي حال ۾ زمين جي فصل پوکائي ڪرڻ هاڻي ڪاروبار نه رهيو آهي، پر هڪ زندھه رهڻ جي ڏُکائيندڙ جنگ بڻجي ويو آهي.

آبادگار هر سال اُميد سان فصل جي پوکائي ڪري ٿو، پر هر سال مايوسيءَ سان لڻائي ڪري ٿو. سنڌ سرڪار طرفان جڏهن 3500 رپيا في مڻ وصولي اگهه جو اعلان ٿيو، ته آبادگارن ۾ هڪ هلڪي اُميد پيدا ٿي. پر اُها اُميد جلد ئي ٽٽي وئي، جڏهن شرطون سامهون آيون ته صرف اُهي آبادگار ڪڻڪ وڪڻي سگهندا، جن وٽ هاري ڪارڊ يا سرڪاري سبسڊي جي رجسٽريشن هوندي. سنڌ جي ڳوٺن ۾ هزارين اهڙا ننڍا ۽ غريب آبادگار آهن، جيڪي زمين سان جڙيل آهن، پر سرڪاري نظام کان ٻاهر آهن. اُنهن لاءِ اُهو فيصلو هڪ نئين ناانصافي بڻجي ويو آهي. اصل مسئلو صرف اگهه جو ناهي، پر هڪ اهڙي نظام جو آهي جيڪو زمين جي حقيقتن کان ڪٽيل آهي. پاليسيون جڏهن زمين کان پري ٺهن ٿيون، تڏهن زمين تي رهندڙ انسان هميشه نظرانداز ٿي وڃن ٿا. آبادگار، جيڪو هِن مُلڪ جي خوراڪ جو بُنياد آهي، اُهو ئي سڀ کان وڌيڪَ غير محفوظ بڻجي چُڪو آهي. هو فصل پيدا ڪري ٿو، پر کيس تحفظ نٿو ملي. هو فصل پوکي ٿو، پر کيس انصاف نٿو ملي. هو جيئي ٿو، پر سندس زندگي جون خوشيون، اُميدون، احساس، جذبا، محنت ۽ ٻچن جو مستقبل مسلسل قرضن جي بار هيٺ دٻجي وڃي ٿو.

هيءَ صُورتحال صرف اقتصادي بُحران نه آهي، پر هڪ گهرو سماجي زوال جو اشارو آهي. جڏهن هڪ سماج پَنهنجي محنت ڪندڙ طبقي کي وساري ڇڏي، تڏهن اُن سماج جا بُنياد ڪمزور ٿيڻ شروع ٿي وڃن ٿا. اڄ شهرن ۾ اٽو سولائيءَ سان ملي ٿو، پر اُن اٽي جي پويان جو لڪل درد کي ڪو محسوس نٿو ڪري. هر ماني جيڪا ميز ۽ کٽ تي اچي ٿي، اُن جي پويان ڪنهن هاري جي اُوجاڳا، ڪنهن جا ٿڪَ، ڪنهن جي قرباني ۽ ڪنهن جو ٽٽل خواب لڪل آهن. آبادگار جي نفسيات به هاڻي زخمي ٿي چُڪي آهي. هو اِن اُميد تي هر سال ساڳيو خواب ڏسي ٿو شايد هِن سال انصاف ملندو، شايد هِن سال محنت جو صلو ملندو، شايد هِن سال زندگي ۾ سڪون اِيندو. پر هر سال اُهو خواب ٽٽي وڃي ٿو، هر سال اُهو خواب مٽيءَ ۾ دفن ٿي وڃي ٿو. سندس اُميدون هر موسم سان وڌن ٿيون، پر حقيقتون هر موسم ۾ کيس وڌيڪَ زخمي ڪن ٿيون. هي رُڳو فرد جو درد نه آهي، پر هڪ سَڄي سماج جو بُحران آهي. جڏهن محنت ڪندڙ طبقو مايوس ٿي وڃي، سماج جو ڍانچو اندر کان ڪمزور ٿيڻ شروع ٿي وڃي ٿو. جيڪڏهن آبادگار کي مسلسل نظرانداز ڪيو ويو، ته اُهو ڏينهن پري ناهي جڏهن زمينون ويران ٿي وينديون، ۽ زرعي نظام هڪ وڏي تباهيءَ جو شڪار ٿي ويندو.

ضرورت اُن ڳالهه جي آهي ته زرعي پاليسيون زمين جي حقيقتن مطابق ٺاهيون وڃن. ڀاڻ، ٻج ۽ ٻين زرعي ضرورتن تي سخت ڪنٽرول ڪيو وڃي. وچولين جي اجاره داري ختم ڪئي وڃي، ۽ آبادگار کي سڌي طرح پَنهنجي محنت جو حق ڏياريو وڃي. جيئن هر آبادگار کي برابريءَ سان سرڪاري سهولتون ۽ وصولي اگهه جو فائدو ملي سگهي، بغير ڪنهن اهڙي شرط جي جيڪا سندس محنت جي راهه ۾ ڀت بڻجي بيهي رهي آهي، ڇو ته جيڪو انسان پَنهنجي پگهر سان زمين کي جيئرو رکي ٿو، اُن جي حق کي دروازن، ڪاغذن ۽ بندشن ۾ قيد ڪرڻ، سندس اُميدن کي آهستي آهستي ماري ڇڏڻ برابر آهي. ۽ اُميدن جي مرڻ سان ئي ڌرتيءَ جي ساهه ۾ به ٿڪاوٽ لهڻ لڳي ٿي. پر اُن کان به وڌيڪَ اهم ڳالهه اُها آهي ته سماج پَنهنجو رويو تبديل ڪري آبادگار کي صرف هڪ مزدور نه، پر هڪ محسن سمجهڻ جي ضرورت آهي. ڇو ته جيڪڏهن هو نه هوندو، ته اسان جي ميز ۽ کٽ تي ماني به نه هوندي، ۽ اسان جي زندگي به نه هوندي. سنڌ جو آبادگار اڄ به سُڏڪا ڀري روئي پَنهنجي پالڻھار زمين سان ڳالهيون ڪري ٿو ڪڏهن اُميد ۾، ڪڏهن صبر ۾، ڪڏهن خاموش درد ۾. سندس هٿ ٿڪل آهن، پر سندس ارادو اَڃا زندھه آهي. پر جيڪڏهن سندس صبر کي مسلسل آزمائيو ويو، ته اُهو صبر هڪ ڏينهن سوال بڻجي سگهي ٿو، ۽ اُهو سوال سَڄي سماج کان جواب گهري سگهي ٿو. زمين اڄ به زرخيز آهي، امڪان اڄ به موجود آهن، پر سڀ کان وڏي ضرورت انصاف جي آهي. جيڪڏهن انصاف نه مليو، ته پوءِ زمين هوندي پر فصل نه هوندا، ماڻهو هوندا پر ماني نه هوندي، ۽ سَڀ کان ڏُکائيندڙ ڳالهه اُها هوندي ته اُميد هوندي، پر جيئڻ جو حوصلو نه هوندو. هيءَ ڌرتي اڄ به سُڏڪا ڀري روئي سڏي رهي آهي خاموشيءَ سان، درد سان، ۽ هڪ اهڙي فرياد سان جيڪا هر موسم ۾ وڌيڪَ تيز ٿيندي پئي وڃي. ۽ اُهو سڏ جيڪڏهن اڄ به نه ٻُڌو ويو، ته سڀاڻي شايد صرف ويران زمين، خالي هٿ، ۽ ٽٽل اُميدون رهجي وينديون. ۽ پوءِ تاريخ صرف اُهو لکندي ته هڪ ڌرتي هئي، جيڪا سڀني کي کارائيندي رهي، پر پَنهنجا ٻچا بُکَ ۾ مرڻ ڏانهن ڇڏي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.