عالمي بحرانن جو بار رڳو غريب عوام تي ڇو؟

اختر چنو

ڪنھن به ملڪ جي ترقيءَ جي لاءِ جمهوري سسٽم تمام ضروري آهي. باقي ٻيون شيون يعني عدليا، انتظامي ڍانچو پاڻ مرادو ٺيڪ ٿي وينديون آهن. معاشي ، سائنسي ترقي ۽ امن امان جي بهتر صورتحال جي ضامن به جهموريت آهي. جيڪڏهن ڪنهن به ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام ۽ افراتفري واري صورتحال هوندي ته ان ملڪ ۾ ڪوبه پرڏيهي سيڙپڪار پنهنجو سرمايو ڪونه لڳائيندو

گذريل فيبروري جي آخر ۾ اسرائيل ۽ آمريڪا ايران تي حملا شروع ڪري جنگ جو آغاز ڪيو! ايران جي اهم سياسي ۽ فوجي قيادت کي ٽارگيٽ ڪري شهيد ڪري ڇڏيو، نه رڳو ايترو پر عام آبادي ۽ ڇوڪرين جي اسڪول تي به ميزائل حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ 180 ٻارڙيون شهيد ٿي ويون ۽ ڪيتريون ئي زخمي پڻ ٿيون هيون. اهو سڀ ڪجهه آمريڪا ۽ اسرائيل ايران ۾ رجيم چينج لاءِ ڪري رهيا هئا / آهن. بهتر ائين ٿئي ها ته جيڪڏھن آمريڪا ايران ۾ رجيم چينج ڪري ها ته سڀ کان پهرين ايراني جلاوطن اڳواڻ رضا شاهه پهلوي جي حق ۾ ماحول ٺاهين ها هو پاڻ اتي وڃي ماڻهن کي مخاطب ٿئي ها پر ائين بلڪل به ڪونه ٿيو.

اسرائيل ۽ آمريڪا جي حملن وڌيڪ ايران جي موجوده قيادت جي حق ۾ ماحول ٺاهيو. ايران اسرائيل جي شهرن تي جوابي حملن ڪرڻ سان گڏوگڏ گلف ملڪن ۾ آمريڪا جي فوجي اڏن / ٺڪاڻن تي پڻ حملا شروع ڪري ڇڏيا. آبائي هرمس جتان تيل جا جهاز گذرندا آهن ان کي ايراني نيوي مڪمل طور تي پنهنجي ڪنٽرول هيٺ آڻي ڇڏيو ۽ ڪنهن به تيل سان ڀريل جهاز کي گذرڻ ڪونه پئي ڏنو. سڄي ايشيا جي ملڪن سميت دنيا ۾ توانائي بحران جنم ورتو. هي جنگ سڌي طرح اسرائيل، آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ آهي پر ان جو سيڪ گهڻن ملڪن تائين پهچي چڪو آهي. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن تيل جون قيمتون وڌائڻ شروع ڪيون، اسان جي حڪومت پڻ تيل جون قيمتون تمام گهڻيون واڌايون هاڻي پيٽرول ۽ ڊيزل جو اگھه لڳ ڀڳ 400 روپين جي ويجهو پهچي چڪو آهي. تيل جون قيمتون وڌڻ شرط ئي مهانگائي جو هڪڙو نئون طوفان آيو آهي جنھن وچولي طبقي جي چيلهھ ڀڃي ڇڏي آهي ۽ غريب ماڻهن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي. شهباز حڪومت جي اهڙين پاليسين تي تمام گهڻي تنقيد ٿي رهي آهي.

جيڪڏهن حڪومت کي تيل جي اگهن ۾ اضافو ڪرڻو هو ته شهباز شريف پاڻ يا هن حڪومت جو ڪو اهم ماڻهو ميڊيا تي اچي قوم کي اعتماد ۾ وٺي پوءِ  قيمتون وڌائين ها ته بهتر ٿئي ها پر هن حڪومت رات جي اونداهي ۾ ڄڻ ته پيٽرول بم هنيو آهي ماڻهن تي اهو به هڪ نه پر جنگ جي دوران ٽي ڀيرا. جيڪڏهن ائين ٿئي ته حڪومت تيل مهانگو ڪري بجلي، گيس ۽ هٿرادو مهانگيو ڪيل شين تي ڪنٽرول ڪري ته ڪنهن حد تائين غريب ماڻهن کي رليف ملي سگهي ٿو. هتي عوام ٻٽي عذاب ۾ مبتلا آهي، ڪروڙين نوجوان بيروزگار آهن ماڻهن جي قوت خريداري گهٽجي وئي آهي، هن حڪومت جي ٻن سالن جي دور ۾ الائي جي ڪيترو قرض ورتو ويو آهي. اهو قرض ڪٿي ۽ ڪيئن خرچ ٿو ٿئ، تنهن جي ڪا خبر ناهي.

ملڪ انيڪ مسئلن جي ور چڙهيل آهي، ماڻهن کي صاف پاڻي ميسر ناهي. بجليءَ جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جاري آهي. وڏا شهر به اونداهين ۾ ٻڏل آهن. جيڪڏهن آمريڪا، برطانيا ۽ ٻين خوشحال ملڪن ۾ تيل جون قيمتون وڌيون آهن ته اتي جا ماڻهو خوشحال آهن اهي موجوده مهانگائي وارو بار برداشت ڪري ويندا. اسان جي ملڪ ۾ ڪروڙين ماڻهو غربت سبب بکن ۽ بيمارين وگهي مري ويندا. هي ملڪ رڳو اشرافيه ۽ ايليٽ ڪلاس جي لاءِ ناهي ٺهيو. غريب ماڻهن کان وات جو نه کسيو. مهانگائي، بيمارين ۽ غربت کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت کي غريب ماڻهن کي صحت ڪارڊ ۽ راشن ڪارڊ جاري ڪرڻ گهرجن.

ايران، آمريڪا – اسرائيل جنگ کي گهٽائڻ لاءِ پاڪستان جي ميزباني هيٺ ڳالهين جو پھريون دور اسلام آباد ۾ ٿي گذريو. جيڪو بنا ڪنهن نتيجي تي پهچڻ جي ختم ٿي ويو. ڌرين اهو چيو ته اڳتي ڳالهيون جاري رهنديون، جيستائين ڪو مثبت حل نٿو نڪري. دنيا جو ڪو به ماڻهو جنگ نٿو چاهي ڇو ته جنگ معني تباهي آهي. انسان، جانور، پکي پکڻ ايتري قدر جو تاريخي ۽ تهذيبي شهر به تباھ ٿي ويندا آهن. ڳالهين جي ٻئي دور لاءِ پڻ ڪوششون جاري آهن

. ايران پاران آبنائي هرمس تڏھن کوليو ويندو جڏهن کيس پڪي ضمانت ملندي. آمريڪا ۽ اسرائيل جا پنهنجا مفاد ۽ ڳالهيون آهن. مڪمل جنگ بندي تڏھن ٿيندي ايران ۽ آمريڪا هڪ ٻئي سان سهمت ٿيندا. جنگ جا ڪارا ڪڪر اڃان تائين به ڇانيل آهن. جيڪڏھن ٻئي ملڪ راضي ٿين ٿا تڏهن به دنيا کي نارمل ٿيڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال لڳندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.