بيمار صحافي عبداش پنهور جي مالڪي ڪريو

مختيار علي

سنڌ جي علمي، ادبي ۽ صحافتي تاريخ ۾ ڪجهه نالا اهڙا هوندا آهن، جيڪي هڪ الڳ سڃاڻپ جوڙي وٺندا آهن. اهي ماڻهو پنهنجي فڪر، اصولن ۽ خودداريءَ جي ڪري زماني کان مٿانهون مقام حاصل ڪري وٺندا آهن. اهڙن ئي نالن ۾ هڪ نالو سينئر صحافي، اديب ۽ کاٻي ڌر سان سلهاڙيل ساٿي عبداش پنهور به آهي. عبداش پنهور ڪنهن به تعارف جو محتاج ناهي. هن نه رڳو صحافت جي ميدان ۾ پنهنجو مقام ٺاهيو، پر ادبي دنيا ۾ به پنهنجي فڪر ۽ قلم ذريعي هڪ سڃاڻپ قائم ڪئي. هن پنهنجي قلم کي ڪڏهن به ذاتي مفادن لاءِ استعمال نه ڪيو، بلڪه هميشه ان کي مظلومن، پورهيتن ۽ عام ماڻهن جي حقن لاءِ استعمال ڪيو. عبداش پنهور جي سياسي شعور جي شروعات ننڍپڻ کان ٿي. هن ٻارڙا سنگت جهڙي ترقي پسند پليٽفارم تان سياست جي شروعات ڪئي، جتي هن سماجي برابري، انساني حقن ۽ انصاف جي قدرن کي سمجهيو. اهو ئي سبب آهي جو هو سڄي عمر کاٻي ڌر جي سياست سان سلهاڙيل رهيو. هن لاءِ سياست ڪو اقتدار حاصل ڪرڻ جو ذريعو نه هئي، پر اها هڪ اهڙي جدوجهد هئي جنهن جو مقصد سماج ۾ انصاف، برابري ۽ شعور پيدا ڪرڻ هو.

اڄ جي دور ۾ جڏهن سياست گهڻو ڪري ذاتي مفادن، مفاهمتن ۽ موقعا پرستيءَ جي ور چڙهيل آهي، عبداش پنهور جهڙا ماڻهو هڪ الڳ مثال پيش ڪن ٿا. هن ڪڏهن به ڪنهن نانيءَ ويڙهي يا طاقتور گروهه جو سهارو نه ورتو. هن پنهنجي زندگيءَ ۾ نه ڪا سرڪاري مراعت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، نه ئي ڪنهن سياسي يا مالي فائدن لاءِ پنهنجا اصول وڪرو ڪيا. هن سڄي عمر خودداريءَ سان گذاري، جيڪا اڄ ناياب چڪي آهي. صحافت جي ميدان ۾ عبداش پنهور جو ڪردار انتهائي اهم رهيو آهي. هن پنهنجي رپورٽنگ ۽ ڪالمن ذريعي هميشه سچ کي ترجيح ڏني، هن جاگيردارن جي ڪرتوتن ۽ ناانصافين کي وائکو ڪيو.

ادبي ميدان ۾ به عبداش پنهور جو ڪردار قابلِ ذڪر آهي. سندس لکڻين ۾ سنڌي سماج جي مسئلن، ثقافتي قدرن ۽ سياسي حالتن جو گهرو جائزو ملندو آهي. هن پنهنجي تخليقن ذريعي نه رڳو حالتن جي عڪاسي ڪئي، پر ماڻهن کي سوچڻ تي مجبور به ڪيو. سندس انداز سادو، پر اثرائتو هو اهو انداز جيڪو سڌو دل تائين پهچيو وڃي. پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اهڙي شخصيت، جنهن پنهنجي سڄي زندگي سماج لاءِ وقف ڪئي، اڄ جڏهن بيماريءَ جي ور چڙهيل آهي، تڏهن هو بنيادي علاج جي سهولتن کان به محروم آهي. اها صورتحال نه رڳو افسوسناڪ آهي، ڇا اسان جو سماج ۽ اسان جا ادارا ايترا بيحس ٿي چڪا آهن، جو اهي پنهنجن محسنن کي به وساري ويهن ٿا؟

سرڪاري ادارن، خاص طور تي ثقافت، اطلاعات ۽ سماجي ڀلائي وارن کاتن جي ذميواري هئي ته هو عبداش پنهور جي مدد ڪن . پر عملي طور تي جيڪو ڪجهه نظر اچي رهيو آهي، اهو مڪمل بيحسيءَ جو عڪس آهي. وڏيون وڏيون دعوائون، ادبي ڪانفرنسون، ثقافتي ميلا ۽ تقريبون ته ٿين ٿيون، پر جڏهن ڪنهن اهل قلم کي عملي مدد جي ضرورت پوي ٿي، تڏهن اهي ادارا خاموش ٿي وڃن ٿا. هي رڳو عبداش پنهور جو مسئلو ناهي. پر سنڌ ۾ ڪيترائي اهڙا اديب، شاعر ۽ صحافي آهن، جيڪي پنهنجي زندگيءَ جي آخري دور ۾ مالي مشڪلاتن ۽ بيمارين سان وڙهي رهيا آهن. انهن لاءِ نه ڪو موثر نظام موجود آهي، نه ئي ڪو مستقل فنڊ، جيڪو انهن جي مدد ڪري سگهي. نتيجي طور اهي ماڻهو، جيڪي سڄي عمر سماج کي شعور ڏيندا رهيا، پاڻ بي يار و مددگار ٿي وڃن ٿا. اسان جي معاشري ۾ فن ۽ فڪر جي ماڻهن کي انهن جي زندگيءَ ۾ اهو مقام نٿو ڏنو وڃي، جنهن جا هو حقدار هوندا آهن. جڏهن اهي ماڻهو دنيا مان هليا  ويندا اهن ته تڏهن سندن واکاڻ جا دهل وڄايا وڃن ٿا، پر جيئري کين نظرانداز ڪيو ويندو آهي جيئن  عبداش پنهور ۽ ذوالفقار راڄپر  کي نظر انداز ڪيو  پيو وڃي. ذوالفقار راڄپر پڻ ڪافي عرصي کان جگر جي  مرض ۾ مبتلا آهي، جنهن جي بيماري مناسب علاج نه ٿيڻ سبب خطرناڪ رخ اختيار ڪري رهي آهي، جنهن سينئر صحافي ۽ اديب ذوالفقار راڄپر کي نهوڙي صفا هيڻو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب پنڌ هلندي ڪري پوندو آهي.

سنڌ حڪومت کي گهرجي ته هو فوري طور تي عبداش پنهور جي علاج لاءِ مالي مدد فراهم ڪري. ان سان گڏ کيس هڪ اهڙو مستقل نظام پڻ قائم ڪرڻ گهرجي، جنهن تحت اديبن، صحافين ۽ فنڪارن جي ڀلائي لاءِ فنڊ موجود هجي، جيئن مستقبل ۾ اهڙيون حالتون پيدا نه ٿين. سماج جي ٻين طبقن کي به پنهنجي ذميواري سمجهڻ گهرجي. ڪاروباري ماڻهن، سماجي تنظيمن ۽ مخير حضرات کي اڳتي اچي اهڙن ماڻهن جي مدد ڪرڻ گهرجي، جيڪي پنهنجي زندگي سماج لاءِ وقف ڪن ٿا. صحافتي تنظيمن کي به گهرجي ته هو بيمار ۽ بيڪس صحافين جي ڀلائي لاءِ عملي ڪردار ادا ڪن، عبداش پنهور جي زندگي اسان لاءِ هڪ سبق آهي. اصولن تي قائم رهڻ جو، خودداريءَ سان جيئڻ جو ۽ سچ لاءِ وڙهڻ جو. پر ساڳئي وقت سندس موجوده حالت اسان لاءِ هڪ سوال به آهي ته ڇا اسان اهڙن ماڻهن جي قدر ڪرڻ ڪڏهن سکنداسين؟

جيڪڏهن اسان پنهنجي روين ۾ تبديلي نه آندي ته اسان وٽ اهڙا ماڻهو ئي نه رهندا، جيڪي سماج کي سچ جو آئينو ڏيکارين. عبداش پنهور جهڙا ماڻهو قومن جو سرمايو هوندا آهن ۽ جيڪڏهن اسان پنهنجي سرمايي کي ئي سنڀالي نه سگهنداسين، ته پوءِ اسان جي مستقبل جو تصور به ڌنڌلو ٿي ويندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.