سنڌ جي تعليمي نظام ۾ ڪاپي جو لاڙو هڪ اهڙو ناسور بڻجي ويو آهي، جيڪو نه رڳو شاگردن جي علمي معيار کي متاثر ڪري رهيو آهي، پر سڄي سماج جي اخلاقي بنيادن کي به ڪمزور ڪري رهيو آهي۔ تعليم جو بنيادي مقصد علم، فهم، ۽ تنقيدي سوچ پيدا ڪرڻ هوندو آهي، پر جڏهن امتحان صرف نمبر حاصل ڪرڻ جو ذريعو بڻجي وڃي ۽ ان لاءِ ڪاپي ڪرڻ هڪ عام عمل بڻجي وڃي، تڏهن تعليم پنهنجي اصل روح وڃائي ويهندي آهي۔ سنڌ ۾ خاص طور تي بورڊ امتحانن دوران ٿيندڙ ڪاپي هڪ وڏي چيلينج جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي، جنهن جا اثر نه صرف تعليمي ادارن تائين محدود آهن، پر سماجي، معاشي ۽ قومي ترقي تي به پون ٿا۔
ڪاپي جا سبب گهڻ رخي آهن۔ سڀ کان پهريون سبب تعليمي نظام جي ڪمزوري آهي، جتي نصاب پراڻو، غير لاڳاپيل ۽ رٽو تي ٻڌل آهي۔ شاگردن کي سمجھ بدران ياد ڪرڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو، جنهن ڪري هو اصل علم حاصل ڪرڻ کان لاچار رهن ٿا۔ competence based curriculum جي کوٽ سبب شاگردن ۾ عملي مهارتون، تجزياتي سوچ ۽ مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت پيدا نٿي ٿئي۔ assessment criteria به گهڻو ڪري اهڙو آهي جيڪو صرف يادگيري کي ماپي ٿو، نه ته سمجھ ۽ قابليت کي، جنهن ڪري شاگرد ڪاپي کي هڪ آسان رستو سمجهن ٿا۔
ان سان گڏ هڪ اهم سوال به اڀري ٿو ته عملي امتحانن ۽ حقيقي سکيا کي ڇو نظرانداز ڪيو پيو وڃي۔ سنڌ جي گهڻن تعليمي ادارن ۾ practical exams رڳو رسمي ڪارروائي بڻيل آهن يا انهن کي سنجيدگي سان نه ورتو وڃي ٿو۔ ليبارٽريز ۾ جديد سامان جي کوٽ، استادن جي تربيت جي گهٽتائي ۽ نگراني جي ڪمزوري سبب شاگردن کي عملي سکيا نٿي ملي۔ نتيجي طور سڄو زور رٽو ۽ لکڻ تي اچي وڃي ٿو، جنهن ڪري cramming culture وڌي ٿو۔ جڏهن شاگرد کي تجرباتي سکيا، سائنس ليب يا حقيقي مشق جو موقعو نه ملندو، تڏهن هو صرف ڪتابي جواب ياد ڪندو ۽ امتحان ۾ ڪاپي ڪرڻ کي آسان سمجهندو۔ ان صورتحال ۾ ليبارٽريز جي نئين سر تعمير، جديد اوزارن جي فراهمي ۽ عملي سرگرمين کي لازمي بڻائڻ انتهائي ضروري آهي۔ ساڳي طرح روايتي تدريس کي ڇڏي smart classrooms جو تعارف ڪرائڻ گهرجي، جتي ٽيڪنالاجي، ملٽي ميڊيا ۽ interactive learning ذريعي شاگردن ۾ دلچسپي پيدا ڪئي وڃي۔
استادن جي تدريس جو طريقو به هن مسئلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو۔ ڪيترائي استاد اڃا تائين پراڻن طريقن تي ڀاڙين ٿا ۽ شاگردن کي مفهوم تي ٻڌل سکيا فراهم نٿا ڪن۔ هتي هڪ انتهائي اهم پهلو استادن جي تربيت جو آهي، جتي جديد دور مطابق Teacher Training Models جهڙوڪ Training of Trainers (TOT) کي متعارف ڪرائڻ جي سخت ضرورت آهي۔ جيڪڏهن استادن کي جديد تدريسي طريقن، ٽيڪنالاجي جي استعمال، شاگرد مرڪوز سکيا ۽ تنقيدي سوچ کي هٿي ڏيڻ بابت باقاعده تربيت ڏني وڃي، ته هو شاگردن کي بهتر نموني سکائي سگهن ٿا۔ والدين ۽ سماج جو دٻاءُ به هڪ وڏو سبب آهي، جتي نمبرن کي علم کان وڌيڪ اهميت ڏني وڃي ٿي۔ والدين جو فعال ڪردار انتهائي اهم آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن والدين ٻارن ۾ ايمانداري، محنت ۽ سکيا جي اهميت پيدا ڪن ته ڪاپي جي رجحان ۾ نمايان گهٽتائي اچي سگهي ٿي۔
سنڌ ۾ ڪاپي لاڙي کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪامي جو وڏو سبب ارادي جي کوٽ ۽ انتظامي ڪمزوري آهي۔ امتحاني سينٽرن تي بااثر ماڻهن جي مداخلت، نگران عملي جي غير سنجيدگي ۽ قانوني ڪارروائي جي کوٽ هن مسئلي کي وڌائين ٿا۔ strict vigilance جي کوٽ سبب امتحانن ۾ شفافيت متاثر ٿئي ٿي، ۽ جڏهن نگراني ڪمزور هجي، تڏهن ڪاپي هڪ عام ڳالهه بڻجي وڃي ٿي۔
هتي هڪ اهم ۽ سڌي سوال پڻ اڀري ٿو: جڏهن چونڊن جو سڄو نظام هڪ يا ٻن ڏينهن ۾ شفاف نموني هلائي سگهجي ٿو، جڏهن CSS جهڙا انتهائي مقابلي وارا امتحان بنا ڪاپي جي منعقد ٿين ٿا، جڏهن يونيورسٽي امتحانن ۾ به ڪاپي تي ڪنٽرول ممڪن آهي، ۽ جڏهن شاگرد عالمي اسڪالرشپس به ايمانداري سان حاصل ڪن ٿا، ته پوءِ نائين کان ايف ايس سي تائين بورڊ امتحانن ۾ ڪاپي ڇو نٿي روڪي سگهجي؟ هي حقيقت ظاهر ڪري ٿي ته مسئلو ناممڪن نه پر انتظامي ڪمزوري، ارادي جي کوٽ ۽ نظام جي ناڪامي آهي۔ ان ڪري exam center mapping کي لازمي بڻائڻ گهرجي ته جيئن شاگردن کي غير جانبدار ۽ ڪنٽرول ٿيل سينٽرن تي ويهاريو وڃي ۽ مقامي اثر ختم ڪيو وڃي۔ ساڳي وقت، اهو وقت اچي ويو آهي ته Board of Secondary Education جي پوري ميڪنزم کي نئين سر ڏٺو وڃي ۽ merit based appointments ذريعي قابل، ايماندار ۽ پيشه ور ماڻهن کي اڳيان آندو وڃي۔
تعليمي بورڊن جو ڪردار انتهائي اهم آهي، پر ڪيترن هنڌن تي شفافيت ۽ ميرٽ جي کوٽ نظر اچي ٿي۔ جيڪڏهن assessment criteria کي جديد بڻايو وڃي، competence based curriculum لاڳو ڪيو وڃي ۽ سوالنامي کي سمجهھ ۽ تجزئي تي ٻڌل بڻايو وڃي، ته شاگردن کي اصل سکيا طرف راغب ڪري سگهجي ٿو۔ شاگردن جي تعليم ۾ دلچسپي گهٽجڻ به ڪاپي ڪلچر جو وڏو سبب آهي۔ جڏهن پڙهائي غير لاڳاپيل ۽ بورنگ هجي، تڏهن شاگرد ڪاپي کي آسان رستو سمجهن ٿا۔ دلچسپي پيدا ڪرڻ لاءِ عملي سرگرميون، ٽيڪنالاجي، smart classrooms ۽ interactive teaching ضروري آهن۔
ڪاپي جو رجحان نوجوانن جي صلاحيتن کي سخت نقصان پهچائي ٿو۔ اهڙا شاگرد پنهنجي خود اعتمادي، تجزياتي سوچ ۽ مقابلي جي سگهه وڃائي ويهندا آهن، جنهن سبب اهي CSS، PMS ۽ PCS جهڙن مقابلي وارن امتحانن ۾ ناڪام ٿين ٿا۔ بين الاقوامي سطح تي به اهي شاگرد اسڪالرشپس حاصل ڪرڻ کان محروم رهن ٿا، ڇو ته عالمي معيار تي علم، تحقيق ۽ مهارت کي اهميت ڏني وڃي ٿي۔ جيڪڏهن هي ڪاپي ڪلچر اهڙيءَ طرح جاري رهيو ته اهو وقت پري ناهي جڏهن سنڌ جو ڪو به شاگرد نه وفاقي سطح تي مؤثر نمائندگي ڪري سگهندو ۽ نه ئي بين الاقوامي برادري ۾ پنهنجو مقام ٺاهي سگهندو، جيڪا انتهائي ڳڻتي جوڳي صورتحال هوندي۔
سنڌ حڪومت طرفان وقت بوقت ڪاپي خلاف قدمن جا اعلان ڪيا ويا آهن ۽ اعليٰ سطح تي گڏجاڻين ۽ وزيرن جي ڪانفرنسن ۾ به هن مسئلي تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي آهي، پر اصل امتحان عملدرآمد جو آهي۔ حڪومت کي گهرجي ته هو صرف بيانن تائين محدود نه رهي، پر تعليمي سڌارن، استادن جي تربيت، ليبارٽريز جي بهتري، smart classrooms جي قيام، exam center mapping ۽ سخت نگراني کي يقيني بڻائي۔
ڪاپي لاڙي کي ختم ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته امتحاني نگراني جو مضبوط نظام قائم ڪيو وڃي ۽ strict vigilance کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن امتحان دوران ڪنهن به قسم جي بي ضابطگي جي گنجائش نه رهي۔ CCTV ۽ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪري شفافيت وڌائي وڃي۔ سوالنامي ۾ سمجھ تي ٻڌل تبديلي آندي وڃي ۽ سخت قانون ۽ سزا جو نفاذ ڪيو وڃي۔ استادن کي پنهنجي اخلاقي ۽ تعليمي ذميوارين جو احساس ڏياريو وڃي ۽ پيپر ليڪ روڪڻ لاءِ موثر قدم کنيا وڃن۔
شاگردن جي اخلاقي تربيت کي فروغ ڏنو وڃي ۽ والدين کي به پنهنجي ذميواري نڀائڻ لاءِ آگاهه ڪيو وڃي۔ امتحاني سينٽرن جي رشنلائيزيشن ڪئي وڃي، ٻاهرين مداخلت ختم ڪئي وڃي ۽ Zero Tolerance سينٽر قائم ڪيا وڃن۔ ڊجيٽل ۽ MCQ بيسڊ امتحاني نظام متعارف ڪرايو وڃي، بورڊ عملي جي جوابدهي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ شفاف شڪايت نظام قائم ڪيو وڃي۔
تعليم ۾ Learning Outcomes تي زور ڏنو وڃي، competence based curriculum کي مڪمل طور لاڳو ڪيو وڃي ۽ Honor System کي هٿي ڏني وڃي۔ تدريسي نظام کي جديد بڻايو وڃي، ليبارٽريز کي اپڊيٽ ڪيو وڃي، smart classrooms قائم ڪيا وڃن، ۽ Teacher Training Models جهڙوڪ Training of Trainers (TOT) کي مضبوط بڻايو وڃي ته جيئن استاد جديد دور جي تقاضائن مطابق تدريس ڪري سگهن۔ استاد ۽ شاگرد جي وچ ۾ مضبوط تعلق پيدا ڪيو وڃي ته جيئن شاگرد اعتماد سان سکڻ طرف مائل ٿين۔
استادن جو ڪردار هن سڄي بحث جو مرڪز ۽ بنياد آهي، ڇو ته تعليمي نظام ۾ ايمانداري، محنت ۽ اصولن جي پاسداري جو پهريون درس استاد ئي ڏئي ٿو. جيڪڏهن استاد پنهنجي پيشاور ذميوارين کي سنجيدگي سان نڀائي، نقل جي رجحان کي واضح طور رد ڪري ۽ امتحاني عمل کي شفاف بڻائڻ لاءِ سخت قدم کڻي، ته ڪاپي ڪلچر کي بنيادي سطح تي روڪي سگهجي ٿو. حقيقت ۾ شاگردن جو رويو گهڻو ڪري استاد جي رهنمائي، نگراني ۽ اخلاقي تربيت جو عڪس هوندو آهي؛ تنهن ڪري استاد جو فرض صرف پڙهائڻ تائين محدود ناهي، پر هڪ اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ به آهي جتي ايمانداري کي همٿايو وڃي ۽ نقل کي سماجي ۽ اخلاقي طور ناقابلِ قبول بڻايو وڃي. جيڪڏهن استاد پنهنجو ڪردار ايمانداري، جرئت ۽ مستقل مزاجي سان ادا ڪن، ته سنڌ مان ڪاپي ڪلچر جو خاتمو ڪا ڏکي ڳالهه نه رهندي، بلڪه هڪ ممڪن ۽ حاصل لائق هدف بڻجي سگهي ٿو۔
آخرڪار اهو واضح آهي ته ڪاپي لاڙو صرف تعليمي مسئلو نه پر هڪ سماجي، اخلاقي ۽ قومي مسئلو آهي۔ جيڪڏهن سنڌ کي ترقي جي راهه تي آڻڻو آهي ته هن ناسور کي ختم ڪرڻ لازمي آهي۔ ان لاءِ حڪومت، تعليمي ادارن، استادن، والدين ۽ شاگردن سڀني کي گڏجي سنجيده قدم کڻڻا پوندا، ڇو ته بغير ايماندار، عملي ۽ جديد تعليم جي نه ته هڪ مضبوط فرد ٺهي سگهي ٿو ۽ نه ئي هڪ مضبوط قوم، ۽ نه ئي سنڌ وفاقي ۽ عالمي سطح تي پنهنجي حقيقي مقام حاصل ڪري سگهي ٿي۔